|
دربدري واري زندگي ۾ عيد جون خوشيون بي رنگ هونديون!
لڌو مڇارو
مڪلي جي قبرستان ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار سامهون هڪ پڪي قبر
جي ڪوٽ ۾ ٻن ڪاٺين تي رلي رکي پنهنجي چئن ٻارڙن کي ڇانورو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندڙ زينت جي
ذهن تي اهي ڳالهيون اڄ به تري اچن ٿيون جڏهن هو سجاول ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ عيد جي
اچڻ کان اڳ ئي ان جون خوشيون ملهائڻ لاءِ تياريون ڪندا هئا، زينت جو وَر پنهنجي
زميندار وٽان عيد جي خرچ لاءِ مليل ڏوڪڙ کڻي اچي کٽ تي ويهي پنهنجي ونيءَ کان عيد
جي خريداري لاءِ سامان جو پڇندو هو، سامان جي انهيءَ لسٽ ۾ ٻارن جا ڪپڙا سڀ کان
پهرين ايندا هئا ۽ پوءِ سيوين کان وٺي کاڌي پيتي جي ٻين شين جي خريداري ٿيندي هئي
پر هاڻي ته نه ئي هو ڳوٺ ۾ آهن ۽ نه ئي کين پنهنجي اجوري جا ڪي پئسا مليا آهن، نه
سامان جي لسٽ ٺهي آهي ۽ نه ئي وري ٻارن کي ڪپڙا مليا آهن، هينئر ته هو ڪوٽ عالمون
وٽان سنڌو جي ايم ايس بند کي پيل گهاري کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ ٻڏي وڃڻ سبب مڪلي جي
تاريخي قبرستان ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن، ٻوڏ اچڻ کانپوءِ اڪثر علائقن جا ٻوڏ متاثر
ڪئمپن ۾ ترسيا آهن پر ٺٽي ضلعي جي اڪثر ٻوڏ سٽيلن کي هن تاريخي قبرستان پنهنجي هنج
۾ پناهه ڏني آهي، عام طور تي ماڻهو قبرستان ۾ راتيون يا ڏينهن گذارڻ ۾ خوف محسوس
ڪندو آهي پر جڏهن ٻوڏ متاثرن جو سڀ ڪجهه لڙهي ويو، هو بي يارومددگار ٿي ويا، وٽن ڪو
سهارو نه رهيو ۽ نه ئي ڪو اجهو رهيو تڏهن هو هاڻي هن قبرستان ۾ بي خوف بڻجي زندگي
گذاري رهيا آهن، توڻي جو سندن اها زندگي انتهائي دربدري واري آهي پر هو ڇا ٿا ڪري
سگهن ؟ مڪلي جي قبرستان ۾ ترسيل اڪثر ٻوڏ متاثرن کي ته عيد ياد آهي ئي ڪونه، ڇاڪاڻ
ته هو هر ويل پنهنجي پريشانين ۾ ورتل آهن ۽ ان اوني ۾ آهن ته سندن ٻچن لاءِ منجهند
توڙي رات جي ماني جو ڪيئن بندوبست ٿيندو ؟
جيڪڏهن ڪئمپن ۾ ماني اچي به ٿي ته ان تي
به وڏي لٺ لڳي ٿي، ماڻهو جهيڙا ڪن ٿا ۽ شريف ٻوڏ متاثر کي ته پنهنجي ۽ ٻچن جي پيٽ
جي بک اجهائڻ لاءِ هڪ پليٽ جيترو ڀت به نصيب نٿو ٿئي ۽ ائين ئي هو درد جا ماريل
ماڻهو بکيا سمهي رهن ٿا، هتي ترسيل عورتن جي ته پنهنجي درد ڪهاڻي آهي، ڪريمان خاتون
ڪڏهن سوچيو به نه هو ته کين اهڙي بدتر زندگي گذارڻي پوندي، جتي خوشي نالي ته ڪا شيءِ
ناهي پر درد کين هر پل وڍيندو رهي ٿو، اهڙي هنڌ ۽ ماحول ۾ هو عيد جون خوشيون ڪٿي
سنڀاري ٿا سگهن، سندن زندگي ۾ في الحال ته ڪا خوشي ڪرموڙي اٿي ئي نٿي. ڪريمان خاتون
جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي زندگي ۾ اهڙي دربدري واري زندگي ڪڏهن به نه گذاري آهي،
هي اسان جي زندگي جو بدترين موقعو آهي، جڏهن اسان پنهنجي عيد به نٿا ملهائي سگهون،
هو چوي ٿي ته اسان جيڪڏهن عيد جي خوشي جي خواهش به ڪريون تڏهن به اها پوري ڪونه
ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هتي اسان کي ٻن ويلن جي ماني به نٿي ملي ته پوءِ عيد جي ڏهاڙي تي
