|
80 سيڪڙو آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي:ڪاوش فورم
ميزبان:آڪاش سنتورائي/ رپورٽ: اشوڪ شرما
پاڻي
نه رڳو انسان جي بنيادي ضرورت آهي پر ماڻهو جي جنم کان وٺي ان جي مرڻ تائين
پاڻي نهايت اهم هجي ٿو، دنيا ۾ 97 سيڪڙو کارو پاڻي آهي، جڏهن ته رڳو 3 سيڪڙو مٺو
پاڻي به برف جي صورت ۾ موجود آهي، سڄي دنيا هن وقت پاڻي جي مسئلي جو شڪار آهي ۽
ورلڊ بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻائي ڇڏيو آهي ته 21هين صديءَ ۾ پاڻيءَ تي وڏي جنگ لڳي
سگهي ٿي. بهرحال گڏيل قومن هلندڙ سال کي پاڻي جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو سدائين اهم رهيو آهي، جنهن ۾ صوبن وچ ۾ تڪرار کانسواءِ به
ڏسجي ته سنڌ ۾ 80 سيڪڙو آبادي پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي وسيلن،
پاڻي جي فراهمي ۽ پاڻي جي استعمال جهڙا مسئلا موجود آهن، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي
موضوع تي ڪرايل ڪاوش فورم ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال
قومي واٽر
پاليسي جو اعلان ٿي چڪو آهي، ان کانپوءِ صوبن کي واٽر پاليسي پيش ڪرڻي
آهي،پر اڃا تائين ڪنهن به صوبي پاران پاڻي بابت پاليسي جو اعلان ناهي ڪيو ويو، فورم
اهو خيال ظاهر ڪيو ته صوبائي واٽر پاليسي ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي نه ملڻ، خراب پاڻي
واپرائڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين، پاڻي ۾ آلودگي جي ڪري زمين جي متاثر ٿيڻ
سميت پٺتي پيل علائقن ۾ پاڻي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا وڃن، ڪاوش فورم ۾
صحت کاتي حيدرآباد جي اي ڊي او ڊاڪٽر بخش علي پتافي ويچار ونڊيندي چيو ته انسان جي
صحتمند رهڻ لاءِ صاف پاڻي اهم آهي. سراسري طور عام ماڻهو روزاني ڏيڍ ليٽر پاڻي پي
سگهي ٿو. هن چيو ته اسان کي نه رڳو
پيئڻ لاءِ صاف پاڻي گهرجي پر فروٽ ڌوئڻ کان وٺي
ٿانون ڌوئڻ تائين به صاف پاڻي استعمال ڪرڻ لازمي آهي. هن چيو ته اسان وٽ هيلٿ
ايجوڪيشن سيل ٺهيل آهي، جنهن ۾ اسان ماڻهن لاءِ ڄاڻ فراهم ڪندا آهيون. هن چيو ته
سسٽم ۾ بهتريون اچڻ کپن. حيدرآباد ضلعي جي آبادي وڏي آهي ۽ اسان وٽ وسيلا گهٽ آهن،
ان باوجود بهتر خدمتون سرانجام ڏنيون پيون وڃن.هن چيو ته خراب پاڻي ۾ وائرس،
بيڪٽريا ۽ زهريلا مادا هجن ٿا، جن جي ڪري رت جي بيماري، ڪالرا، ڊائريا ۽ چمڙي جي
بيمارين سميت ڪيترائي مرض جنم وٺي سگهن ٿا. تنهن ڪري پاڻي کي اوٻاري استعمال ڪيو
وڃي. هن چيو ته پاڻي انسان جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين اهم
آهي پر ان جي اهميت بابت
ماڻهن کي ايتري سمجهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته تعليم يافته نه هئڻ به غربت جو هڪ وڏو سبب
آهي، ان سلسلي ۾ ڪاوش طرفان ڪوٺايل فورم ۾ ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي
انسٽيٽيوٽ آف آنوائرمينٽل انجنيئرنگ جي ڪو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رسول بخش مهر ”ڪاوش فورم“
۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته صاف پاڻي هيومن رائيٽس ۾ شامل ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ جر
جو پاڻي پيئڻ کان اڳ ان جي چڪاس ڪرائڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنکيو ۽ لوڻياٺ جو
مقدار وڌي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي شهرن ۾ واٽر سپلاءِ جو وڏو
مسئلو آهي، ڇاڪاڻ
ته لائينن ۾ ليڪيج موجود آهن، جنهن ڪري شهرين کي گندو پاڻي پيئڻ لاءِ فراهم ٿئي ٿو،
هن چيو ته منڇر ڍنڍ ايم اين وي ڊرين جي ڪري زهريلي ٿي وئي آهي پر ان جي پاڻي جي
چڪاس توڙي ان کي درياءَ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد ضلعي حڪومت هڪ ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو
آهي، اهو گهربل ۽ لاڳاپيل ڪم نٿو ڪري. ان باوجود کيس 3 لک رپيا ماهوار پگهار ڏني
وڃي ٿي. هن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نادي فلٽر لڳايا وڃن ته اهي ماڻهن لاءِ
فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿا. خاص ڪري لاڙ ۽ ٿر ۾ ماڻهن کي نادي فلٽر ٺاهي ڏنا وڃن، هن
چيو ته فلٽر پلانٽس جي مرمت ۽ سار سنڀال ضروري آهي، ٻي صورت ۾ ان ۾ فني نقص ٿين ٿا
۽ اهي فلٽر پلانٽس صاف پاڻي فراهم نٿا ڪري سگهن، ”ڪاوش فورم“ ۾ ڳالهائيندي زرعي
يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اسسٽنٽ پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته گڏيل قومن 2010ع کي پاڻي
جو سال ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. دنيا ۾ 1.1 بلين ماڻهو صاف پاڻي نٿا
پيئن، سنڌ ۾ ٿر، ڪاڇو ۽ نارو جي ماڻهن لاءِ صاف پاڻي هڪ خواب بڻيل آهي، جتي خراب
پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترين ئي بيمارين جنم ورتو آهي. هن چيو ته اسان وٽ جر جو پاڻي
خراب ٿي چڪو آهي ۽ اهو پيئڻ جي لائق ناهي رهيو. پاڻي ۾ صنعتن ۽ زراعت جو گندو پاڻي
ملي وڃي ٿو، جيڪو پڻ بيمارين جو سبب آهي. هن چيو ته منرل واٽر جي 42 نمونن مان
16ڪمپنين جو پاڻي غير معياري ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ واهن
مان ڪي بي فيڊر ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي فيڪٽرين جو گندو پاڻي وڃي ٿو، جنهن سان ماحولياتي
گدلاڻ ٿئي ٿي، جڏهن ته ڦليلي، اڪرم واهه ۽ پڃاري ۾ سڄي حيدرآباد جو نيڪال ٿئي ٿو،
جڏهن ته اهو پاڻي سڄي لاڙ ۾ زراعت ۽ انسانن جي استعمال ۾ اچي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن
سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ملي ته هتي غربت ختم ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اي
پي اي جا رولز موجود آهن پر انهن تي عمل نٿو ٿئي. هالا ناڪي وٽ حيدرآباد ضلعي حڪومت
پاران ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايو ويو پر اهو ناڪاره ٿي ويو آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن
چيو ته سنڌ حڪومت فوري طور هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪري، جيڪا اها جاچ ڪري ته ماڻهن کي
پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ملي پيو يا نه؟ هن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب نه رڳو معاشي مسئلا
آهن پر ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ سماجي ۽ ثقافتي تبديليون اچي رهيون آهن. ماڻهو ٻهراڙين ۾
پاڻي کوٽ ۽ زندگيون متاثر ٿيڻ ڪري پنهنجين نياڻين جا سڱ شهرن ۾ ڪرائڻ لڳا آهن. هن
چيو ته سنڌ ۾ 30 شوگر ملون، آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي جو پاڻي زمينن کي تباهه ڪري
رهيو آهي، پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي يوسي ناظم محبوب ابڙي ”ڪاوش فورم“ ۾ ويچار ونڊيندي چيو
ته حيدرآباد ضلعي حڪومت 5 سالن ۾ 33 ارب رپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پر ان باوجود
نه پاڻي جو مسئلو حل ٿيو آهي ۽ نه روڊ ۽ ڊرينيج صحيح ٿيا ۽ نه ئي بيوٽيفڪيشن ٿي
سگهي آهي. ضلعي ناظم پنهنجن علائقن ۾ ڪرايل ڪمن اندر به فني ڪوتاهيون ڇڏيون آهن،
غلط پلانننگ جي ڪري اربين رپيا ضايع ٿيا آهن. حيدرآباد ۾ واٽر سپلاءِ جو نظام واسا
وٽ آهي پر ان جي ڪارڪردگي انتهائي خراب آهي.قاسم آباد ۾ ڪيترائي ڳوٺ آهن، جتي پيئڻ
جو پاڻي نٿو ملي، جن ۾ڏومرا ڳوٺ، بختاور ڪالوني، وقار ٽائون، سحرش نگر، لبِ مهراڻ،
ماروي ٽائون، ڀٽائي ٽائون، نسيم ڊيليڪس ۽ ٻيا علائقا شامل آهن. هن چيو ته اصولي طور
قاسم آباد ۾ 7-ارب رپين جا فنڊز استعمال ٿيڻ گهرجن پر قاسم آباد جي صحيح نمائندگي
نه هئڻ ڪري اسان مارکاڌي ۽ مسئلا حل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته قاسم آباد ۾ جيڪي صاف
پاڻي جا پلانٽ لڳا، انهن جي سار سنڀال ۽ مرمت نه ٿي ٿئي. هن چيو ته وزيراعظم واٽر
سپلاءِ جي لاءِ هڪ ارب رپيا ڏنا پر ان مان قاسم آباد ۽ ٻهراڙي تعلقي کي ٽڪو به نه
مليو. سحرش نگر لاءِ 8 ڪروڙ رپين جي واٽر سپلاءِ اسڪيم منظور ٿي پر ان کي به ڇڪي
لطيف آباد پهچايو ويو آهي. حيدرآباد ۾ 35 سال پراڻيون واٽر سپلاءِ جون لائينون آهن،
جيڪي تبديل ناهن ٿيون، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سوائل سائنس جي پروفيسر عنايت
راڄپر ”ڪاوش فورم“ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دنيا ۾ 97 سيڪڙو کارو پاڻي آهي ۽
رڳو 3 سيڪڙو مٺو پاڻي آهي، اهو به گهڻي ڀاڱي برف جي صورت ۾ آهي، جڏهن ته باقي نديون،
ڍنڍون ۽ جر جي صورت ۾ آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي وسيلن، فراهمي ۽ استعمال جا
مسئلا موجود آهن، ڇاڪاڻ ته پاڻي جا وسيلا ختم ٿي چڪا آهن، جر ۾ پاڻي گدلو ٿي چڪو
آهي، جڏهن ته استعمال جي حوالي سان به ماڻهن ۾ شعور ناهي. هن چيو ته شگر ملن سميت
انڊسٽريز جو زهريلو مادو خارج ٿيڻ ڪري پاڻي خراب ٿئي ٿو. جڏهن ته زرعي دوائن ۽ ڀاڻ
۾ زهر هجڻ ڪري زمين جي سگهه سخت متاثر ٿي وئي آهي. هن چيو ته گهرن ۾ پاڻي جي ڪوالٽي
خراب ٿئي ٿي، ٻين ٿانوَن جي ڀيٽ ۾ ٺڪر جي ٿانوَن ۾ پاڻي وڌيڪ صاف ٿئي ٿو. هن چيو ته
پاڻي جا وسيلا وڌائڻ جي ضرورت آهي، جر کي ريچارج ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻي جي فراهمي توڙي
