پاڪستان
جي نامياري شاعر علامه اقبال نه خوب چيو آهي ته ”وجودِ زن سي هي تصوير ڪائنات ۾ رنگ“
يعني عورت جي وجود سان ئي هن ڪائنات ۾ رنگ سمايل آهن، بي شڪ اها هڪ حقيقت آهي پر
افسوس اسان جي معاشري ۾ هميشه انهن من موهيندڙ رنگن کي ظلم ۽ تشدد جي ميرن هٿن سان
بي رنگ ۽ گدلو ڪيو ويو آهي، عورت جيڪا هڪ ماءُ به آهي ته ڌيءَ به، زال به آهي ته
ڀيڻ به، هو چاهي ڪنهن به روپ ۾ هجي هن جو هر رشتو محبت، وفا، ايثال ۽ تقدس جو
علمبردار آهي، پر اڄ جي معاشري ۾ کيس اهو مان ۽ مرتبو حاصل نه آهي جنهن جي هو حقدار
آهي، مرد عورت کي ڪمزور ڄاڻي ٿو پر اسان اڄ تائين جاگيرداراڻي قبائلي ڪلچر،
جاهلاڻي رسمن رواجن، عزت جي نانءُ تي قتل و غارت ۽ گهريلو تشدد کان جند نه ڇڏائي
سگهيا آهيون، عورتن تي انيڪ قسم جا تشدد عرصي کان ٿيندا آيا آهن جنهن ۾ زوري زيادتي،
ڪارو ڪاري، عصمت فروشي، عورتن جو وڪرو، جبري شادي، ملازمت جي جاين تي عورتن کي جنسي
طور حراسان ڪرڻ، گهر کان ٻاهر خوف ۽ ڊپ، سرعام بي حرمتي ۽ دشمنن کان پلاند وٺڻ خاطر
سندن عورتن تي تشدد ڪرڻ شامل آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن کي اعتراض جوڳو يا
غلط ئي تصور نٿو ڪيو وڃي، جڏو قانون ۽ عمل درآمد نه هئڻ ڪري ان مسئلي کي ويتر ڊيگهه
ڏني وڃي ٿي. اڳوڻي حڪومت ۽ موجوده حڪومت عورتن تي تشدد خلاف ڪجهه قانون جوڙيا پر
رڳو قانون جوڙڻ سان ڪجهه نٿو وري، جيستائين اسان جي معاشري جي سوچ ۾ مٽاءُ نٿو اچي
انساني حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ هڪ فلاحي تنظيم سال 2010ع ۾ هڪ کان 30 جون تائين سنڌ جي
مختلف حصن ۾ بيگناهه عورتن تي ٿيندڙ تشدد جو جائزو وٺڻ خاطر هڪ سيل قائم ڪيو، جنهن
جي رپورٽ مطابق سنڌ جي مختلف حصن ۾ هڪ مهيني اندر غيرت جي نانءُ تي ۽ گهريلو تشدد
جي بنياد تي ڪل 59 عورتن کي قتل ڪيو ويو، جنهن مان 27 عورتن کي غيرت جي نانءُ تي
قتل ڪيو ويو ۽ 32 معصوم عورتن کي گهريلو تشدد جي بنياد تي قتل ڪيو ويو. رپورٽ موجب
27 معصوم عورتن کي غيرت جي نانءُ تي موت جي ننڊ سمهاريو ويو جنهن مان ڇهن عورتن کي
گهوٽڪي ۾ ۽ ڇهن کي جيڪب آباد ضلعي ۾ قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ٽن معصوم عورتن کي
شڪارپور ۾، ٽن کي خيرپور ۾ ۽ ٽن کي لاڙڪاڻي ۾ ماريو ويو، ٻن عورتن کي نوشهروفيروز
۽ هڪ عورت کي شهدادڪوٽ ۾، هڪ کي قمبر ۾، هڪ کي ڪشمور ۾ ۽ هڪ کي سانگهڙ ۾ قتل ڪيو
ويو. گهريلو تشدد جي واقعن ۾ ڪل 32 عورتون پنهنجي حياتي وڃائي ويٺيون، جنهن مان 9
عورتن کي ڪراچي، پنجن کي حيدرآباد ، ٽن کي نوشهروفيروز ۽ ٽن کي لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيو
ويو، ٻه عورتون ڪشمور ۾، ٻه گهوٽڪي ۾ ۽ ٻه سکر ۽ هڪ سانگهڙ ۾، هڪ ٽنڊو محمد خان،
هڪ دادو، هڪ کي شهدادڪوٽ ۽ هڪ کي قمبر ۾، هڪ خيرپور ۽ هڪ کي شڪارپور ۾ قتل ڪيو ويو.
پوليس جي جڏي ڪردار جي ڪارڻ عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي،
ان سان گڏو گڏ اسان جي سماجي، ثقافتي روين ۽ رياستي ادارن جي بدسلوڪي به عورتن جي
خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ رنڊڪ بڻيل آهي. عورتن کي فيصلي ڪرڻ جو حق نٿو ڏنو وڃي،
جيڪڏهن هو ائين ڪن ته انهن کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ڪارو
ڪاري، جبري شاديون ۽ پنچائت جي فيصلن جو رواج عام آهي، جنهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ مفيد ۽
مضبوط قانونسازي ۽ ان تي عمل درآمد جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي
ته عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ سول سوسائٽي، چونڊيل نمائندا، سرڪاري ادارا، وڪيل،
مختلف تنظيمون، مذهبي ادارا ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هڪ تشدد کان آجي سماج لاءِ
سماجي اجاگري جي ضرورت آهي، سماجي انصاف کانسواءِ عورت جي خلاف تشدد کي روڪڻ مکڻ جي
سيخ پچائڻ جي برابر آهي، قانونساز ادارن ۽ پوليس ٽريننگ جي نصاب ۾ هيومن رائيٽس ۽
وومن رائيٽس کي شامل ڪيو وڃي، ان کان علاوه سوشل ويلفيئر جي ادارن کي عورتن جي تحفظ
سان لاڳاپيل ڄاڻ ڏني وڃي ۽ هر پوليس اسٽيشن خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وومن
سينٽر هئڻ گهرجن جيڪي عورتن تي تشدد کي مانيٽر ڪن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انٽرنيشنل
قانون جي دٻاءُ ۾ اچي رڳو ڏيکاوي جا قانون جوڙي خوش نه ٿين پر سنجيدگي سان انهن
قانونن تي عمل ڪرائين.
The Kawish Group of
Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh
Pakistan.
Phone:+92
(22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772,
2781167 Email:
kawish12@yahoo.com
----
thekawish_hyd@yahoo.com