ٻوڏ جي پاڻي کي سمنڊ ڏانهن رستو ڏئي ٺٽي ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن کي بچائي سگهجي ٿو

مصطفيٰ ميمڻ

چوهڙ جمالي ڀرسان ايم ايس بچاءَ بند کي ڪيٽي کوسا وٽان پيل گهارو جيتوڻيڪ بند ڪيو ويو آهي پر پوءِ به چوهڙ جمالي جي ٻڏڻ جو خطرو اڃا نه ٽريو آهي، ڇاڪاڻ ته چوهڙ جمالي کي سڀ کان وڌيڪ خطرو سجاول واري ايم ايس بچاءَ بند کي ڪوٽ عالمون وٽان لڳل گهاري جي ايندڙ پاڻي مان آهي، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ جو اهو پاڻي دڙو برانچ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ان علائقي جون سموريون شاخون پلٽي رهيون آهن ۽ انهن کي گهارا پئجي رهيا آهن، جڏهن ته ٻوڏ جو پاڻي سجاول کي ٻوڙڻ کانپوءِ چوهڙ جمالي- سجاول روڊ کي پار ڪري چوهڙ جمالي ڏانهن وڌي رهيو آهي. دڙو برانچ مان نڪرندڙ ستا واهه ۽ ڇهه هٿو شاخ کي مختلف هنڌن تان گهارن پوڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي اچي چڪا آهن، جڏهن ته چوهڙ جمالي واسين لاءِ ستا واهه خطرو بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته اها شاخ شهر جي وچ مان گذري ٿي ۽ اها پلٽي رهي آهي، تنهن ڪري ان ۾ ڪنهن به وقت گهاري جو خطرو آهي، جيڪڏهن اها شاخ ٽٽي پئي ته پوءِ چوهڙ جمالي شهر به پاڻي اچي ويندو، هيستائين ان علائقي جي ٻڏي ويل ڳوٺن جا ماڻهو ته مختلف هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هليا ويا آهن پر چوهڙ جمالي شهر به اڌ کان وڌيڪ خالي ٿي ويو آهي، سجاول شهر جي پاڻي هيٺ اچڻ کانپوءِ  ٻوڏ جي پاڻي 2 رخ ڪيا، هڪ ته اهو پاڻي جاتي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته اهو ساڳيو ئي پاڻي چوهڙ جمالي کي به ويجهو پهچي چڪو آهي ۽ ڪالهه شام تائين ٻوڏ جو پاڻي چوهڙ جمالي کان صرف 17 ڪلو ميٽر پري هو، جيتوڻيڪ ٻوڏ جو پاڻي جاتي ۽ چوهڙ جمالي واري پاسي وڃڻ سان ميرپور بٺوري ۽ دڙو شهر جي ٻڏڻ جو خطرو ٽري ويو آهي پر جيڪڏهن انتظاميا پاران صحيح حڪمت عملي جوڙي وڃي ته پوءِ چوهڙ جمالي ۽ جاتي کي به بچائي سگهجي ٿو. ٻوڏ جي پاڻي کي جيڪڏهن چوهڙ جمالي- لاڏيون روڊ کي ڪٽ ڏئي يونين ڪائونسل ڪوٺي جي ڳوٺ ٺٺ جهان خان وٽان رستو ڏنو وڃي ته اهو پاڻي سڌو سمنڊ ڏانهن هليو ويندو. جيتوڻيڪ يونين ڪائونسل ڪوٺي ۾ ننڍا ننڍا ڪيترائي ڳوٺ آهن پر انهن ۾ هڪ ته آبادي گهٽ آهي ۽ ٻيو وري انتظاميا پاران اڳ ۾ ئي لڏپلاڻ ڪرائي وئي آهي، تنهن ڪري ٻوڏ جي پاڻي کي اهو رستو ڏنو ويو ته وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو ۽ ٺٽي ضلعي جا ٻه اهم شهر چوهڙ جمالي ۽ جاتي ٻوڏ کان بچائي سگهجن ٿا. ڪوٽ عالمون وٽان ته ڄڻ درياءَ پڪي ڏانهن وهي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو گهارو هڪ هزار فوٽ کان به وڌي ويو آهي ۽ اتان کان پاڻي تيزي سان ٺٽي جي شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن وڌي رهيو آهي، ظاهر آهي ته جڏهن درياءَ مان ايترو گهڻو پاڻي پڪي ڏانهن وهي رهيو آهي ته پوءِ ان کي ڪو رستو ته گهرجي؟ جيڪڏهن ان پاڻي کي ڪو رستو نه ڏنو ويو ته پوءِ ظاهر آهي ته اهو پاڻي شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙيندو رهندو ۽ ائين پوءِ پاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، جيڪو وڏي تباهي آڻي سگهي ٿو. سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهرن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان وڏي پئماني تي جيڪا لڏپلاڻ ٿي آهي، ان سان هن علائقي کي وڏو ڌڪ رسيو آهي. هتي جا ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن، اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آسودا هوندا هئا ۽ پنهنجو گذر سفر سٺي نموني ڪندا هئا انهن کي هاڻي وري دربدري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪجهه سرندي وارا ماڻهو ته پنهنجن مائٽن ڏانهن ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏانهن هليا ويا پر ٻيا ماڻهو جن وٽ رهائش لاءِ ٻيو ڪو سهارو نه هو، اهي مڪلي جي قبرستان کان وٺي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽڪرين تائين مٿانهين وارن علائقن ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن، جتي هو انتهائي عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهر ۾ جيڪي ماڻهو اڃا ترسيل آهن اهي تمام گهڻي خوف ۾ مبتلا آهن. ماڻهو ته هاڻ مٺي ننڊ به نٿا ڪري سگهن، جيستائين ڪوٽ عالمون وٽان سنڌو درياءَ کي پيل گهارو بند نه ٿيندو، تيستائين هتي جي ماڻهن ۾ خوف رهندو ۽ علائقا ٻڏڻ جو خطرو برقرار رهندو. جڏهن ته اهو طئه آهي ته جيستائين سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح 5 لک ڪيوسڪ کان گهٽ نٿي ٿئي تيستائين انهي گهاري کي بند ڪرڻ ممڪن ناهي ۽ پاڻي جي سطح ان حد تائين پهچڻ ۾ اڃا هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو، تيستائين سنڌو ۾ آيل پاڻي ٺٽي ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙيندو رهندو.