هونئن ته ننڍي کنڊ ۾ رقص جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، پنج هزار سال اڳ جي موئن
جو دڙو مان به ”ڊانسنگ گرل“ جي مورتي ملي آهي، ننڍي کنڊ ۾ جڏهن مغلن جو دور آيو
تڏهن هنن ناچ يا رقص کي زور وٺرايو، مغل بادشاهت ۾ اچڻ سان گڏ اهي رنگينيون به کڻي
آيا، ايران ۽ افغانستان کان وٺي سنڌ ۽ نئين دهلي تائين اهي ناچ گاني جون محفلون مچڻ
شروع ٿي ويون، نه ته ان کان اڳ رڳو مندرن ۾ ديو داسيون رقص ڪنديون هيون، 1500ع ۾
جڏهن اڪبر بادشاهه جو دور آيو درٻار ۾ تان سين سـُر ڇيڙيندو هو ۽ ناچڻيون پنهنجي
پيرن ۾ ڇير ٻڌي اهڙا ته ڇال ڏينديون هيون جو درٻار دنگ رهجي ويندي هئي، 1857ع جي
ڏهاڪي ۾ امرائو جان، ثريا ڀوپالي، سلطان ٻائي ۽ ٻيون مشهور نرتڪيون ٿي گذريون. ان
وقت جي ناچڻين ۽ هاڻوڪي دور جي رقاصائن ۾ تمام گهڻو فرق آهي. اهو 1976ع کان اڳ جو
زمانو هو جڏهن حيدرآباد جي کاهي روڊ کان وٺي سري گهاٽ ۽ مياڻي روڊ تائين گهٽيون
خوشبوءَ سان واسيل هونديون هيون، نرت يا ناچ جي فن سان واڳيل ڪيتريون ئي ناچڻيون
پنهنجي آستانن تي سازندن سميت ڪنهن ناچ جي شوقين جو انتظار ڪنديون هيون ۽ جڏهن ڪو
وڏيرو يا شوقين اچي پهچندو هو ته اتي شاهي محفلن جيان کيس پانن جي ٿالهي پيش ڪئي
ويندي هئي جنهن ۾ سوپاريون ۽ سگريٽ به پيل هوندا هئا، سازن جا آواز ڇڙي پوندا هئا،
مڌر سـُر ماحول کي مهڪائي ڇڏيندا هئا، پنهنجي پيرن ۾ پايل ٻڌي ڇناڇن ڇير وڄائڻ جي
تياري ڪري ويٺل نرتڪي بس پنهنجي پيرن ۽ بدن کي لرزش ڏئي اهڙو ته ناچ ڏيکاريندي هئي
جو ڏسندڙ جا واڄٽ وڄي ويندا هئا، ماڻهن جا هوش خطا ٿي ويندا هئا، اهي ناچڻيون نرت
جي فن سان باقاعده واڳيل هيون ۽ ناچ جي بهترين استادن کان سکيا وٺڻ سان گڏ راڳ جي
لئه ۽ سـُر کي به سمجهڻ لاءِ استادن کان سکيا وٺنديون هيون، تڏهن ناچڻين کي محفلن ۾
گهرائڻ جو رواج گهٽ هو، ڪي
خاص
وڏيرا يا امير ماڻهو نرتڪين کي گهرائي رقص جون محفلون مچائيندا هئا ۽ لطف اندوز
ٿيندا هئا پر عام طور تي اهو رقص صرف انهن نرتڪين جي گهرن تي ٿيندڙ محفلن تائين هو،
هاڻي وقت بدلجي ويو آهي، دنيا ۾ جدت اچڻ سان گڏ نرت جي فن ۾ به بگاڙ پيدا ٿي ويو
آهي، اڄ به کاهي روڊ کان مياڻي روڊ ، سري گهاٽ ۽ مارڪيٽ تائين وارن علائقن ۾ انهن
ئي خاندانن مان ڪيتريون ئي ڇوڪريون ناچ جي فن سان واڳيل آهن پر انهن جي فن ۾ هاڻي
نه ته ڪلاسيڪل رنگ رهيو آهي ۽ نه ئي وري اهو ناچ ڏسڻ جا شوقين رهيا آهن، اڄڪلهه ته
فلمي گانن جي سي ڊيز تي اهي ناچڻيون رقص ڪري ماڻهن جا روح ريجهائينديون آهن، نه ته
