ڪاوش نازڪ |
|
علم کي پاڻ تائين محدود نه ڪريو شمائلا نواز سولنگي زندگي بابت هر انسان جي اکين ۾ خواب هوندا آهن، هر انسان چاهيندو آهي ته سندس اهي خواب پورا ٿين پر ڪڏهن ڪڏهن ڪوششن باوجود اهي خواب پورا نه ٿي سگهندا آهن، ان صورتحال ۾ گهڻا انسان مايوس ٿي ويندا آهن، جيڪا ڳالهه صحيح ناهي هوندي پر اها به حقيقت آهي ته هر انسان پنهنجي طاقت آهر ڪم ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ان کان وڌيڪ زور لڳايو ويو ته پريشانيون ٿي سگهن ٿيون، هر ماڻهو الڳ الڳ سوچ رکندو آهي هر ماڻهو وڏا ڪم ڪرڻ جي طاقت نه رکندو آهي، پوءِ به هو چوندو ته مان ڪو وڏو ڪم ڪيو، جيڪو ممڪن ناهي، ان جو تصور ڇو ڪجي، اهڙي صورتحال ۾ اهو بهترآهي ته ننڍين ننڍين خوشين جي ننڍن ڪمن جي ڳولا ڪجي ۽ نيڪيون ڪجن، هونئن به انسان ڪم کي ننڍو يا وڏو نه سمجهي، ڪنهن به نيڪي کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي، الله تعاليٰ ته هر انسان جي نيتن کي ڄاڻي ٿو، خبر ناهي اسان جو ڪهڙو ڪم يا ڪهڙي نيڪي مالڪ کي پسند اچي وڃي ۽ اسان جي ڇوٽڪاري جو سبب بڻجي وڃي، جيئن ڪنهن کي علم يا ڪو هنر سيکارڻ به هڪ نيڪي آهي، جيستائين اهو علم هلندو رهندو ثواب ملندو رهندو، ان ڪري علم يا هنر پاڻ تائين ڪڏهن به محدود نه رکڻ گهرجي، جنهن کي به توهان ڪو ننڍو وڏو هنر ڏيندا جيڪو به توهان وٽان هنر سکندو ان جي در مان لاءِ توهان کي نه ڪنهن اداري ۾ وڃڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ڪنهن تربيتي مرڪز ۾ وڃڻ جي ضرورت آهي، ان جو ثواب ته توهان کي گهر ويٺي به ملي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪا غريب ۽ يتيم ڇوڪري توهان جي پاڙي ۾ رهي ٿي ۽ توهان کيس اهو هنر سيکاريو ٿا ته ان جي دل مان توهان لاءِ جيڪي دعائون نڪرنديون انهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن وقت جي گهٽتائي جي شڪايت آهي ته سڄي ڏينهن ۾ ڪجهه لمحا اهڙا ضرور هوندا آهن جن کي اسان بيڪار ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏيندا آهيون، مثال طور گهڻيون عورتون ڏينهن جا ڪجهه ڪلاڪ ٽي وي وغيره تي ڏينديون آهن، ڇا اسان لاءِ اهو بهتر ناهي ته ان مان ٿورو وقت ڪنهن سٺي ڪم لاءِ وقف ڪجي، ان سان توهان کي جيڪا خوشي ملندي ان جو به پنهنجو هڪڙو الڳ رنگ آهي ان ڪري اهڙين ننڍين ننڍين خوشين جي ڳولا ڪريو جنهن سان توهان کي سڪون ملي. |