|
اين مورگن ٽيسٽ سينچري ٺاهيندڙ ٽيون آئرلينڊ ڄائو بيٽسمين
لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ جي نوجوان بيٽسمين اين مورگن پاڪستان خلاف هلندڙ ٽيسٽ
سيريز جي ٽرينٽ برج ۾ ٿيل پهرين ٽيسٽ ۾ پهرين سينچري ٺاهي هئي، جنهن بعد هو ٽيسٽ
ڪرڪيٽ۾ سينچري ٺاهيندڙ ٽيون آئرلينڊ ڄائو بيٽسمين بڻجي ويو آهي، آئرلينڊ ۾ پيدا
ٿيل اڳ ۾ 2 بيٽسمين اهڙا آهن جيڪي پڻ سينچريون ٺاهي چڪا آهن، انهن ۾ فريڊ فين ۽ ٽام
هورن شامل آهي، فريڊ فين 1905ع ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪندي ڏکڻ آفريڪا خلاف
جوهانسبرگ ٽيسٽ ۾ سينچري ٺاهي هئي، فريڊ فين انگلينڊ طرفان کيڏيل 14 ٽيسٽ ميچن ۾ 5
۾ ڪپتاني پڻ ڪئي هئي، جڏهن ته ٽام هورن 1881ع ۾ آسٽريليا ٽيم جي نمائندگي ڪندي
انگلينڊ خلاف سينچري ٺاهي هئي، جڏهن ته هن پڻ 15 ٽيسٽ ميچن مان 2 ۾ ڪپتاني ڪئي هئي،
پر ڪو به آئرلينڊ جو بيٽسمين پنهنجي ٽيم طرفان ٽيسٽ سينچري ٺاهي ناهي سگهيو، ڇو ته
آئرلينڊ جي ٽيم کي ٽيسٽ جو درجو مليل ناهي، پر جنهن تيزي سان آئرلينڊ جي ڪرڪيٽ ترقي
ڪري رهي آهي ان مان لڳي ٿو ته کين جلد ٽيسٽ جو درجو ملي ويندو، 2007ع جي ورلڊ ڪپ ۾
پاڪستاني ٽيم کي شڪست ڏيڻ بعد آئرلينڊ جي ٽيم کي ون ڊي ڪرڪيٽ جو درجو مليل آهي. |