|
بالي ووڊ فلمن جو مزاحيه اداڪار روي باسواني ديهانت ڪري ويو ممبئي(ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ اداڪار روي باسواني 64 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو، اداڪار ڀارتي رياست اتر انچل جي علائقي هلوندي جو رهندڙ هو، جتي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، ان جي سڀ کان يادگار فلم ”جاني ڀي دو يارو“ هئي، فلم ۾ روي مزاحيه ڪردار ادا ڪيو هو، فلم ۾ هن اهو ڪردار اهڙي انداز سان ادا ڪيو جو کيس 1984ع جو بهترين مزاحيه ايوارڊ ڏنو ويو، ان جي پهرين فلم چشم بدو هئي، جيڪا 1981ع ۾ رليز ٿي، جڏهن ته ان جي ٻين مشهور فلمن ۾ اب آئيگا مزا، مين بلوان، جان تيري نا ۽ ڪڀي هان ڪڀي نا شامل آهن، فلمن کان علاوه هن ٽي وي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، جن ۾ اڌر اڌر ان لاءِ نمايان سڃاڻپ بڻيو، اداڪار جي تازين فلمن ۾ لڪي، نو ٽائيم فار لو، بنٽي ببلي ۽ پيار توني ڪيا شامل آهن. |