حيدرآباد جي انهيءَ علائقي مان ئي پاڪستان توڙي بالي ووڊ جي فلم انڊسٽريز کي ناچ جو
فن ڄاڻيندڙ بهترين اداڪارائون مليون آهن، سازنا ڪنهن دور ۾ حيدرآباد جي سري گهاٽ
واري علائقي ۾ مشهور ناچڻي هئي ۽ ورهاڱي وقت هو سنڌ ڇڏي هند هلي وئي ۽ پوءِ بالي
ووڊ جي مشهور اداڪاره بڻجي وئي ۽ ڪيترين ئي فلمن ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو، انهن
فلمن ۾ ”بي دردي بالما، تجهه ڪو ميرا من ياد ڪرتا هي“ جهڙن گانن تي هن ناچڻي جي مڌم
رقص ماڻهن جا من موهي ڇڏيا، هتان کان ئي پاڪستان فلم انڊسٽري کي مهاپارا، چڪوري،
نيلي ۽ سعيده خانم جهڙيون اداڪارائون مليون، اهي سموريون اداڪارائون فلم انڊسٽري ۾
شامل ٿيڻ کان اڳ حيدرآباد ۾ ناچ گاني جي فن سان واڳيل هيون، ماضي ۾ حيدرآباد ۾ مسرت،
نسيم، چڪوري، پروين بوبي، سعيده خانم، ثمينه ۽ ڪٿڪ ڊانس جي ماهر ڪوثر ناچ جي فن
واري دنيا ۾ راڄ ڪري چڪيون آهن، هاڻي ڊانس يا ناچ اڳي کان به گهڻو هلي ٿو پر اڄڪلهه
جون ناچڻيون ڪلاسيڪل راڳ سکڻ کان لنوائين ٿيون، هڪ ته اهو ڏاڍو ڏکيو فن آهي ۽ ٻيو
وري ان ۾ وقت گهڻو لڳي ٿو ۽ آمدني گهٽ ٿئي ٿي، اهي ناچڻيون هاڻي پنهنجي ڊانس ماسٽر
يعني استاد کي اهو واضح چون ٿيون ته هو کين رڳو اهو ڊانس سيکاري جنهن ۾ جسم جي لرزش
وڌيڪ هجي ۽ جنهن سان ماڻهن جي کيسن مان پئسا ڪڍي سگهجن ۽ پوءِ استاد کين اهو ئي فن
سيکاري ٿو جيڪو سڌو ماڻهن جي دلين کي موهي ٿو، جڏهن هڪ ناچڻي اسٽيج تي يا ڪنهن محفل
۾ پنهنجي بدن کي لرزش ۾ آڻي ٿي ته گهڻن جا ئي کيسا خالي ٿي ويندا آهن، حيدرآباد ۾
اڄڪلهه سونم ۽ سوئيزا کان وٺي گوري ۽ ثانيا تائين بهترين ناچڻيون موجود آهن. مهرين،
غزالا ناز ۽ سندس ڀيڻ صدف، سحر پروين، انمول، زرين ڪرن، مريم زرقا، سميرا ۽ ثانيا
بهترين ناچڻيون مڃيون وڃن ٿيون پر انهن سڀني مان صنم ملڪ سپر ڊانسر ليکي وڃي ٿي
جيڪا ڪلاسيڪل ڊانس به ڄاڻي ٿي، چون ٿا ته ورهاڱي کان اڳ به ناچ گاني جي محفل هزارين
رپين ۾ ٿيندي هئي ۽ هاڻي اهي ناچڻيون هڪ محفل جو 50 هزار کان هڪ لک رپين تائين وٺن
ٿيون ۽ اڃا به اتي جيڪڏهن وڌيڪ پئسا ملي وڃن ٿا ته سندن نصيب، اهي ناچڻيون نه رڳو
حيدرآباد ۾ ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿيون پر پنهنجي انهيءَ فن
جي سفر ۾ کين اسلام آباد جون باءِ ايئر ٽڪيٽون به ملن ٿيون، هو لاهور کان وٺي ٻين
هنڌن تي به محفلن ۾ پيرن ۾ ڇير ٻڌي ائين ڊانس ڪن ٿيون جو محفل لٽجي وڃي ٿي، اڳي
جيڪي ناچڻيون هيون انهن ۾ ادب ۽ آداب هئا، انهن وٽ اصول هئا پر هاڻي اهي شيون نه
