گريم سوان جي ” آف بريڪ ڊليوري“ 21 هين صدي جو بهترين بال قرار

لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ جي اسپنر گريم سوان پاران ٻن ٽيسٽ ميچن جي ٻي اننگز ۾ عمران  فرحت کي آئوٽ ڪرڻ واري ڪرايل آَف بريڪ بال کي 21 هين صدي جو بهترين بال قرار ڏنو ويو آهي، گريم سوان پاڪستان جي اننگز ۾ 65 رنسن عيوض 6 وڪيٽون ورتيون، هن پنهنجي انهيءَ اسپيل جي ٽين آف بريڪ بال ذريعي عمران فرحت کي ڪلين بولڊ ڪيو هو، انگلينڊ جي ميڊيا گريم سوان جي انهيءَ ڊليوري کي ”21 هين صدي جو بهترين بال“ قرار ڏيندي شين وارن جي بال سان ڀيٽيو آهي،شين وارن 1993ع ۾ مائيڪ گيٽنگ کي ڪلين بولڊ ڪيو هو، جڏهن ته ڪجهه اخبارن گريم سوان جي بال کي شين وارن جي بال کان بهتر قرار ڏنو آهي، گريم سوان انهيءَ بال بابت چيو ته اهو بال منهنجي ڪيريئر جو بهترين بال آهي، اهڙو بال مون پهرين ناهي ڪرايو، گريم سوان کي هلندڙ سال ٿيندڙ ايشز سيريز لاءِ اهم قرار ڏنو پيو وڃي.