سنيل گواسڪر ۽ هنان سرڪر 3-3 ڀيرا ميچ جي پهرين بال تي آئوٽ ٿيا

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارت جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر ۽ بنگلاديش جو اڳوڻو ڪرڪيٽر هنان سرڪر اهي ڪرڪيٽر آهن جيڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 3-3 ڀيرا ميچ جي پهرين بال تي آئوٽ ٿيا آهن، ڀارت جي سنيل گواسڪر کي 3 مختلف فاسٽ بالرن جيف آرنلڊ، ميڪلم مارشل ۽ عمران خان پهرين بال تي آئوٽ ڪيو آهي پر هنان سرڪر سان جٺ ٿي آهي، کيس ٽئي ڀيرا ويسٽ انڊيز جي فاسٽ بالر پيڊرو ڪولنز آئوٽ ڪيو آهي، پيڊروڪولنز 2004ع ۾ هنان سرڪر کي ٻئي ۽ ٽئين ميچن ۾ لڳاتار 3 ڀيرا پهرين بال تي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ڪري واپس پويلين موٽايو، هنان سرڪر 17 ٽيسٽ ۽ 20 ون ڊي ميچون کيڏڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ کان عليحده ٿي ويو.

   

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     info@dailykawish.com