ڪاوش نازڪ

گهرن ۽ پنهنجن بنا ڪهڙيون عيدون

آغا روشن آرا بتول

 

”صبح پنئون ٿا شام جو ختم، صبح ٿيندي ئي ساڳي لٺ ساڳيا لوڏا“ اهي لفظ ان ٻوڏ متاثر عورت جا هئا جيڪا پنهنجي ۽ پنهنجن ٻچن جي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ گهر گهر هٿ ٽنگڻ تي مجبور هئي، ماءُ جي ممتا هونئن به مجبور هوندي آهي، پنهنجن ٻچن کي بک مرندي ڪٿي ڏسي سگهندي آهي پر شايد کيس ڪيترائي طعنا مهڻا به ٻڌڻا پيا هوندا ته مائي معاف ڪر، اسان پاڻ غريب آهيون، يا پنهنجن مردن کي چئو ته وڃي ڪمائين. اهو سڀ ٻڌندي به هوءَ مجبور عورت اهو سڀ پنهنجن ٻچن لاءِ ڪندي آهي، هيل آيل ٻوڏ ته پاڻ سان سڀ ڪجهه وهائي وئي آهي، باقي رهيا آهن ته انهن غريبن جا آسرا ۽ اميدون جيڪي نيٺ ته مالڪ سائين پوريون ڪندو، رمضان جو ڀلارو مهينو موڪلائڻ تي آهي ۽ عيد جو چنڊ نڪرڻ لاءِ آتو آهي، صاحب حيثيت ماڻهن ته عيد جون تياريون ڪري ڇڏيون هونديون پر هيل ٿيل هاڃن کانپوءِ عيد جي اها خوشي محسوس ئي ڪونه پئي ٿئي ۽ ٻوڏ سٽيل مارن جي ڇا ڳالهه ڪجي، پنهنجن گهرن ۽ پيارن بنا به ڪي عيدون ٿينديون آهن ڇا ڀلا؟ عيد جو چنڊ شايد انهن لاءِ خوشين بدران اکين ۾ لڙڪ آڻي ڇڏي، ڇو ته نه ته سندن پنهنجا اجها آهن ۽ نه ئي عيد مبارڪ چئي ڀاڪر پائڻ وارا پنهنجا ۽ نه ئي انهن شوخ ۽ چنچل ڇوڪرين کي پائڻ لاءِ نوان ڪپڙا ۽ چوڙيون هونديون ۽ نه ئي ڳراٺڙي پائي عيد مبارڪ چوڻ واريون پياريون سهيليون، سندن اها شوخي ۾ سمورا ٽهڪ ۽ خوشيون ٻوڏ جي پاڻي سان گڏ وهي چڪيون آهن، عيد ڏهاڙي شايد ميندي جي چٽن بنا هٿ کين ڏکارو ڪن، ننڍڙا ٻار به شايد وڏڙن کان عيد جي خرچي لاءِ ضد نه ڪن، ڇو ته ٻوڏ سڀني جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا آهن، شايد کين پيٽ جي باهه اجهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه کين ياد ئي نه هجي، ٻوڏ جي خوف ڪري معصوم ٻار پنهنجو ذهني توازن وڃائي چڪا آهن، بيمارين وگهي ڪيترن کان پنهنجا پيارا وڇڙي چڪا آهن، پوءِ ڀلا عيد جون ڪهڙيون خوشيون پر ائين ڇو پيو ٿئي، ڪنهن انسانيت دوست ماڻهو جو قول آهي ته جيڪڏهن هر ماڻهو هڪ هڪ ڌاڳو ڏئي ته ڪنهن غريب جا ڪپڙا تيار ٿي وڃن، هونئن به ڦڙو ڦڙو تلاءُ ته ٿيندو آهي پر اسان ايترا بيحس ڇو ٿي چڪا آهيون جو ڪجهه نظر ئي نٿو اچي، صرف حڪومت تي الزام هڻڻ کانسواءِ اسان مان هر هڪ گهر مان ڪجهه نه ڪجهه ڏنو وڃي ته شايد گهڻو ڪجهه گڏ ٿي وڃي پر شايد ڀريل پيٽ پنهنجو پيٽ ڀرڻ ڄاڻيندا آهن، الله سائين جي راهه ۾ ڏيڻ سان ته الله سائين وڌائي ڏيندو آهي، جيڪڏهن اسان جا صاحب حيثيت ماڻهو پنهنجي دولت جي زڪوات ڪڍن ته شايد ٻوڏ متاثرن لاءِ گهڻو ڪجهه ٿي پوي پر زڪوات جو فرض هوندي به ڪير زڪوات ڪڍڻ لاءِ تيار ئي ناهي ٿيندو ته متان اسان جي دولت کٽي پوي پر الله سائين جي حڪم جي نافرماني ڪرڻ سان شايد اها دولت انهن لاءِ فائديمند ثابت نه ٿئي، ڪيترائي صاحب حيثيت گهڻو ڪجهه ڏين به ٿا ٻوڏ متاثرن لاءِ پر اسان سڀني کي گڏجي ڪجهه ڪرڻ گهرجي، اسان کي الله سائين ايترو ڪجهه ڏنو آهي جو ان مان ڪجهه ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏيون ته اسان جو ڪجهه کٽي ڪونه پوندو. اسان جيڪڏهن پنهنجو جائزو وٺون ته اسان کي پنهنجا ڪٻٽ ڪپڙن، چوڙين ۽ جيولري سان ڀريل نظر ايندا، ٻارن توڙي مردن جا ڪپڙا به وڌارا پيل هوندا آهن، جيڪڏهن اسان انهن مان ڪجهه ڪڍي ٻوڏ متاثرن لاءِ موڪليون ته جيئن ڪجهه نه ڪجهه انهن جي مدد ٿي سگهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ کاڌي کان وڌيڪ ته ٻي ڪا شيءِ اهميت نه ٿي رکي پر ٿي سگهي ٿو ته اسان پاران موڪليل چوڙيون، جيولري يا ڪپڙا ڏسي ڪنهن جي منهن تي مرڪ اچي وڃي، هڪ پل لاءِ ئي سهي سندن ڏکايل مک تي خوشيءَ جو احساس ته پيدا ٿيندو، گهر جون سيويون ته کين نصيب ڪونه ٿي سگهنديون پر عيد ڏهاڙي جيڪڏهن ممڪن ٿي سگهي ته اسان کي سيوين جو انتظام ڪرڻ گهرجي، ڪنهن بادشاهه پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو ته پٽ انسان کي شينهن وانگر ٿيڻ گهرجي، ڇو ته هو جڏهن شڪار ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه کائي ۽ ڪجهه بچائي ويندو آهي ته ان بچيل شڪار مان ڪمزور جانور پنهنجو پيٽ ڀريندا آهن، مطلب ته جيڪڏهن اسان پنهنجي لاءِ ڪمائڻ جي سگهه رکون ٿا ته صرف پنهنجي لاءِ نه ڪمايون پر هيڻن ۽ ڪمزورن لاءِ به ڪجهه ڪريون، ڇو ته اها ئي اصل زندگي آهي، پنهنجي لاءِ ته هر ڪو جيئندو آهي پر اصل جيئڻ ته ٻين لاءِ آهي نه. هونئن به حلال رزق حاصل ڪرڻ عبادت آهي.