”بشير
آخر ڇو نٿو اجازت ڏين رابعه کي اڳتي پڙهڻ جي؟ نياڻي کي ڪيترو شوق آهي، مئٽرڪ ۾ به
سٺيون مارڪون آيون اٿس...“ سڪينه جي زندگي مڙس کي رڳو منٿون ڪندي گذري هئي، بشير ۽
سڪينه سئوٽ هئا، ٻنهي جي مزاج ۾ زمين آسمان جو فرق هو، بشير حاڪم مزاج ۽ محدود
ذهنيت رکندڙ انسان هو، شادي جي ٻئي سال ئي آمنه جي پيدائش ٿي خوشي ملهائي وئي، پوءِ
فاطمه دنيا ۾ آئي ته بشير کي خوشي نه ٿي ۽ فاطمه کانپوءِ زين دنيا ۾ آيو ته بشير
ديڳيون لاٿيون پوءِ منيزه جو وجود بشير کي برو لڳو پر صبر ڪيائين، ڏينهن گذرڻ لڳا
پر جڏهن رابعه پيدا ٿي ته بشير هن جي منهن کي ڏسڻ لاءِ تيار نه هو، چوٿين ڌيءَ هن
جا ڪلها جهڪائي ڇڏيا هئا، سڪينه سمجهائيندي هئي پر بشير پوءِ به رابعه لاءِ محبت نه
محسوس ڪري سگهيو، الائي ڇو رابعه تي ڪاوڙ رهندي هيس، ڏينهن ۽ سال گذرندا رهيا، آمنه
۽ فاطمه جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪري ڇڏيائين، زين جي پڙهڻ ۾ دل نه لڳندي هئي، منيزه کي
به تعليم جي اجازت نه ملي ته خاموش هئي پر رابعه کي اسڪول وڃڻ جو شوق هو،گهٽيءَ ۾
اسڪول هو ته سڪينه رابعه کي اسڪول موڪلڻ لڳي، ڏينهن ائين ئي گذرڻ لڳا، منيزه جي ته
شادي ٿي وئي، رابعه نائين درجي ۾ پهچي وئي هئي، بشير رابعه جي تعليم پرائڻ جي سخت
خلاف هو پر رابعه صرف سڪينه جي ضد تي اسڪول ويندي رهي، آخر سٺين مارڪن سان مئٽرڪ
به ڪري ڇڏيائين، پنهنجي ٻين ڀينرن جي نسبت رابعه وڌيڪ خوبصورت ۽ معصوم هئي، خاندان
۾ هن کان ننڍا ڇوڪرا هئا يا وڏا شادي شده تنهن ڪري بشير به خاموش هو، هاڻي رابعه جو
اسرار هو ته اڳتي پڙهندي، گهر ۾ جهيڙا ٿيڻ لڳا، بشير راضي نه هو، ”سڪينه ڇوڪري کي
پڙهائي فائدو به ڪهڙو ۽ پڙهائي ڇوڪرين جا دماغ خراب ڪندي آهي، سڀاڻي اسان جي منهن
تي ايندي جڏهن عزت تي ڌڪ رسائيندي ته خبر پوندي.“ سڪينه تڙپي وئي، ”خدا جي لاءِ
بشير ائين نه چئو، منهنجي ڌيءَ اهڙي ناهي، مون توکي زندگي ۾ ڪا فرمائش ناهي ڪئي پر
منهنجي ڪري رابعه کي اڳتي پڙهڻ جي اجازت ڏي،“ آخر بشير ڪافي بحث کانپوءِ راضي ٿيو،
رابعه کي ڄڻ قارون جو خزانو ملي ويو، هڪ ڪاليج ۾ داخلا آرام سان ملي وئي، ڪاليج گهر
کان ٿوري مفاصلي تي هو، هو پاڙي جي ڇوڪرين سان وڃڻ لڳي، بشير ڪاوڙيل رهندو هو پر
ڏينهن گذرڻ لڳا، ڪاليج ويندي وچ ۾ درزي جو دڪان هو، واندا ڇوڪرا ويٺا هوندا هئا،
تيز آواز ۾ ٽيپ هلائيندا هئا، هن کي ڪاوڙ ٿيندي هئي پر ٻيو ڪو رستو نه هو، گرمين ۾
