|
سلمان خان جهڙو دوست ملڻ خوشنصيبي آهي: زرين خان
ممبئي
(ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ جي بيڊ بواءِ سلمان خان هميشه فلم انڊسٽري ۾ نئين شروعات
ڪندڙ اداڪارائن جي همت افزائي ڪئي آهي ”وير“ فلم ذريعي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ
خوبصورت اداڪاره زرين خان سان سلمان خان جو ساٿ تمام مضبوط ٿيندو پيو وڃي، زرين کي
ڪيريئر جي آغاز ۾ ئي سلمان خان جهڙو مددگار دوست ملڻ سندس لاءِ وڏي خوشنصيبي آهي،
سلمان خان کيس آئيفا ايوارڊ تقريب ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جنهن بعد عامر خان جي ڏنل
پارٽي ۾ به زرين ۽ سلمان گڏ گڏ نظر آيا ۽ هاڻي زرين خان کي ”ٽوئيٽر“ ويب سائيٽ تي
به سلمان خان هر وقت پنهنجي مئسيجن ذريعي گڏ هجڻ جو احساس ڏياريندو رهي ٿو، زرين
خان چيو ته سلمان خان جهڙو مهربان دوست ملڻ تي پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿي. |