شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي حالت، صرف ڳوڙها ئي وهائي سگهجن ٿا

وسعت الله خان

جيڪو به جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ رهندو آهي ان لاءِ ويجهي ۾ ويجهو ڪاروباري مرڪز ۽ ايئرپورٽ سکر آهي، توهان نارمل حالت ۾ ٺل سٽي مان پورو جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعو پار ڪندي جيپ ذريعي ڏيڍ ڪلاڪ ۾ سکر پهچي سگهون ٿا پر اهي نارمل حالتون نه آهن. ٺل کي جيڪب آباد کان ملائيندڙ ڪوئيٽا سکر هاءِ وي کي ٻوڏ جي پاڻي هر ڪجهه ڪلوميٽرن کانپوءِ تباهه ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ ڪري توهان ٺل کان جيڪب آباد ، شڪارپور يا سکر نٿا وڃي سگهو، متبادل رستو اهو آهي ته توهان ٺل کان ڪنڌڪوٽ پهچو ۽ اتان انڊس هاءِ وي وٺي شڪارپور اچو، پر ڪنڌڪوٽ کان ٿورو اڳتي شڪارپور طرف ويندڙ انڊس هاءِ وي جو 20 ڪلوميٽر جو ٽڪرو به گذريل 22 ڏينهن کان ٽوڙي بند جي گهاري سبب 5 کان 7 فوٽ تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهي، اتي ته گذري وڃڻ جي ڪا اميد ئي نظر نٿي اچي، هاڻي صرف هڪ ٻه رستا آهن جن ذريعي سفر ڪري سگهجي ٿو، جنهن لاءِ ٺل کان ڪنڌڪوٽ اوڀر طرف ڪشمور ۽ ڪشمور کان وري ڏکڻ طرف گڊو بئراج، گڊو بئراج کان وري اوڀر طرف نيشنل هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي ذريعي گهوٽڪي-پنو عاقل ۽ روهڙي سکر باءِ پاس کي نظر انداز ڪري ضلعي خيرپور جي حدن ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو ۽ اتر طرف سکر ايئرپورٽ ويندڙ روڊ تي مڙي الائيڊ بئراج پار ڪندي پوءِ اولهه طرف شڪارپور جو رخ ڪري ۽ لکي پار ڪندي شڪارپور ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو، ڪيڏو نه سڌو ۽ سولو رستو ٻڌايو آهي ۽ اهو درياءَ سان هڪ مذاق آهي، آئون 55 منٽن جو سفر ساڍن ستن ڪلاڪن ۾ طئي ڪري سج لهڻ کان ٿورو اڳ شڪارپور جي حدن ۾ داخل ٿيس، کاٻي طرف ڏسندي ئي طبيعت شاد ٿي وئي، هڪ قلعي نما ڊگهي ۽ اوچي ديوار  جي مک دروازي ٻاهران لوهه جو ڦاٽڪ هو جتي لکيل هو ته ”ويلڪم ٽو ڊسٽرڪٽ جيل شڪارپور“، پر جيل اندر صرف قيد واري تنهائي هئي، قيدي آگسٽ جي ٻئين هفتي ۾ ئي هتان کان سکر جيل منتقل ڪيا ويا هئا، آئون سوچڻ لڳس ته جيڪڏهن رياست پنهنجي شهرين کي قيدين جو درجو ئي ڏئي ڇڏي ته اڄ لکين ماڻهو روڊن ۽ حفاظتي بندن تي ائين آزاد نه پيل هجن ها، شڪارپور جي حالت تمام خراب آهي، ”شڪارپور اڳي اهڙو نه هو“ اهي لفظ تمام معذرت واري انداز ۾ شڪارپور ۾ چيا وڃن ٿا، اهو شهر ڪلهوڙن جي مٿي جو تاج هو، 17 هين صدي جو شڪارپور ست دروازن اندر هو، لکي در ، هزاري در، هاٿي در، خانپوري در، ڪاراڻي در، ويڳاڻو در ۽ سيوي در انهن درن ۾ شامل