ته روڊ خالي ٿي ويندا هئا، هڪ ڏينهن موقعو ڏسي هڪ ڇوڪري هڪ ڪاغذ هن جي رستي ۾
اڇلايو، هو خوف کان ڏڪي ٿي وئي، ڇوڪريون تيز تيز گذري ويون، هاڻي روز ائين ٿيڻ لڳو،
هڪ ڏينهن ثمينه جي ڀاءُ ڏٺو ته ثمينه ۽ انيتا کي ڪاليج کان منع ڪري ڇڏيائين، هاڻي
ندا ۽ رابعه وينديون هيون، رابعه ذهني خوف ۾ مبتلا هئي، هڪ ته پڙهائي جي اجازت مشڪل
سان ملي، وري مٿان هي آواره ڇوڪرا... رابعه سخت اذيت ۾ هئي، هڪ ڏينهن ڪاليج مان
موٽندي هڪ ڇوڪري حد ڪري ڇڏي اچي اڳيان بيهي ويو ۽ رابعه سان ڇڇوريون ڳالهيون ڪرڻ
لڳو، رابعه ۾ الائي ڪٿان همت آئي جو زوردار چماٽ ڇوڪري کي وهائي ڇڏيائين ۽ تيزي سان
هلي وئي، گهر پهچي به خوفزده هئي، ماءُ سبب پڇيو ته گرمي جو بهانو ڪيائين، خوف مان
ٻه ڏينهن ڪاليج نه وئي، سڪينه ٽئين ڏينهن چيو امان رابعه موڪل ڇو ڪئي اٿئي، تنهنجو
پيءُ مشڪل سان راضي ٿيو روز طعنا ڏيندو آهي، باقي خير سان آخري سال به نڪري وڃي،
رابعه خاموش هئي، ٻئي ڏينهن همت ڪري ڪاليج لاءِ نڪري آئي، ڇو جو ماءُ کي ٻڌائي ها
ته هو پڙهائي کان روڪي ها ۽ رابعه کي پڙهڻ جو جنون هو خير ڊڄندي ڊڄندي هو گهٽي ۾
آئي درزي جي دڪان ۾ ٽيپ ته هليو پئي پر هن ڏينهن وارو ڪو ڇوڪرو نه هو خدا جو شڪر
ڪندي گذري وئي، ٻه ڏينهن گذري ويا، ٽئين ڏينهن ڪيمسٽري جو پيپر هو، ڪاليج لاءِ نڪتي
پر اڄ ندا نه آئي، هن جي ماءُ جي طبيعت خراب هئي، رابعه دڪان جي ويجهي پهتي ته ڪير
نه هو، هو تيزي سان گهٽي مان نڪري وئي، اڄ واپسي تي خوش هئي ڇو ته آخري پيپر هو ۽
ٿيو به سٺو اوچتو هن جي ويجهو هڪ گاڏي اچي بيٺي ۽ گهلي هن کي گاڏي ۾ وڌو ويو، رابعه
جو دماغ ڦرڻ لڳو، هوش ۾ آئي ته هڪ ڪمري ۾ موجود هئي ۽ ساڳيو ڇوڪرو بيٺو هو، جنهن کي
رابعه چماٽ هنئي هئي، هڪدم رابعه کي سڀ ياد اچي ويو ۽ دانهون ڪرڻ لڳي، مون کي آزاد
ڪيو رحم ڪريو، ڇوڪرو هن کي خاموش ڪرائي چوڻ لڳو ”ايترو نه روءِ ۽ نه پريشان ٿي، مان
توکي ڪجهه نه ڪندس، نه ماريندس، بس اڄوڪي رات منهنجي مهمان آهين، هتي آرام ڪر سڀاڻي
توکي گهر ڇڏي اينداسين،“ رابعه جو خوف منجهان آواز نه پئي نڪتو، ”هي ڇا ٿو چوين رحم
ڪر مون تي ظلم نه ڪر مان رات گهر کان ٻاهر...! پنهنجي ماءُ جي ڀينرن جي صدقي مان به
نياڻي آهيان، مون تي رحم.... خاموش ٿي هاڻي مون کي چماٽ هڻڻ جي خبر پوندي“ هو
کلندو ڪمري مان نڪري ويو، رابعه رڙيون، دانهون ڪيون، منٿون ڪيون پر هتي ڪير هجي ها
ته ٻڌي ها. سڄي رات فڪر، پريشاني، خوف ۽ بدنامي جي احساس سان ڳوڙها وهندا رهيا، سوچ
