|
حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي: آفتاب شاهه جيلاني لاهور (ڪلچرل رپورٽ) ثقافت واري وفاقي وزير پير آفتاب شاهه جيلاني چيو آهي ته حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ هلندڙ هفتي فلمي شعبي کي صنعت جو درجو ڏنو ويندو، هن چيو ته عيد تي پاڪستاني فلمن کي ترجيح ڏني ويندي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فلم انڊسٽري جي مختلف شعبن جي نمائندن سان ملاقاتون ڪري رهيا آهيون، حڪومت فلم انڊسٽري کي مڪمل زوال کان بچائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستاني فلمن جي نمائش لاءِ انڊين فلمن کي ڪجهه عرصي لاءِ روڪي سگهجي ٿو ۽ صوبائي حڪومتن کي چيو ويو آهي ته هو سئنيما جي مالڪن کي مجبور ڪن ته جيڪڏهن هو پلازه ٺاهڻ چاهين ٿا ته انهن ۾ سئنيما به ضرور ٺاهن. |