آهن، شهر ٻاهران هڪ گول چڪر واهه هو، جنهن کي انگريزن پوءِ چوڌاري پٽڙي ٻڌائي ۽ اهو سرڪلر روڊ بڻجي ويو، شڪارپور جا واپاري وچ ايشيا کان ملاڪا ۽ ڪلڪتي کان استنبول تائين ائين مشهور آهن جيئن پراڻي زماني جا جنيوا جا اطالوي، ايمسٽر ڊيم جا جچ ۽ ايسٽ لنڊن جا ڪوڪني، يمن ۽ شام جا عرب واپاري ۽ صحارا جا ٽمبڪٽو واپاري مشهور هئا، شڪارپور جا هندو ڀائي بند ڪميونٽي جا واپاري هنڊي ذريعي ڪاروبار ڪندا هئا، ساک جو اهو عالم هو جو هٿ سان لکيل پرچي تي هزارين ميل پري سمرقند، بخارا ۽ استنبول ۾ مال ۽ پئسو ملي ويندو هو، اهي واپاري سال ٻه سال جي واپاري سفر کانپوءِ جڏهن وطن ورندا هئا ته تمام گهڻو پئسو لٽائيندا هئا، هتي سمرقند، بخارا ۽ استنبول جي ڏيکا ڏيکي واري ڪاٺ جي ڇتين سان بند ڪيل هڪ ڪلوميٽر واري بازار هئي، افغانستان ۽ ايران کان ايندڙ خشڪ ميون جا واپاري هتي ترسندا هئا، عاليشان حويليون هيون، اهي حويليون سوئمنگ پول کانسواءِ اڻپوريون سمجهيون وينديون هيون، جن گهرن ۾ سوئمنگ پول نه هئا اتي وڏا وڏا کوهه هئا، انهن کوهن ۾ ڏاڪڻون هيٺ لهنديون هيون ۽ وچ ۾ هڪ دڪو ٺهيل هوندو هو جنهن تي ڪرسيون يا صوفا رکيل هوندا هئا ته جيئن گرمين جي موسم ۾ سک جو ساهه کڻي سگهجي، انهن واپارين جون جمالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ شڪارپور ۾عطر جي صنعت وجود ۾ آندي وئي، شام جو جڏهن شڪارپور جو والي ٻن گهوڙن واري بگي تي ويهي لکي در کان نڪرندو هو ته هر طرف خوشبو ڦهلجي ويندي هئي، شهر اندر 2 سئو قسم جا ننڍا وڏا باغ هئا، شهر ۾ پاڻي نيڪالي جو نظام ان زماني جو جديد ترين نظام هو، رستا رات ٿيڻ کانپوءِ باقاعده ڌوتا ويندا هئا، گهوڙا گاڏيون عام سواري لاءِ استعمال ٿينديون هيون، گندگي ڪندڙ تي ڏنڊ لڳندو هو، شهر کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ديوان شام لال جو پاور هائوس هوندو هو، اهو پاور هائوس 60ع جي ڏهاڪي تائين هلندو رهيو پر عجيب ۽ غريب ماڻهو پنهنجي ذات تي ئي پئسو نه اڏائيندا هئا، 40 سيڪڙو هندو ۽ 60 سيڪڙو مسلمانن تي مشتمل 50 هزار جي لڳ ڀڳ آبادي ان زماني جي مخير حضرات جي قائم ڪيل اعليٰ تعليم ۽ طبي ادارن مان فائدو وٺڻ جي اهل هئي. راءِ بهادر اوڌي داس تاراچند اسپتال ۾ مفت علاج ٿيندو هو، راءِ بهادر انسانيت سان محبت ۽ عاجزي ظاهر ڪرڻ لاءِ اسپتال جي ڏاڪڻن تي پنهنجو نالو هن طرح لکرايو ته ان مٿان قدم رکڻ کانسواءِ ڪوبه ماڻهو عمارت اندر داخل نٿي ٿي سگهيو، هيرانند گنگا ٻائي ليڊيز اسپتال عورتن جي بيمارين لاءِ بنا پئسن جي علاج فراهم ڪندي هئي، سنڌ ۾ ڇوڪرين جو پهريون ايشوريا ٻائي گرلز هاءِ اسڪول، قاضي ملاح نادر وارو بوائز اسڪول ۽ پهريون چيلا سنگهه سيتل داس ڪاليج به شڪارپور ۾ قائم ٿيا هئا، 1930ع ۾ شڪارپور ۾ 70 گريجوئيٽ هئا، جڏهن ته باقي سنڌ ۾ 7 گريجوئيٽ هئا، سنڌ اسيمبلي جي پهرئين اسپيڪر آغا بدرالدين ۽ پهرئين وڏي وزير الهه بخش سومرو به هن مٽي مان جنم ورتو، سنڌي شاعري جا چار ٿنڀ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست سامي ۽ شيخ اياز مان آخري ٻه ٿنڀ شڪارپور فراهم ڪيا. 20 هين صدي جي چوٿين ڏهاڪي تائين بيگاري ڪئنال تي هولي جي موقعي تي 7 ڏينهن لاءِ ناٽڪ سڀا لڳندو هو، ومن رائو، پٽ ورڌن، پنڊت رياس، مبارڪ علي خان، وڏو غلام علي خان، عنايت ٻائي، مختار بيگم جهڙيون موسيقي جي دنيا جون ديويون ۽ ديوتا اتي دعوت ڏئي گهرايا ويندا هئا، ممبئي ، لاهور ۽ ڪلڪتي کان ناچڻيون اينديون هيون، انهن تي صرف سون جا سڪا نڇاور ڪيا ويندا هئا، انهن محفلن ۾ جيڪو به شاه ايڊورڊ جي ڇاپي وارن چاندي جي سڪن جو نظرانو پيش ڪندو هو ان کي محفل ۾ ويٺل عجيب نظرن سان ڏسندا هئا، عام ماڻهو کي به کاڌو ميسر هوندو هو، ماڻهو اڄ ڪنهن کان پڇي ته ڇا حال آهي ته جواب ملي ٿو ته بس دال ماني هلي رهي آهي، پر پراڻي شڪارپور ۾ڪو پڇندو هو ته ڇا حال آهي ته جواب ملندو هو بس مڇي ماني ملي رهي آهي، اڄ 2010ع جو شڪارپور ڪجهه ائين آهي ته 7 دروازن مان هڪ به سلامت نه آهي، ان جي نالن تي صرف ڪجهه پاڙا باقي آهن، شاندار حويلين جا دروازا شڪارپور کان ڪراچي جي ڪلفٽن، لاهور جي ڊفينس ۽ اسلام آباد جي ايف ۽ اي سيڪٽرن جي گهرن ۾ لڳائڻ لاءِ لکين رپين ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا، حويليون ورهائي گلين ۾ تبديل ڪيون ويون آهن، جيڪي روڊ هر روز ڌوپجندا هئا اتي گٽرن جو پاڻي جمع ٿي چڪو آهي، باقي لالچي ٺيڪيدارن جي معدي ۾ هليا ويا آهن، قافلا قلعو ڪنهن پاڙي ۾ گم ٿي چڪو آهي، ديوان شام لال جي بجلي گهر کي زنگ لڳي ويو آهي ۽ چورن کائي ڇڏيو آهي، هاڻي صرف هڪ پڃرو باقي آهي، باغ زرعي زمينن ۽ ڳوٺن جي منصوبن ۾ گم ٿي ويا آهن، بيگاري ڪئنال تي هاڻي ناٽڪ سڀا لڳي ٿو پر اهو هاڻي ان جي ٻنهي پاسي لڳي ٿو ۽ ست ڏينهن بدران سڄو سال ڄميل رهي ٿو، مبارڪ علي خان، وڏي غلام علي خان ۽ عنايت علي خان جي آوازن تي ڪلاشنڪوف ۽ راڪيٽ لانچر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا، واپارين جي جاءِ تي سردار واهه واهه جي برسات ڪن ٿا، جتوئي ۽ مهر قبيلي سميت علائقي جو هر قبيلو ان ناٽڪ ۾ شريڪ آهي جنهن جا ڪردار روايتي ٺون ٺان سان نه پر اصلي گولي سان مرن ٿا، گذريل 10 سالن کان جاري ان ناٽڪ سڀا ۾ پيش ٿيل 30 جي لڳ ڀڳ خوني ڊرامن ۾ تقريبن 2000 ڪردار سردارن جي لکيل اسڪرپٽس تي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نڇاور ٿي چڪا آهن ۽ ناٽڪ جاري هو، جاري آهي ۽ جاري رهندو. شڪارپور ۾ پرچي اڄ به هلي ٿي پر هنڊي لاءِ نه سفارش، ڌمڪي ۽ الٽيميٽم جي پرچي، ست پراڻن دروازن جي جاءِ تي ڪيترائي نوان ۽ ڪٿي شاندار دروازا وجود ۾ اچي چڪا آهن، جيڪو سردار جتي رهي ٿو اتي سندس نالي جو شاندار دروازو ٺهي چڪو آهي، اسپتالون اڄ به موجود آهن پر فرق صرف ايترو آهي ته پهرين اهي خيراتي هيون ۽ هاڻي اتي مريض زندگي جي خيرات گهرندا وتندا آهن، جڏهن سنڌ جي ان وائيلڊ ويسٽ ۾ آگسٽ جي ٻئين هفتي ۾ ٻوڏ آئي ته ضلعي جي 12 لک آبادي مان ساڍا 5 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 50 مان 30 يونين ڪائونسلون پاڻي هيٺ اچي ويون، 5 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 44 هزار گهرن کي نقصان رسيو، هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي بيٺل فصل متاثر ٿيا، 280 ڪلوميٽر فارم ٽو مارڪيٽ روڊ وهي ويو، 280 اسڪول ناڪاره ٿي ويا ۽ 12 صحت مرڪزن سميت 97 سرڪاري عمارتن کي نقصان رسيو، 20 کان وڌيڪ ڳوٺ اڄ به اهڙا آهن جتي ٻيڙين ذريعي پاڻي پهچايو پيو وڃي، هٿياربند فوج جون 6، 2 خانگي ۽ هڪ ريڊ ڪراس جي ٻيڙي لڏپلاڻ ۽ سامان رسائڻ جو ڪم ڪري رهي آهي، سرڪاري طبي سيڪٽر جي هنگامي حالت کي منهن ڏيڻ جي تصوير ڪجهه اها آهي ته ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ هڪ بستري تي 3-3 ٻار ۽ 2 وڏا مريض پيا آهن، جيڪي تنگ اچيو وڃن ٿا ۽ ڪاري ڊور يا ڪمرن جي فرش تي ليٽي پون ٿا، دوائن جي سخت کوٽ آهي، منرل واٽر صرف بيمار ٻارن کي ملي ٿو، شهر ۾ پاڻي جا 2 فلٽر پلانٽ ريڊ ڪراس لڳايا آهن ۽ هڪ آرمي لڳايو آهي ، ضلعي انتظاميا وٽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ صرف ڏيڍ ڪروڙ رپين جا فنڊ آهن، ٻوڏ متاثرن لاءِ ضلعي ۾ 308 رليف ڪئمپون ، اسڪولن ميدانن ۽ اهم روڊن جي ڪنارن تي لڳل آهن، انهن مان 39 ڪئمپون اين جي اوز هلائي رهيون آهن، سڀني ڪئمپن ۾ لڳ ڀڳ 80 هزار ماڻهو ترسيل آهن پر خيما صرف 500 جي لڳ ڀڳ آهن، ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اها 40 هزار ماڻهن کي روزانو 22 لک رپين جو کاڌو کارائي ٿي، مون هڪ جاءِ تي ڏٺو ته لائين سان ديڳون چلهن تي چڙهيل هيون، هڪ پڪواني کي درخواست ڪيم ته ٿورو کاڌو مونکي چکاءِ ته هن چيو ته منهنجي آفيسر سان ڳالهايو، ڪجهه دير کانپوءِ صاف سٿري شلوار قميص ۾ هڪ صاحب آيو ، پڪواني رازداري سان ان جي ڪن ۾ ڪجهه چيو، صاحب مونکي چيو ته سوري اهو کاڌو صرف ٻوڏ متاثرن لاءِ آهي ۽ ڪئمپن ۾ هڪ مقرر وقت تي ئي مهيا ڪيو وڃي ٿو، مون درخواست ڪئي ته مونکي صرف هڪ يا ٻه چمچ پليٽ ۾ لڳائي ڏنا وڃن ته ان صاحب چيو ته ”سائين توهان چڱا ڀلا ماڻهو آهيو، ائين نه ڪريو“ ۽ 22 لک رپين سان پچندڙ روزاني ان کاڌي جي ذائقي کان آئون محروم