به مفلوج ٿي وئي، ٻئي ڏينهن ساڳيو ڇوڪرو آيو ۽ ڪمري جو تالو کولي هن کي وڃڻ جو
اشارو ڪيائين، رابعه خاموش نظرن سان هن کي نهاري نڪري آئي، ڪيڏانهن وڃي، ڪنهن کي ڇا
چوي پيءُ جي مزاج کان واقف پر ڪير پاڪيزگي ۽ سچائي تي يقين رکندو، آخر ڪيئن لمحا
گذري ويا، هو خاموشي سان هلندي رهي آخر ماءُ کي حقيقت ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيائين،
جيڪڏهن خودڪشي ڪري ته هن جي موت جو ڪنهن کي علم نه ٿيندو ۽ هو بيڏوهي هوندي به
بدڪردار چئي ويندي ۽ تعليم سان گڏ هن جي ماءُ کي به ذميوار قرار ڏنو ويندو، آخر هو
گهر ڏانهن نڪري آئي، اندر داخل ٿي ته ماءُ روئي رهي هئي، هو سمجهي ته بابا ڪونهي هو
اچي ماءُ جي قدمن ۾ ويٺي پر سڪينه نفرت منجهان پري ڪري مارڻ لڳي، ”اهو تعليم توکي
سيکاريو، عزت رولي هلي وئين! منهنجو به خيال نه ٿيو پيءُ جي عزت جو به نه سوچيو تون
مري ڇو نه وئينءَ، وري منهن کڻي آئين آهين.“ رابعه روئندي ماءُ کي ڳالهه ٻڌائيندي
رهي، آخر ماءُ کي ڌيءَ جي سچائي تي يقين اچي ويو، اڃا ڀاڪر پائي پئي مٿان بشير اچي
بيٺو، رابعه کي ڏسي طيش ۾ اچي مارڻ لڳو، سڪينه پيرن ۾ ڪري ڌيءَ کي بچائيندي رهي پر
بشير تي قهر لٿل هو، اندران ڪهاڙي کڻي آيو، سڪينه منٿون ڪندي رهي رابعه پنهنجي
صفائي پيش ڪندي رهي پر بشير ڪهاڙي جا وار ڪندو رهيو، زين کي به رحم نه آيو هو به
معصوم ڀيڻ رابعه کي ماريندو رهيو، آخر زخمن جا وار نه سهندي رابعه رتورت ٿي زمين تي
ڪري پئي، بشير حقارت ۽ نفرت سان رابعه جي ڪردار کي لفظن سان داغدار ڪندو رهيو،
سڪينه ڌيءَ جي بيگناهي کي ثابت ڇا ٻڌڻ گوارا نه ڪندڙ مڙس کي بيوسي سان نهاريندي
ڳوڙها ڳاڙيندي رهي، سامهون جوان معصوم ڌيءَ جو لاش پيو هو، جنهن جون اڌ کليل خالي
خاموش پٿريليون اکيون آسمان ڏانهن نهاري ڄڻ رب کان سوال پڇي رهيون هيون ته اي خدا
نياڻي کي پيدا ئي ڇو ڪيو، جيڪڏهن دنيا ۾ آئي به ته ايترو بيوس، لاچار، مجبور ۽
مظلوم ڇو بڻايو، منهنجو ڏوهه ته ٻڌايو، علم جي روشني حاصل ڪرڻ جي چاهه ۾ مون کي
انڌيرو مليو، باڪردار هوندي به بدڪردار بڻجي ويس، هاڻي سالن تائين تعليم کي الزام
ڏنو ويندو ۽ مون جهڙيون ڪيتريون ڇوڪريون ڪاري قرار ڏيندي بيگناهه ماريون وينديون.
The Kawish Group of
Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh
Pakistan.
Phone:+92
(22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772,
2781167 Email:
kawish12@yahoo.com
----
thekawish_hyd@yahoo.com