استعمال بابت عوام ۾ سجاڳي آندي وڃي ته ڪجهه حد تائين پاڻي جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو،
ڪوٽڙي تعلقي ميونسپل جي ٽي او ريگيوليشن منظور سميجو ”ڪاوش فورم“ ۾ ڳالهائيندي چيو
ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي فراهم نه ٿيڻ ڪري درياءَ ۾ بيٺل پاڻي خراب ٿي ويو آهي
پر ان کي فلٽر پلانٽ ۾ صاف ڪري فراهم ڪندا آهيون. ڪوٽڙي ۾ واٽر سپلاءِ جون لائينون
پراڻيون آهن، ڪٿي ڪٿي گٽرن جو پاڻي به ان ۾ ملي وڃي ٿو پر اسان وٽ نيون لائينون
لڳائڻ لاءِ فنڊز ناهن. هن چيو ته ڪوٽڙي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ 85 لک رپين جي بجيٽ
آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي سائيٽ ۾ فيڪٽرين جي ڪري آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي، تنهن ڪري
ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جون لائينون ئي ڪونهن، اتي ٽئنڪرن ذريعي پيئڻ لاءِ پاڻي
پهچايو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪوٽڙي ۾ 20 سيڪڙو آبادي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم
آهي، سماجي اڳواڻ عابد چنا ”ڪاوش فورم“ ۾ ڳالهائيندي چيو ته پيئڻ لاءِ صاف پاڻي سڄي
دنيا جو مسئلو آهي، سنڌ ميداني توڙي صحرا ۽ ساحلي حصن ۾ ورهايل آهي، جڏهن ته پاڻي
لاءِ برسات، درياءَ ۽ جر تي ڀاڙيو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان وٽ پاڻي کٽي ويو آهي پر
جيترو پاڻي موجود آهي، ان جي درست مئنجمينٽ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سڀ کان پهرين
سڄي سنڌ جي هائيڊرو لاجيڪل سروي ڪئي وڃي ته جيئن اها ڳالهه سامهون اچي ته سنڌ ۾ ڪٿي
ڪيترو پاڻي ڪهڙي صورت ۾ موجود آهي. ان سان گڏوگڏ پاڻي جي معاملي تي ڪم ڪندڙ وفاقي
توڙي صوبائي ادارن جو پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن ڪيو وڃي. هن چيو ته هن معاملي ۾ ڪميونٽي کي
به گڏيو وڃي ۽ سڄو زور مڪينائيز تي نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڻي
جي لاءِ پهرين انسان پوءِ جانور ۽ ان کانپوءِ زراعت ترجيح آهن پر اسان وٽ معاملو
ابتو آهي، سڀ کان پهرين پاڻي زراعت لاءِ ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته انسان ۽ جانور ترجيحات
۾ شامل ئي ناهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت واٽر پاليسي ٺاهي ڇڏي آهي پر صوبائي
اسيمبليون اڃا تائين پنهنجون واٽر پاليسيون پيش ڪري نه سگهيون آهن. هن چيو ته ٿر ۾
کوهن جو ڪلچر تيزي سان تباهه ٿيو آهي، مٺي ۾ درياءَ جو پاڻي پهتو ته اتي ماڻهن کوهه
ختم ڪري ڇڏيا هئا پر هاڻي اهو درياءَ وارو پاڻي نٿو پهچي، تنهن ڪري ماڻهن ٻيهر کوهن
جو رخ ڪيو آهي. هن چيو ته ڳوٺن ۾ صاف پاڻي جون اسڪيمون متعارف ڪرايون وڃن ۽ انهن جو
انتظام به ڳوٺاڻن کي ڏنو وڃي ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. ٿر ۾ پاڻي مسئلي تي ڪم
ڪندڙ نوجوان سماج سڌارڪ علي اڪبر راهمون ”ڪاوش فورم“ ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جو