رهجي ويس، مون ڏٺو ته نه هو پر ڪيترن ئي ماڻهن کان ٻڌو هو ته ڪئمپن جي ڀرپاسي اڌ کاڌل چانورن جون ڪيتريون ئي ٿيلهيون پيل آهن، ماڻهو بکايل هجڻ باوجود اهي نٿا کائين، جيتوڻيڪ اهي ماڻهو آهن جيڪي کاڌي لاءِ گاڏي جي پٺيان ڊوڙن ٿا ۽ وڏي مشڪل سان اڌ ٿيلهي حاصل ڪن ٿا، آئون ڪنهن بدگماني ۾ متبلا نه آهيان، توهان پاڻ سمجهدار آهيو، منهنجي ملاقات ڪجهه شهرين کانسواءِ ڊي سي او ڊاڪٽر سعيد احمد مڱڻيجو سان به ٿي، سندس خيال آهي ته ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جو طريقو اهو ئي آهي ته سمورن لاڳاپيل کاتن جي حد تائين ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي جوابده بڻايو وڃي ته جيئن ان جي صلاحيت ۽ توانائي هڪ انداز ۾ استعمال ٿئي، هن وقت ٻوڏ جو پاڻي شڪارپور شهر کان جيڪب آباد ويندڙ رستي تي 7 ڪلوميٽر پري لوڊران ۾ رڪيل آهي، ان پاڻي ۽ شڪارپور شهر جي وچ ۾ صرف هڪ حفاظتي بند آهي، لوڊران کان اڳتي ريلوي لائين جي هيٺان پاڻي جو ريلو گذارڻ لاءِ 35 جي لڳ ڀڳ ڪٽ هنيا ويا، ائين 14 آگسٽ کانپوءِ شڪارپور ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ريلوي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پاڻي ايترو ته پکڙجي ويو آهي جو ڳري مشينري به 20 -20 فوٽ وارا گهارا بند نه ڪري سگهي آهي ۽ مزدور هٿن سان پاڻي ۾ پٿر اڇلائي رهيا آهن، جنهن رفتار سان ڪم ٿي رهيو آهي ان مان لڳي ٿو ته ريلوي ٽريڪ بحال ٿيڻ ۾ اڃا 15-20 ڏينهن لڳندا، اهڙو ئي حال شڪارپورکان جيڪب آباد ويندڙ روڊ جو آهي، ان جي ٽن هنڌن تان وڏا ڪٽ ڏنل آهن، سلطان ڪوٽ وٽ پاڻي 6 فوٽ روڊ تي بيٺل آهي، همايون شريف وٽ پاڻي روڊ تي بيٺل آهي. ڪيتريون ئي عورتون، ٻار ۽ مرد لوڊران جي بند تي فوج جي بوٽ سروس ذريعي ٽن فرلانگ جي فاصلي تي ٻوڏ کان بچي ويل روڊ جي هڪ حصي تائين پهچي قطار ٺاهي بيٺل هئا، ڪيترائي ماڻهو پاڻي مان هڪٻئي کي سهارو ڏئي پار پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، هڪ ڪنڊ ۾ ٿڪجي ويٺل پوڙهي وٽ آئون به پلٿي هڻي ويهي رهيس، ان امداد نه ملڻ جون دانهون ڪندي هڪ عجيب ڳالهه ڪئي، ”هي جيڪي اسان جا نمائندا آهن انهن کي اسين ووٽ ان لاءِ نٿا ڏيون ته هو اسان کي هڪ ٽڪو به نه ڏين، هاڻي غوث بخش مهر کي ئي ڏسو، جڏهن مشرف صدر بڻجڻ جو ريفرنڊن ڪرايو هو ته هن اسان جي ماڻهن کي ڳوٺ کان جلسي ۾ پهچائڻ لاءِ ڪشمور ، جيڪب آباد، شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي تائين گاڏيون ڪري پهچايو هو، ان جو مطلب اهو هو ته مشرف کي ڏيکارڻو هو ته مون وٽ ايترا ماڻهو آهن، هاڻي اهي ماڻهو برباد ٿي ويا آهن ۽ اسان کي ڪير ٽريڪٽر ٽرالي ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي“.