سوڊان ۾ هلندڙ ويڙهه ۽ عارضي جنگبندي جو اعلان

آفريڪي ملڪ سوڊان جي سرحدي رياست ڏکڻ ڪوردفان ۾ هلندڙ ويڙهه جي عارضي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان ٻن هفتن جي جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو آهي، سوڊان کان تازو ڌار ٿي الڳ ملڪ جي حيثيت حاصل ڪندڙ ملڪ ڏکڻ سوڊان جي سرحدي حدن اندر ڏکڻ ڪوردفان جي رياست قائم آهي، جتي نوبان نسل جا ماڻهو رهن ٿا، گذريل ٻن ڏهاڪن کان وٺي ڏکڻ سوڊان ۽ نوبان نسل جا ماڻهو پنهنجي آزاد ملڪ لاءِ ويڙهه ڪري رهيا آهن، هن ويڙهه ۾ ڏکڻ سوڊان جي ماڻهن جي جدوجهد کي ڪاميابي حاصل ٿي وئي آهي، تازو ڏکڻ سوڊان کي ريفرنڊم ذريعي آزاد ملڪ جي حيثيت ملي، جڏهن ته ٻئي پاسي ڏکڻ ڪوردفان ۾ ويڙهه شدت اختيار ڪري وئي آهي، خراب حالتن سبب هن سرحدي رياست مان هلندڙ سال جون کان وٺي 70 هزار ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آهن، سوڊان جي صدر عمر البشر طرفان جنگبندي جو اعلان فقط ٻن هفتن لاءِ ڪيو ويو آهي، اهو اعلان اوچتو ڪيو ويو، صدر عمرالبشر سرڪاري ريڊيو تي خطاب ڪندي چيو ته آئون ٻن هفتن لاءِ هڪطرفي جنگبندي جو اعلان ڪيان ٿو، ڏکڻ سوڊان جي سرحدي رياست ڪوردفان ۾ ويڙهه تڏهن شروع ٿي هئي جڏهن اليڪشن دوران حڪومت تي نوبان نسل جي ماڻهن کي بي هٿيار ڪرڻ ۽ سندن نسل ڪشي ڪرڻ جا الزام هنيا ويا، بعد ۾ گڏيل قومن جي جاري ٿيل رپورٽ ۾ به اها ڳالهه سامهون آئي ته ويڙهه ۾ ٻنهي طرفن کان جنگي ڏوهه ٿيا آهن، نوبان نسل جي ماڻهن جي هنيل الزامن کي سوڊان جي سرڪار سختي سان رد ڪيو آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته نوبان نسل جي ماڻهن جي نسل ڪشي جا الزام بي بنياد آهن، سرڪاري ترجمان موجب سوڊان جي هٿياربند فوج کي رمضان المبارڪ جو مهينو هجڻ ڪري سيز فائر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ٻئي پاسي بي بي سي موجب سوڊان جي گادي واري شهر خرطوم ۾ به سرڪار طرفان صحيح ڄاڻ فراهم نٿي ڪئي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ ڏکڻ ڪوردفان ۾ حالتن جو اندازو لڳائڻ ۽ صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي، ڄاڻايل علائقي ۾ صحافين ۽ پرڏيهي سفيرن کي وڃڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، سوڊان جي صدر عمرالبشر گادي واري شهر جي دوري دوران فقط ٻن هفتن لاءِ جنگبندي جو اعلان ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سوڊان جي صدر عمرالبشر چيو ته پرڏيهي تنظيمن کي ڏکڻ ڪوردفان ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪابه امداد وغيره فقط سوڊان جي مقامي تنظيمن ذريعي ڪوردفان جي ماڻهن کي فراهم ڪئي ويندي، هوڏانهن هڪ سينيئر باغي اڳواڻ عارضي طور جنگبندي کي رد ڪندي چيو آهي ته ان سان سياسي معاملا حل نه ٿيندا، اسان پنهنجا بنيادي حق چاهيون ٿا، تنهنڪري حڪومت طرفان ٻن هفتن جي جنگبندي واري اعلان کي نٿا مڃون، ڏکڻ ڪوردفان ۾ ڪيترائي ماڻهو باغين سان گڏجي جدوجهد ڪري رهيا آهن، هوڏانهن تازو 9 جولاءِ تي آزاد ملڪ جي حيثيت ماڻيندڙ ڏکڻ سوڊان جي نئين اڳواڻ سالواڪير چيو آهي ته اسان عمر البشر سان گڏجي اڳوڻن باغي اڳواڻن جي حقن لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ اسان هر نسل جي ماڻهن کي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻئي طرف نئين قائم ٿيل ملڪ ڏکڻ سوڊان ۾ رهڻ جا ڪيترائي خواهشمند اتر سوڊان ۾ رهجي ويا آهن، اهڙو ئي شخص مڪوال ادول ملڪ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪو پنهنجي شهريت به وڃائي چڪو آهي، ملڪ جو چوڻ آهي ته ڏکڻ سوڊان جي آزادي منهنجي لاءِ ڪجهه مسئلا پيدا ڪيا آهن، هتي اتر سوڊان ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيو آهيان، گاڏين ۾ سفر دوران ماڻهو مونکي چون ٿا ته تنهنجا ڀائر ۽ گهرڀاتي هتان هليا ويا، تون اتي ڇا پيو ڪرين، مطلب ته مختلف طعنيٰ ٻڌڻا پون ٿا، ادول ملڪ خرطوم ۾ پيدا ٿيو ۽ پنجاهه سالن جي ڄمار دوران هن ماستري کانسواءِ فوج ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، هو اڄ به انگريزي نٿو ڄاڻي، جيتوڻيڪ ڏکڻ سوڊان ۾ انگريزي کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي، هن چيو ته آئون اڃا ڏکڻ سوڊان وڃڻ جو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان، جيتوڻيڪ مون تي سرڪار طرفان پڻ دٻاءُ پئجي رهيو آهي ته هتان هليو وڃ، ڇو ته هي تنهنجو ملڪ ناهي، هن چيو ته جيڪڏهن مونکان پنهنجي سوڊاني شهريت کسجي وئي تڏهن به ڪو مسئلو ناهي، آئون ڏکڻ سوڊان ضرور ويندس، ڇو ته اتر سوڊان ۾ منهنجو هاڻي ڪو مستقبل ناهي، ادول الملڪ جيان ڪيترائي ٻيا ماڻهو ۽ خاندان ڏکڻ سوڊان ڏانهن وڃڻ جو وسيلو نه هجڻ ڪري سرڪار جي آسري ۾ ويٺل آهن ته جيئن کين پنهنجي نئين جڙيل ملڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ ٽرانسپورٽ وغيره فراهم ڪئي وڃي، اهڙن ئي ماڻهن جي اڳواڻي ڪندڙ مگبولا عثمان جو چوڻ آهي ته ڏکڻ سوڊان وڃڻ جا خواهشمند هي هزارين ماڻهو انتهائي غربت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن،  وٽن نه پئسو آهي، رهڻ لاءِ گهر جي سهولت آهي ۽ اهو به نٿا ڄاڻن ته کين ڇا ڪرڻ گهرجي، هنن جي ٻارن کي حالتون خراب ٿيندي ئي اسڪولن مان نيڪالي ڏني وئي، جيڪي ڪيترائي مهينا گذرڻ کانپوءِ به پڙهائي کان محروم آهن، هنن ماڻهن وٽ کانئڻ لاءِ به ڪجهه ناهي ۽ مڪمل طور ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گهاري رهيا آهن.