|
ڀارت ۾ ڪرپشن خلاف بک هڙتال ڪندڙ اناهزاري کي عالمي طور مليل
شهرت ۽ من موهن حڪومت تي ٿيندڙ تنقيد!
عبدالخالق شيخ
ڀارت
جي ڪنواري ڪـُراڙي انا هزاري ڪرپشن خلاف بک هڙتال ڇا ڪئي آهي، کيس ڀارت سان گڏ سڄي
دنيا ۾ وڏي شهرت ملي رهي آهي، 74 سالن جي هن پوڙهي شخص کي جڏهن نئين دهلي پوليس
گرفتار ڪيو ته اتان ئي سندس تحريڪ زور ورتو، بالي ووڊ جي ستارن کان وٺي سماجي
اڳواڻن ۽ عام ماڻهن سندس ڀرپور حمايت ڪئي، احمد آباد کان ماڻهن جا ٽولا سندس نئين
دهلي ۾ بک هڙتالي ڪئمپ ۾ به پهچي ويا، نئين دهلي جي رام ليلا ميدان ۾ انا هزاري جي
بک هڙتال کانپوءِ اتي ڄڻ ته ميلو مچي ويو آهي، چئو ڏس نهار ڪبي ته بازار جيان پارڪ
سجيل نظر اچي ٿو، انا هزاري جو مطالبو آهي ته سندس تجويز ڪيل لوڪ پال بل پارليامينٽ
جي ڪاميٽي آڏو پيش ڪيو وڃي، رام ليلا ميدان ۾ ماڻهن جي روزاني وڏي رش هجي ٿي ۽ اتي
”انا جو باورچي خانو“ شروع ٿي ويو آهي ۽ ٻين ڪائونٽرن تي وري ٽوپيون ۽ ٽي شرٽس وڪرو
ڪيون پيون وڃن جن تي انا هزاري جا نالا ۽ فوٽو ڇپيل آهن، اتي ڪيترائي ماڻهو ته ديرو
ڄمائي ويهي رهيا آهن، انا جي باورچيخاني جي ڪيترائي ماڻهو ۽ گروپ توڙي ادارا مدد
ڪري رهيا آهن، ماڻهو پنهنجي طور تي بک مٽائڻ لاءِ کاڌو تيار ڪري رهيا آهن، اتي دال،
چانور ۽ ڀاڄيون پچي رهيون آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو وري ٻاهران کاڌو تيار ڪري اچي اتي
ويٺل ماڻهن ۾ ورهائين ٿا، بک هڙتال تي ته هڪڙو انا هزاري ويٺل آهي پر ٻين کي بک تنگ
ڪري ٿي تنهنڪري کين کاڌي جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، کاڌي جي ڪائونٽر سامهون ماڻهن
جون وڏيون قطارون لڳل هجن ٿيون، شروع ۾ ته اتي هڪ ٻن ماڻهن جي گروپن کاڌو تيار ڪيو
۽ ڏسندي ئي ڏسندي ائين کاڌي جون ديڳون لهڻ لڳيون، جيڪي ماڻهو باورچي خاني جو انتظام
نٿا ڪري سگهن اهي ٻين طريقن سان مدد ڪري رهيا آهن، هڪ ماڻهو اتي ڪيلن جي گاڏي ڀري
آيو ۽ سمورن ماڻهن ۾ ڪيلا ورهايائين، ڪنهن کي اڃ لڳي ٿي ته پاڻي جون ٿيلهيون ۽
بوتلون ورهايون وڃن ٿيون، ٻار ۽ ننڍا وڏا سڀ انهيءَ ڪم ۾ مصروف آهن، ڪو چانورن جي
ٻوري ڏئي وڃي ٿو ته ڪو وري اٽو ۽ گيهه ڏئي ٿو، اتي اهو چيو وڃي ٿو ته انا جي باورچي
خاني جو ذائقو ضرور چکيو. هڪ ماڻهو جي بک هڙتال دوران ان قسم جا انتظام ڪجهه سمجهه
کان ٻاهر آهن، اهو ڪو پاڻمرادو ٿي رهيو آهي يا وري ڪنهن خاص منصوبابندي تحت ڪيو پيو
وڃي؟ انا هزاري جي ٽيم ۾ ٽي اهم ماڻهو آهن جن مان هڪ اروند ڪيجريوال آهي جيڪو انڊين
روينيو سروس جو اڳوڻو اهلڪار آهي ۽ هن ڀارت جي مشهور تعليمي اداري آءِ آءِ ٽي مان
مڪينيڪل
انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، هو دهلي ۾ انڪم
ٽيڪس ۾ ايڊيشنل ڪمشنر به رهيو پر 1995ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين، ٻي ڪرن بيدي آهي
جيڪا ڀارت جي پهرين عورت آءِ پي ايس آفيسر آهي، پوليس جي اعليٰ ترين عهدن تي رهندڙ
اها عورت آفيسر قانون تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور هئي، پرشانت ڀوشن
سپريم ڪورٽ جو ڪامياب وڪيل آهي، هو به انا هزاري جي ٽيم جو ميمبر آهي، سندس والد
شانتي ڀوشن قانون جو اڳوڻو وزير رهي چڪو آهي، انا هزاري جي اها بک هڙتال هڪ سماجي
ڪم سان گڏ اهم اشو بڻجي وئي آهي، انا هزاري ماضي ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا آهن، انهن
ڪمن جي مڃتا عيوض کيس 1990ع ۾ پدماشري ايوارڊ ۽ 1992ع ۾ پدماڀوشن ايوارڊ به ڏنا ويا،
انا هزاري جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي مقصد جي ڪاميابي تائين بک هڙتال جاري رکندو،
جڏهن ته ڀارتي حڪومت کيس ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي پر ان ۾ اڃا ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي.
|