ڪاوش نازڪ |
|
آمنه اسان وٽ عورتون پنهنجي چهري لاءِ روز نيون ڪريم استعمال ڪنديون آهن پر پيرن جو وارو اچڻ تي انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏينديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه عورتن جي چهري جو رنگ ته تمام ڳورو هوندو آهي پر هٿن ۽ پيرن جو رنگ سندن چهري جي رنگ سان بلڪل به ميچ ناهي ڪندو، جيتوڻيڪ پير شخصيت جو لازمي حصو آهن ۽ انهن جي صفائي به ايتري ئي ضروري آهي جيتري چهري جي، هڪ زمانو هو جڏهن عورتون ڇوڪرين جا هٿ ۽ پير ڏسي رشتي لاءِ ها ڪنديون هيون، انساني جسم جا سمورا عضوا تمام اهم ۽ حفاظت ۽ سار سنڀال جا حامل آهن، عام طور تي ڏٺو ويندو آهي ته چهري، ڳچي ۽ هٿن جي صفائي ۽ خوبصورتي جو خيال رکيو ويندو آهي پر پيرن جي خوبصورتي ۽ حفاظت کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويندو آهي، چيو ويندو آهي ته جنهن عورت جا هٿ ۽ پير خوبصورت هجن اها نهايت حسين هوندي آهي، ته پوءِ ڇو نه اوهان کي خوبصورت بڻجڻ لاءِ ڪجهه آزمايل ٽوٽڪا ٻڌايا وڃن ته جيئن اوهان کي به ساراهيو وڃي. 1. سڄو ڏينهن گهمڻ ڦرڻ کانپوءِ اسان جا پير ٿڪجي پوندا آهن، نيم گرم پاڻي ۾ هڪ چمچو لوڻ ملائي پير ان ۾ ڪجهه دير لاءِ پسائي رکو، پير پرسڪون ٿي ويندا. 2. نم جي پنن جي پيسٽ ۽ هيڊ کي ملائي ڦاٽل کڙين تي لڳايو. 3. ليمي جي رس ۽ کنڊ جي اسڪرب جي طور تي ٽنگن ۽ پيرن تي لڳايو جلد تمام نرم ٿي ويندا. |
|
The Kawish Group of
Publication |