|
درياءَ جي دهشت اکين ۾ لڙڪ ڏيئي ويئي
زاهده حضور تنيو
سنڌو درياءَ پنهنجي سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي وڪوڙي ويو، هر طرف ڄڻ قيامت وارو منظر هو،
بي گهر ٿيل غريب مسڪين ماڻهو دربدري جي زندگي گذارين پيا ۽ پنڻ تي مجبور ٿي پيا آهن،
بک ۽ اڃ سبب بيمارين به وڌيڪ منهن ڪڍيو آهي، خاص ڪري گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جي بيماري
الائي ڪيترين ئي معصوم ٻارن جون زندگيون کسيون آهن، غريبن ويچارن جو جيئڻ جنجال ٿي
پيو آهي، توهان ڏسو ته اسپتال ۾ ٽي ٽي مريض هڪ بيڊ تي پيا آهن ته ڪي فرش تي پيا آهن،
ڄڻ ڪچري جي ڍير تي اهي سڀ گيسٽرو جا سٽيل ٻار آهن، هن وقت اسپتالن ۾ بيڊن جي تمام
سخت ضرورت آهي، پاڻي جي ڪري به گهڻيون بيماريون ٿين پيون، خيمن ۾ ڏسو ته ٻارن جي
منهن ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ تي مڇر ۽ مکيون ويٺل آهن، اهي سڀ مسئلا ايترو سولائي سان
ختم ڪونه ٿيندا، کاڌ خوراڪ سان گڏ اسپري جو به بندوبست ڪيو وڃي، ٻوڏ جي تباهين
کانپوءِ هاڻي هر پاسي سوڳ واري صورتحال ٿي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ عورتون وڏي
امتحان مان پيون گذرن، خاص ڪري ڊليوري واريون عورتون جن کي کاڌ خوراڪ جي وڌ کان وڌ
ضرورت آهي، ڪٿي رستي تي ٻار پيدا ٿيو ته وري روڊ تي يا خيمي ۾، هنن جي دل ۾ ڪيترا
ارمان ٻار جي ڇٺيءَ ملهائڻ جا هوندا پر هنن جي اکين مان صرف ڳوڙها وهي رهيا آهن،
سوين سور سانڍيل هوندن، اهي اباڻا ڪک ياد پوندا هوندن جيڪي ابن ڏاڏن سالن کان ڪک ڪک
ڪري ميڙي ٺاهيو هوندو، انهن کي لڙهندي ڏسي هانءُ ڇڄيو هوندو، پنهنجو ديس ۽ گهر جو
سک هاڻي ته هڪ ارمان بڻجي پيو آهي، اتي وري ڌاڙيل ۽ چورن تنگ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي
آهي، لڳي ٿو ته پوليس خود انهن سان ٻڌل آهي، جيڪو غريبن وٽ پئسو يا وري ڪو امدادي
سامان ملي ٿو ته اهو به هنن
کان چور ڦريو وڃن، هي ڪٿان
جو انصاف آهي.
|