رهيون، پراڻين ناچڻين ۾ اخلاقيات ايتري ته هوندي هئي جو سندن محفلن ۾ امير ماڻهو
پنهنجي اولاد کي وٺي ايندا هئا ته جيئن اهي اهو ادب ۽ آداب سکن، پر هاڻي ته ڊانس جو
فن صرف پئسي جي حاصلات تائين محدود رهجي ويو آهي، اڳي ناچڻين ۽ ڏسندڙن جي وچ ۾
مفاصلو هوندو هو، اڄڪلهه جون ناچڻيون اهڙي اخلاقيات کان پري آهن، اڳي ناچڻيون مقامي
لباس ۾ رقص ڏيکارينديون هيون پر اڄڪلهه بيلي ڊانس جي لباس کان وٺي بالي ووڊ جي
اداڪارائن جهڙا لباس استعمال ڪيا وڃن ٿا، اهي ناچڻيون محفلن ۾ انهن ئي ماڻهن کي پاڻ
ڏانهن وڌيڪ متوجه ڪنديون آهن جن وٽان کين وڌيڪ پئسو ملڻ جي اميد هوندي آهي ۽ پوءِ
هوءَ تيستائين ان ماڻهو جي ويجهو رهن ٿيون جيستائين سندس پئسن جي دستي دنگ نٿي ڪري
يا کيسو خالي نٿو ٿئي، جڏهن ماڻهو جو کيسو خالي ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهي ناچڻيون ڪنڌ
ورائي به ان ماڻهو ڏانهن نٿيون ڏسن، جيئن ئي دستين مان نوٽن جي اڏار جهڪي يا بند
ٿيندي آهي ته ناچڻي جا گهنگهرو ۽ پير به جهڪا ٿي ويندا آهن، ڊانس جي حوالي سان
حيدرآباد جي مشهور ناچڻي صنم ملڪ جو چوڻ آهي ته اسان محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪنديون آهيون ۽ ماڻهو اسان کي داد طور پئسا ڏيندا آهن، ظاهر آهي ته اسين ان ماڻهو
کي ئي وڌيڪ اهميت ڏينديونسين جيڪو اسان جي فن جو قدر ڪندي داد طور اسان تي پئسا
گهور ڪري ٿو، هڪ ٻي ڊانسر سونم جو چوڻ آهي ته اسان جي خاندان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان
وٺي ناچ گاني جو رواج آهي ۽ اسين ان فن سان واڳيل آهيون، تنهنڪري اسين پنهنجي هن فن
مان مطمئن آهيون ۽ اسان ان مان ڪافي پئسو حاصل ڪيو آهي. حقيقت به اها آهي ته هاڻي
اهو دور ويو هليو جڏهن ناچڻيون پنهنجي عمر جي آخري حصي يا پوڙهائپ ۾ ڪسمپرسي واري
حالت جو شڪار ٿي درد ڀوڳينديون هيون، ڇاڪاڻ ته اهي رڳو پئسي کي نه پر پنهنجي فن کي
اهميت ڏئي پنهنجي زندگي ان ۾وڃائي ڇڏينديون هيون، هاڻي ته هي ناچڻيون لکن ڪروڙن جون
مالڪ بڻجي ويون آهن، وٽن سٺا گهر ۽ لگزري گاڏيون به موجود آهن، اڄڪلهه حيدرآباد جي
کاهي روڊ ، سري گهاٽ کان مارڪيٽ تائين وارن علائقن ۾ 5 سئو کان 6 سئو تائين ناچڻيون
نرت جي فن سان واڳيل آهن، انهن ناچڻين ۾ ساڙ جو عنصر به موجود آهي، ڪا نرتڪي پنهنجي
گاڏي تبديل ڪري ٿي ته ٻي کي به اها رِيس ٿي پوي ٿي، اهي ناچڻيون پنهنجي فن تي گهٽ
ڌيان ڏين ٿيون پر پنهنجي حـُسن کي نکارڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳائين ٿيون، اهي