مسئلو هڪ سياسي اشو آهي، قومي واٽر پاليسي سيپٽمبر 2009ع ۾ اچي چڪي آهي ۽ هاڻي صوبن
کي واٽر پاليسي ٺاهڻي آهي پر اڃا تائين ان تي اڳڀرائي سامهون ناهي آئي. هن چيو ته
اسين ٿر جا ماڻهو اڳئي گهٽ سمجهون ٿا، سو ڪنهن کي دانهن ڏيون. ٿر ۾ واٽر سپلاءِ جون
ميگا اسڪيمون عام ماڻهن جي پهچ کان مٿي آهن. هن چيو ته ٿر ۾ جر جو پاڻي اهم آهي،
اتي 300 فوٽ هيٺ پاڻي هوندو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڄڻا گهربل هجن
ٿا، جن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ 3 ڪلاڪ کان وڌيڪ لڳي ٿو. پاڻي جي چڪر ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون
۽ ٻار متاثر ٿين ٿا. هن چيو ته پاڻي جي ڪوالٽي به ٿر ۾ اهم مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته
ريسرچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ٿر ۾ پاڻي اندر ٽي ڊي ايس ۽ فلورائيڊ جي مقدار
وڌيڪ آهي، جيڪا انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. ٿر ۾ 89 سيڪڙو پاڻي پيئڻ جي لائق نه
رهيو آهي، فلورائيڊ وارو کارو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهن جا ڏند ڪارا ٿي وڃن ٿا ۽
جسماني طور اهي ڪمزور ٿي پون ٿا ۽ پوءِ آهستي آهستي انهن جا هڏا مڙي وڃن ٿا. هن چيو
ته چونڊيل نمائندن ۽ بيورو ڪريسي کي گهرجي ته اهي پاڻي بابت معاملن ۾ عوام کان راءِ
وٺن ۽ بجيٽ وڌائي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي واٽر پاليسي ۾ ٿر اندر جر جي پاڻي ۾
فلورائيڊ وارو اشو به اچڻ گهرجي. ٿر ۾ پاڻي ۽ غربت جو گهرو تعلق آهي. بدين ساحلي
پٽي جي رهواسي ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ مٺل ملاح ”ڪاوش فورم“ ۾ ڳالهائيندي چيو ته
ساحلي پٽي ۾ 1995ع کان اڳ وڏي خوشحالي هوندي هئي، 18 ڍنڍون هيون، جر جو پاڻي به مٿي
هوندو هو، ملاح مڇيون ماري گذران ڪندا هئا ۽ سکي ستابي زندگي گذرندي هئي پر ان
کانپوءِ حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ساحلي پٽي جي خوشحالي ختم ٿي وئي. سم نالن جي
پاڻي ساحلي پٽي کي تباهه ڪيو، ڍنڍون ڍورا زهر بڻجي ويا ۽ جر جو پاڻي کارو ٿي ويو.
بدين تعلقي ۾ 500 واٽر ڪورس آهن پر پڇڙي ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو پهچي. هن چيو ته
ساحلي پٽي ۾ سوا سئو ڳوٺ آهن، جن مان 700 گهر روزاني پيئڻ لاءِ پاڻي پئسن تي وٺن ٿا.
يوسي احمد راڄو ۽ يوسي ڀڳڙا ميمڻ جا ماڻهو 50 رپيا في ڊرم پاڻي خريد ڪن ٿا، پاڻي
اڻلڀ ٿيڻ ڪري وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي وئي آهي، جيڪڏهن ماڻهو مري وڃي ته ان جي غسل
لاءِ به پاڻي ناهي هوندو. هن چيو ته اڳي هن علائقي جا ماڻهو مالوند هوندا هئا پر
هاڻي ساحلي پٽي ۾ ڪنهن وٽ ٻڪري به ڪونهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري نه رڳو
پيئڻ جو پاڻي اسان لاءِ خواب بڻجي ويو آهي پر ايڪڙ ٻيڪڙ رهندڙ ماڻهو به جانورن کان
بدتر زندگي گذاري رهيا آهن. بک ۽ بدحالي سان گڏ کاري پاڻي جي ڪري ٽي بي، چمڙي ۽
اکين جون بيماريون عام آهن.
|