ذوالقرنين حيدر ٽيسٽ ۾ پهرين بال تي آئوٽ ٿيندڙ 55 هون رانديگر

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر ذوالقرنين حيدر ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين ٽيسٽ جي پهرين بال تي آئوٽ ٿيندڙ 55 هون رانديگر بڻجي ويو آهي، پاڪستاني نوجوان وڪيٽ ڪيپر ذوالقرنين حيدر کي انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ريگيولر وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل جي جاءِ تي کيڏايو ويو هو، ذوالقرنين جي اها پهرين ٽيسٽ هئي ۽ هو براڊ جي پهرين بال تي وڪيٽ ڪيپر هٿان کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، هن ٻي اننگز ۾ ته سخت مزاحمت ڪندي 88 اسڪور ڪيو پر هو ڪيريئر جي پهرين ٽيسٽ جي پهرين بال تي آئوٽ ٿيندڙ 55 هون رانديگر بڻجي ويو آهي، پاڪستان جو مشهور رانديگر وقار يوسف، توصيف احمد، مشتاق احمد، عظيم حفيظ، محمد زاهد، رضوان زمان، آسٽريليا جو گلين ميڪگرا، بين هيلفنهاس، سريلنڪا جو ٿرانگا پرانا ويتانا، ويسٽ انڊيز جو اين بشپ، نيوزيلينڊ جو جيمز فرينڪلن ۽ ٻيا موجوده ۽ اڳوڻا رانديگر پهرين بال تي آئوٽ ٿي چڪا آهن.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com       ----     dailykawish_hyd@yahoo.com