افغانستان ۾ نيٽو فورسز طرفان اختيارن جي منتقلي، طالبان جا حملا ۽ افغان فورسز!

بلال سروري

افغانستان ۾ نيٽو فورسز طرفان افغان فورسزکي اختيارن جي منتقليءَ جو عمل هڪ مهيني کان جاري آهي.مهترلام ملڪ جو اهو پهريون علائقو آهي جتي نيٽو فوج افغان فورسز کي اختيارن جي منتقلي جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي.مهترلام جو علائقو هاڻ مڪمل طور تي افغان قومي فوج ۽ پوليس جي هٿ ۾ آهي، پر اتي امن برقرار رکڻ  هڪ ڏکيو معاملو آهي ڇو ته اهو علائقو اڃا به تشدد ۽ قتل و غارت جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو. اتي منهنجي پهچڻ کان اڳ شدت پسندن شهر جي وچ ۾ افغان فوج ۽ پوليس جي گڏيل گشتي ٽيم تي حملو ڪيو هو، افغان سيڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ راڪيٽن، گرنيڊ ۽ مشين گنز سان فائرنگ ڪئي وئي، ۽ اها جهڙپ منو ڪلاڪ جاري رهي ۽ پوءِ شدت پسند رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي غائب ٿي ويا، هن جهڙپ ۾ ڪو جاني نقصان ته نه ٿيو پر ان سان مقامي آبادي ۾ امن جي قيام جي اميدن تي پاڻي ڦيرجي ويو. هڪ مقامي شهري ٻڌايو ته جنهن جاءِ تي اها جهڙپ ٿي منهنجو گهر اتي ويجهو ئي آهي ۽ ان وقت گولين جو مينهن وسي رهيو هو، اسين ايترا خوفزده ٿي وياسين جو ٻئي ڏينهن به گهر مان ٻاهر قدم نه رکيو. هڪ ٻئي شهري ٻڌايو ته مهترلام تي حملو ڪري شدت پسند اهو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته هو پنهنجي مرضي سان جڏهن چاهين انهن ستن علائقن ۾ حملو ڪري سگهن ٿا جيڪي نيٽو فورسز افغان فورسز حوالي ڪيا آهن. مهترلام کي ڪابل جو دروازو به چيو ويندو آهي ۽ وڏي جاگرافيائي اهميت رکندڙ هن شهر ۾ گذريل مهيني شدت پسندن هڪ جج، جيل جي محافظ ۽ هڪ مقامي سرڪاري آفيسر کي ماري ڇڏيو هو. مهترلام ۾ اختيارن جي منتقلي جي ڊگهي عمل کي پهرئين قدم طور ڏٺو پيو وڃي ۽ اهو عمل 2014ع تائين مڪمل ٿيندو، جنهن ۾ نيٽو فورسز پنهنجا اختيار افغان فوج ۽ پوليس کي مڪمل طور منتقل ڪري ڇڏينديون. هاڻ مهترلام ۾ ٿيندڙ پيش رفت سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اختيارن جي منتقلي ايتري آسان نه هوندي. جبلن  ۾ وچ ۾ ايندڙ هن  ضلعي کي ملائيندڙ شاهراهن تي شرپسند گاڏين کي روڪي وٺندا آهن، جيڪڏهن توهان موسيقي ٻڌندي پڪڙجي پيا ته هو توهان کي ماريندا ۽ جيڪڏهن اها خبر پئجي وئي ته توهان پوليس يا فوج لاءِ ڪم ڪريو ٿا ته پوءِ توهان ته بلڪل ئي نه بچي سگهندا.  