ڇوڪريون جيڪي ناچ جي فن سان وابسته آهن تن سان گڏ سندن مائرون به محفلن ۾ وينديون
آهن، اهو ئي سبب آهي جو کين پنهنجي گهر ۾ کاڌو تيار ڪرڻ کان وٺي ڪپڙا لٽا ڌوئڻ
تائين جو وقت نٿو ملي ۽ پوءِ اڪثر طور تي سندن کاڌو هوٽلن تان اچي ٿو، هاڻي ته اهي
پئسن ۾ تـُرن ٿيون، تنهنڪري پيزا ۽ فاسٽ فوڊ به اڪثر طور کائن ٿيون پر پنهنجي فٽنيس
تي ڌيان ڏيڻ سبب ان ۾ محتاط به رهن ٿيون، سنهڙيون سيپڪڙيون اهي ناچڻيون شادي کانپوءِ
جڏهن ڪنهن گهر جي ڪنوار بڻجي وڃن ٿيون ته پوءِ اڪثر طور تي سندن ناچ تي پابندي لڳي
وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهي خاندان جيڪي ان فن سان واڳيل آهن تن ۾ اهو رواج آهي ته اهي
پنهنجي نـُنهن کي ناچ گاني کان پري رکن ٿا، انهن خاندانن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ جو رواج
تمام گهٽ آهي، ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ڪجهه درجا يا وڌ ۾ وڌ ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪن
ٿا، اهي ناچڻيون پنهنجي گهريلو زندگي ۾ ڏاڍيون متاثر ٿين ٿيون، سندن ننڊ جو وقت صبح
5 وڳي کان منجهند 2 کان 3 وڳي تائين هجي ٿو، ناشتي، منجهند جي ماني ۽ رات جي ماني
جا وقت وٽن پنهنجا ئي آهن، اهي ناچڻيون ڪيترن ئي ماڻهن جون دليون کسي وٺنديون آهن،
ڪيترين ئي ناچڻين سان اميرن شاديون ڪيون آهن، حيدرآباد ۾ انهن نرتڪين کي مشهور ڊانس
ماسٽر اشرف سيان ناچ جو فن سيکاري ٿو، نرتڪيون کيس 5 هزار رپين کان وٺي 9 هزار رپين
تائين ماهوار ادائگي ڪن ٿيون. هنن ناچڻين جي پنهنجي دنيا آهي، جتي ٻين ماڻهن لاءِ
ته رنگينيون آهن پر هنن لاءِ رنگيني سان گڏ ڪافي مسئلا به آهن، اهو ئي سبب آهي جو
کين عزت جي نگاهه سان گهٽ ڏٺو وڃي ٿو، اهو احساس به کين آهي، ان حوالي سان ئي صنم
ملڪ جو چوڻ آهي ته اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته ماڻهو اسان بابت ڇا ٿا سوچين
پر هي ته اسان جو خانداني پيشو آهي، اسين ٻيو ڪري به ڇا ٿيون سگهون! بهرحال هي اها
دنيا آهي جتي محبتون ۽ پئسو ته ملي ٿو پر عزت گهٽ ماڻهن وٽان ئي ملي ٿي. توڻي جو
اهي پنهنجا درد به ڪنهن سان شيئر نٿيون ڪري سگهن پر اندر ۾ دردن جا پهاڙ آهن، ٻين
کي خوشيون ڏيندڙ هنن ناچڻين جي درد کي شايد ڪوبه نٿو سمجهي.
Kawish Group of
Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh
Pakistan.
Phone:+92
(22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772,
2781167 Email:
kawish12@yahoo.com
----
thekawish_hyd@yahoo.com