انگلينڊ جو گراهم گوچ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ سڀني کان وڌيڪ 752 رنسون ٺاهڻ جي رڪارڊ جو مالڪ

 ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر گراهم گوچ 1990ع ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ سڀني کان وڌيڪ 752 رنسون ٺاهڻ واري رڪارڊ جو مالڪ آهي، هن اهڙو رڪارڊ ڀارت خلاف 1990ع ۾ ٿيل سيريز ۾ قائم ڪيو هو، هن 3 ميچن ۾ 3 سينچريون ۽ 2 ففٽين جي مدد سان 752 اسڪور ڪيو هو، سينچرين ۾ سندس هڪ ٽرپل سينچري به شامل هئي، برائن لارا سريلنڪا خلاف 3 ميچن جي سيريز ۾ 688 اسڪور ڪيو هو، محمد يوسف 07-2006ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 4 سينچرين جي مدد سان  665 رنسون ٺاهيون هيون، ظهير عباس 1978ع ۾ ڀارت خلاف سيريز ۾ 583 اسڪور ڪيو هو.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     info@dailykawish.com