جڏهن ته صوبي لقمان جي اوڀر ۾ صوبو نورستان ۽ ڪنڙ واقع آهن. افغان انٽيليجنس جي هڪ آفيسر ٻڌايو ته شدت پسند نورستان ۽ ڪنڙ مان اچن ٿا حملو ڪن ٿا ۽ پوءِ واپس اتي ئي فرار ٿي وڃن ٿا. افغان فورسز جي اختيارن ۾ ايندڙ علائقن کي نشانو بڻائي شدت پسند اهو ثابت ڪرڻ چاهين ٿا ته افغان فورسز پنهنجي عوام جي حفاظت جي اهل ناهي. انهن علائقن ۾ بدعنواني جي وبا به شدت پسندن جي لاءِ مددگار هوندي آهي، اتي ماڻهو مقامي حڪومت مان بيزار آهن ۽ ان لاءِ هو شدت پسندن کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نٿا ڪن، ڪيترائي ڀيرا ته انهن جي  ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ  انهن سان گڏ شامل به ٿي ويندا آهن. مهترلام جي بازارن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن عدالتي نظام ۾ بدعنواني، ڪمزور حڪمراني ۽ قبائلي سردارن جي نجي فوج جي شڪايت ڪئي. مقامي استاد شاهه جهان جو چوڻ آهي ته اسان کي اولهه جي ملڪن کان تمام گهڻي سهاري جي ضرورت آهي، اسان کي بهتر هٿيار ۽ گاڏيون گهربل آهن جيئن آمريڪين وٽ آهن، اهي  اسان جي پوليس وٽ به هجڻ گهرجن.  بنا شڪ جي ته طالبان وٽ بهتر هٿيار آهن ۽ هو گهڻا منظم آهن پر حڪومت ڇا ڪري، ماڻهو سرڪاري مشنري تي يقين ئي نٿا ڪن. پر صوبي لقمان جي گورنر اقبال عزيزي ان سوچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اسان بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون، مونکي فخر آهي ته اسان جي فورسز آمريڪا جي خاص فورسز وانگر تربيت حاصل ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي طور تي ڪارروائي ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿي. پر اهڙا شهري ان جي آفيس کان گهڻو پري ناهن جيڪي حالتن کان پريشان هجن. هڪ واپاري جو چوڻ آهي ته جڏهن کان مهترلام جو ڪنٽرول افغان فورسز سنڀاليو آهي ته تشدد جي ڪاررواين ۾ به اضافو ٿيو آهي. اسين پراعتماد طريقي سان سيڙپڪاري نٿا ڪري سگهون، لقمان جي ضلعن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر نادر شاهه ڪيترن ئي ماڻهن جي خيالن کي گڏڪندي چيو ته اتي ڪيتريون ئي حڪومتون ڪم ڪري رهيون آهن. طالبان ۽ قبائلي فوج جي ابتڙ  افغان حڪومت گهڻو ڪري پنهنجي آفيسن تائين محدود آهي، منهنجي ضلعي ۾ موسيقي تي پابندي آهي، طالبان ٽيڪس وصول ڪن ٿا جڏهن ته قبائلي فوجي ماڻهن کي حراسان ڪن ٿا. جڏهن ته تازو ئي اختيارين صوبي ۾ هڪ نئون ضلعو قائم ڪيو آهي جنهن جو نالو بدپخ رکيو ويو آهي، بدپخ جي هڪ وڏي عمر جي رهواسي ٻڌايو ته ضلعي گورنر ۽ ٻيا اهلڪار اتي نٿا اچي سگهن.  هڪ شخص ٻڌايو ته منهنجا ٻه پٽ فوج ۾ آهن، طالبان ڳوٺ جي مولوي ذريعي ڌمڪيون ڏنيون ۽ جڏهن مون ڪا توجهه نه ڏني ته انهن منهنجي گهر تي گرنيڊ اڇلايو ۽ مونکي ڳوٺ ڇڏڻو پيو.  مهترلام ۾ هڪ سينيئر پوليس آفيسر چيو ته لاقانونيت کي قابو ڪرڻ لاءِ پوليس اهلڪارن جي تعداد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. مون وٽ ايتري پوليس فورسز ناهي  جو آئون سڄي علائقي کي محفوظ بڻائي سگهان، انهيءَ ڪري هڪ خلا موجود آهي، پر اسين نيون ڀرتيون ڪري رهيا آهيون ۽ انهن کي تربيت به فراهم ڪري رهيا آهيون، ان مسئلي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان کي وقت لڳندو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com