اسان کي ڇا ملندو؟ ڪريمان هڪ ٿڌو ۽ ڊگهو ساهه کڻي انتهائي درد ڀرئي ٻڏل آواز ۾ چوي
ٿي ته ”پنهنجي گهرن کان پري قبرستان ۾ عيد ڪهڙي هوندي؟“ ڪريمان جي انهيءَ سوال ۾ هڪ
وڏو درد سمايل هو، اهو درد ڄڻ ته مڪلي جي ٽڪريءَ تي قبرن جي وچ ۾ کليل آسمان هيٺ
ويٺل انهن سمورين عورتن جو درد آهي جيڪي پنهنجي گهرن کان پري انتهائي ڏکي زندگي
گذاري رهيون آهن، هن عيد تي فاطمه لاءِ نه ڪو نئون وڳو هوندو نه ئي ”ننهن رڱڻي“
هوندي ۽ نه ئي ”ڳل لولو“ هوندو، توڻي جو ڳوٺ ۾ به سندن انهيءَ سادگي ڀري زندگي ۾
ٿورڙي پئسي واريون اهي شيون زندگي جي سمورين خوشين جا رنگ ڀري ڇڏينديون هيون پر
هاڻي ته سندن نصيب ۾ اهي معمولي شيون به نه رهيون آهن ۽ نه ئي سندن عيد جي خوشي کي
ڪو رنگ ملي سگهندو، انهن عورتن لاءِ هتي عيد بي رنگ هوندي، انهن عورتن جا ٻارڙا به
ڏاڍو اداس آهن، ڇاڪاڻ ته سندن جهولي ۾ ڪابه خوشي نصيب نٿي ٿئي، انهن ٻارڙن کي ڀت جي
هڪ ٿيلهي وٺڻ لاءِ سڄو ڏينهن هڪ نه کٽندڙ قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو ۽ ائين ئي شام ٿي وڃي
۽ يا وري سنجها ٽاڻو ٿي وڃي ٿو، انهن ٻارڙن لاءِ هن عيد تي نه رانديڪا هوندا ۽ نه
ئي نوان ڪپڙا، جڏهن مائرون پنهنجي اولاد کي انهيءَ حالت ۾ ڏسنديون ته کين ضرور ڏک
ٿيندو، مڪلي جي قبرستان ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪجهه خيما لڳايا ويا آهن پر اڪثر
ماڻهن کي کليل آسمان هيٺ ٻه کٽون يا چار ڪاٺيون اڀيون ڪري مٿان رليون رکي پاڻ لاءِ
ڇانورو ڪرڻو پوي ٿو، هاڻوڪي گرمي ۾ اهو ڇانورو به کين پگهر کان بچائي نٿو سگهي،
هينئر به جڏهن رمضان شريف جا روزا هلي رهيا آهن تڏهن هنن متاثر عورتن کي برڪتون
حاصل ڪرڻ لاءِ روزو رکڻ جون به سهولتون نه مليل آهن، ڪجهه عورتون جيڪڏهن روزو رکن
ٿيون ته کين سحري ۽ افطار لاءِ وڏا پاپڙ ويلڻا ٿا پون، سجاول شهر جي رهواسڻ انيلا
به عيد جي ذڪر تي اکين مان لڙڪ لاهي ويٺي، هو چوي ٿي ته جڏهن گهر هوندا هئاسين ته
بابا اسان لاءِ ڪافي شيون وٺي ايندو هو ۽ اسين پنهنجي مٽن مائٽن سان گڏجي خوشي سان
عيد ملهائيندا هئاسين، هو ڀروارين قبرن ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿي ته هاڻي ته هنن
قبرن جي وچ ۾ عيد جو ڏهاڙو گذارڻو پوندو ۽ اهڙي حالت ۾ ڪا خوشي ملڻ جو سوال ئي پيدا
ناهي، اسان کي ته ان ڏينهن به لڙڪ لاڙي سج لاهڻو پوندو، هو ٻڌائي ٿي ته قبرستان ۾
رهڻ جو هن ڪڏهن زندگي ۾ تصور به نه ڪيو هو پر هاڻي جڏهن هو هتي ترسيل آهي تڏهن کيس
اهو احساس ٿيو آهي ته زندگي ڏاڍي ڪٺن آهي. عيدالفطر جي موقعي تي هنن ٻوڏ متاثرن کي
خوشين سان ٽمٽار ڪو ڏهاڙو نصيب نه ٿيندو پر جڏهن ٻين علائقن ۾ خوشيون هونديون تڏهن
به هتي ويٺل عورتن کي پنهنجا لڙڪ اگهڻا پوندا، کين پنهنجو اهو گهرگهاٽ ياد ايندو
جتي هو عيد ڏهاڙي سيويون پچائي ۽ ٻيا طعام تيار ڪري پنهنجين سهيلين ۽ گهرڀاتين سان
گڏجي ان ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ملهائينديون هيون.
|