ڪاوش نازڪ

آئون ڪيبن ۾ گهڙي هيس ته ڪيپٽن ڏڪي ويو: ليليٰ خالد

”او خدا! اسان جي اڃ ڪڏهن اجهامندي! مان ڪڏهن پنهنجي گهر وينديس ۽ زندگيءَ جو ڀرپور لطف حاصل ڪنديس.... مان حيفا ۾ رهڻ ٿي چاهيان، هتي منهنجو ساهه ٿو ٻوساٽجي.“ مون سي آئي اي جي منهن تي جيڪا چماٽ هنئي هئي، ان تي مان ۽ سليم خوش هئاسين ته اسان هيڏي ساري طاقت جي منهن تي چماٽ هنئي آهي، هاڻي آمريڪا چاهي ته پنهنجا سمورا هٿيار اسرائيل کي ڏئي ڇڏي پر پوءِ به اسان زنده رهنداسين. مون کي اهو پل ياد آهي، جڏهن مان پائلٽ جي ڪيبن ۾ گهڙي هيس، ڪيپٽن مون کي ڏسي ڪيئن ڏڪي ويو هو، ڪيئن حڪم مڃڻ وارا جملا سندس واتان نڪتا هئا، ”حاضر سائين! جيئن توهان چوندا، تيئن ڪندس. ٻڌايو مان ڇا ڪريان؟“ هو منهنجو ڪم ڏسي حيران ٿي ويو هو، مون کي پڪ آهي ته هن دل ئي دل ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل تي هزار ڀيرا لعنت وڌي هوندي، ڪيڏو عجيب موقعو هوندو آهي، جڏهن هر ايئر ٽاور کي مجبور ڪجي ته هو اسان جو نعرو نشر ڪري ”پاپولر فرنٽ- آزاد عرب فلسطين“ پائلٽ سڀ کان اڳ اسان جو نعرو هنيو هو. هن اهو ڏڪندڙ آواز ۾ ادا ڪيو هو، هو هڪ وچولي درجي جي آمريڪي گهراڻي جو فرد هو، جنهن کي دنيا جي هر شيءِ کان وڌيڪ پاڻ سان پيار ڪرڻ سيکاريو ويندو آهي. مون کي يقين آهي ته خود غرضي، آمريڪي خاصيت آهي، منهنجو خيال هو ته پائلٽ جي ذهن ۾ ڪٿي به اهو خيال نه هوندو ته هو پاڻ کي آمريڪا خاطر قربان ڪري ڇڏيندو. مون لاءِ اها گهڙي ڪيڏي شانائتي هئي، جڏهن مان دشمن جي جهاز ۾ اباڻي ڌرتيءَ مٿان لنگهيس... او منهنجا خدا! اها ڪيڏي نه خوبصورت ڌرتي آهي... منهنجو ته دشمن هٿان پنهنجي ڌرتيءَ تي مري وڃڻ لاءِ من گهري رهيو هو، جيئن مان تاحيات پنهنجي ڌرتيءَ جي ذرڙن ۾ ملي وڃان پر منهنجي انقلابي شرافت، مون کي ذاتي خواهش کي قربان ڪري، انهن ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ تي مجبور ڪيو، جن منهنجي قوم سان ڪائي غداري يا منهنجي قوم خلاف ڪو ڏوهه نه ڪو هو. 3 سيپٽمبر تي اسان کي خبر پئي ته شام وارن چئن اسرائيلين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مان ۽ سليم اڃا قيد ۾ هئاسين. مون ڪاوڙ مان ڏاڍو ڳالهايو. نرسن مون کي خاموش ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن تون آزادي چاهين ٿي ته ڪجهه کاءُ، مون کاڌي لاءِ واعدو ڪيو پر جيڪڏهن مون کي ريڊيو ۽ اخبار آڻي ڏين. هنن مون کي ريڊيو آڻي ڏنو ۽ مون سڀ کان اڳ پائلٽ واتان جهاز جي اغوا جو قصو ٻڌو. ڪجهه دير کانپوءِ شامي فوجن جو ڪمانڊر ان چيف جنرل مصطفى طلس منهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ منهنجي ڪارنامي کي انتهائي چريائپ چئي، مون تي يو اي آر جي ايجنٽ جو الزام مڙهيو، هن اهو به چيو ته جهاز اغوا ڪري دمشق آڻڻ جو منهنجو مقصد اهو هو ته جيئن شامي حڪومت بدنام ٿئي ۽ مصري حڪومت ۽ صدر ناصر کي پروپئگنڊه لاءِ مواد ملي وڃي. مون هنن کي سمجهايو ته فرنٽ خود مختيار ادارو آهي ۽ اسان ڪنهن کان حڪم نه وٺندا آهيون، جڏهن مون هن کان اسرائيلين جي آزاديءَ بابت پڇيو، ته هن چيو، ”تون شام جي قيدي نه، مهمان آهين.“ ”مان ڪنهن به ملڪ يا شخص جي مهمان ٿيڻ نٿي چاهيان مون کي پنهنجي وطن ڏانهن ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي.“ ساڳئي وقت مون اهو به چيو ته ممڪن هجي ته صدر عطلس سان مون کي ملايو وڃي پر هن ٻڌايو ته صدر عطلس مصر ويل آهي، نه ڄاڻ ڪڏهن واپس اچي. جنرل جي وڃڻ کانپوءِ مون کي ۽ سليم کي هڪ اهڙي گهر نيو ويو، جتي چار ماڻهو ٻيا به هئا. اسان کي اهو تجربو ٿي ويو ته اسان جيترو ڪاوڙ مان ڳالهايو ٿي، شامين اوتري ئي نرمي ٿي ڪئي. اسان ايندي ئي پڇيو ته اسان کي ڪيترن ڏينهن لاءِ هتي ترسايو ويندو ۽ ڇا لاءِ؟ ڪوئي جواب نه مليو پر انهيءَ رات ئي ڏهين وڳي ڌاري ڪرنل علي زازا (حافظ الاسد جي حڪومت ۾ وزير داخلا آهي) ٻن سيگا ڪمانڊوز سان گڏ آيو. سيگا شامين جي مزاحمتي فوج جو نالو آهي. ايندڙ چئن ڪلاڪن تائين مزاحمتي تحريڪ، فتح جي ڪردارن، فلسطين نيشنل ڪانگريس، سوشلزم جي صورت ۽ ٻين ڳالهين تي بحث ڪيو. جيتوڻيڪ ڪجهه ڳالهين تي اسان جو اتفاق ٿيو، پر اسان اهو محسوس ڪيو ته شام جي موجوده حڪومت، سائنسي سوشلزم بجاءِ ساڄي ڌر جي باٿزم تي يقين رکي ٿي. 4 سيپٽمبر تي اسان ڏاڍا فيشن ايبل ۽ باعزت ٿي ويا هئاسين، رئيس خاندان جون چار عورتون مون سان ملڻ آيون، گل پيش ڪيائون، انهن مان ٽن پاڻ کي لبناني، شامي فلسطيني عورتن جي انجمن جي عيوضي چيو ۽ چوٿينءَ پاڻ کي فتح جي عيوضي چيو، مون هنن ڏانهن ڌڪار مان ڏسندي چيو ”هڪ انقلابي مشن مڪمل ڪرڻ واري لاءِ ڇا گلن جو تحفو آڻبو آهي؟، هو منهنجو رد عمل ڏسي پريشان ٿي ويون. انهن مان هڪ ته فرنٽ جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ڪندي چيو ته هن مشن جو مطلب ته الاقصيٰ کي باهه ڏيڻ واري حادثي کي پٺيءَ ڀر ڦٽي ڪرڻ هو. مون کين سمجهايو ته اسان جي جهاز اغوا ڪرڻ کان فقط هڪ هفتو اڳ الاقصيٰ وارو حادثو ٿيو هو ۽ انهيءَ جو اسان جي مشن سان ڪو تعلق نه هو، پوءِ مون چيو ته، اسان ته مذهبي اتحاد جي ڳالهه ئي نٿا ڪيون. اسان ته سامراج دشمن پليٽ فارم تي سڀني کي گڏ ڪرڻ ٿا چاهيون، منهنجي مهمانن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هنن چيو ته انقلاب جو اهو نئون فلسفو ڪنهن ٺوس نتيجي جو ڪارڻ نه بڻبو. هو چارئي ڪاوڙ مان ٻاهر نڪري ويون. 4 سيپٽمبر جي شام مون لاءِ اداسيون کڻي آئي، انهيءَ شام هڪ عظيم انقلابي هوچي منهه گذاري ويو. مون کي لڳو، ڄڻ منهنجو هڪ حصو مري ويو هجي، منهنجي من ۾ چي گويرا جي موت جو ڦٽ اکلي پيو، مان سڄي رات انهيءَ عظيم شخص جا ڪارناما ياد ڪندي رهيس، اهو سوچيندي رهيس ته فلسطيني انهيءَ کان ڇا ٿا سکي سگهن. ٻئي صبح تي اٿي مون هڪ نظم لکيو. ايندڙ پنج هفتا، يعني 5 سيپٽمبر کان 11 آڪٽوبر تائين مون کي ۽ سليم کي مختلف مهمان خانن ۾ رکيو ويو. شامي مون کان يا سليم کان ڊنل نه هئا پر هو فرنٽ ۽ ان جي دليريءَ وارن ڪارنامن کان ڊنل هئا، کين ياد هوندو ته 1968ع ۾ جڏهن هنن ڊاڪٽر جارج هباش کي قيد ڪيو هو، تڏهن فرنٽ وارن ڪيئن شامي پهريدارن سوڌو ڊاڪٽر هباش کي اغوا ڪري ورتو هو. شامين کي وري اهڙي ورجاءَ جو خطرو هو پر اسان جو باندي هئڻ هڪ اهڙي حڪومت کي آئينو ڏيکاري رهيو هو، جنهن پاڻ کي سڏايو ته انقلابي ٿي پر عمل رجعت پسندن وارا هئس. هونئن به شامي حڪومت هاڻي اسان سان مهمان جهڙو سلوڪ ڪري رهي هئي. هو اسان کي هوائي اڏي تي وٺي ويا ۽ بوئنگ 707 جون تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏنائون، پوءِ هنن اسان جي شڪست جو سڀ کان نفرت لائق نشان بلوان پيلس به ڏيکاريو، جتان 1936ع ۾ عرب اڳواڻ عام هڙتال ختم ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي هئي. هي اهو عمل هو، جنهن فلسطينن جي تقدير تي مهر هڻي ڇڏي هئي ۽ برطانوي ۽ صيهوني قوتن کي موقعو ڏنو هو ته هو پنهنجي علائقي مان انقلابين کي صاف ڪري ڇڏين. 11 آڪٽوبر تي مان ۽ سليم ان وقت جي شامي وزير دفاع سان ملياسين (هاڻي اهو صدر حافظ الاسد آهي) اسان 45 ڏينهن قيد ۾ گهاريا هئا، مون پنهنجي دمشق ۾ رهڻ کي نقصان قرار ڏنو، جڏهن مون چيو، اسان کي شامي باٿ قيدي ڇو ڪيو آهي ته وزير دفاع وضاحت ڪئي، ته شام تي سخت دٻاءَ پئي رهيو آهي ته يا اسان توهان تي ڪيس هلايون، يا انهيءَ ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيون، جنهن جي خلاف توهان اهو جرم ڪيو آهي. هن ٻنهي دٻائن کي سٺو نه سڏيندي، لڪل لفظن ۾ اسان جي تعريف ڪندي چيو ته، اهو ڪم شامي انقلاب کي نقصان لاءِ مصري انٽيليجنس جو ٿو لڳي، تنهن تي مون ڪاوڙ مان چيو، ”يتيم عرب انٽيليجنس کي ايتري توفيق ڪٿي آهي، جو اهڙي مشن لاءِ سوچي به سگهي.“ هاڻي حافظ الاسد پڇيو، ”آخر توهان شام ۾ ڇو آيا آهيو؟“ مون چيو، ”پهرين ڳالهه ته اسان جو پئٽرول ختم ٿي رهيو هو، ٻي ڳالهه ته اسان مصر ۾ لهون ها يا شام ۾، انهيءَ سان ڪهڙو فرق ٿي پيو؟ آخر ٻئي ترقي پسند عربن رياستون آهن“ پر وزير دفاع کي منهنجو لفظ ”ترقي پسند“ نه وڻيو. مون کيس ياد ڏياريو ته ڪرنل زازا اسان کي صدر سان ملڻ جو واعدو ڪيو هو، تنهن تي حافظ الاسد چيو، ”خالده، تون وڃڻ چاهين ته آزاد آهين.“ مان ۽ سليم اهو ٻڌي منٽن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي وياسين، هاڻي اسد چيو ته ڪي ڏينهن وڌيڪ ترسو ته چڱو پر اسان ٿورا مڃيندي چيو، ”45 ڏينهن ڪافي آهن، ٻيهر ته اوهان سان فلسطين جي جنگ جي محاذ تي ملاقات ٿيندي.“ سليم شام جي علائقي همس ۾ پنهنجي پيءُ ماءُ سان ملڻ لاءِ هليو ويو. مان لبنان واپس هلي آيس، خبر پيم ته منهنجي ڀاءُ وليد کي لبناني پوليس ماريو آهي، جو مان جهاز اغوا ڪرڻ ۾ شامل هيس، پوءِ مان عمان هلي آيس ۽ وحدت ڪئمپ ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنم. هڪ پاسي فلسطيني عوام جي آزادي لاءِ منهنجون ذاتي ڪوششون جاري هيون ته ٻئي پاسي وڏيون طاقتون وچ اوڀر تي پنهنجو امن مشن مڙهڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هيون. يو-اين جي امن قرارداد 242 تي عمل ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل يوٿانٽ ڊاڪٽر جارنگ پنهنجو هيڊ ڪوارٽر سائپرس جي شهر نڪوسيا ۾ ڊسمبر 1967ع ۾ قائم ڪيو ۽ تل ابيب، بيروت، قاهره ۽ عمان سان رابطو قائم ڪري يوٿانٽ کي رپورٽ ڏني، يوٿانٽ رکي رکي يو-اين ۾ غير يقيني ۽ غير ذميواريءَ وارا بيان ڏنا، جن جو متن اهو هو ته ڊاڪٽر جارنگ کي پنهنجو مشن جاري رکڻ گهرجي، جيئن ڌرين ۾ ٺاهه جون ڪوششون جاري رهن. ڊاڪٽر جارنگ 9 اپريل تائين دنيا جي چوڌاري چڪر ڏنا ۽  سندس مشن جو وقت اچي پورو ٿيو، هاڻي چئني وڏين طاقتن کي سوچڻ جو موقعو ڏنو ويو ۽ سندن فيصلو هو ته گڏيل سهڪار ۽ اهو به روس ۽ آمريڪا جي ڳالهه ٻولهه وسيلي، يو –اين جي نگراني ۾ فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي، اسان جي وجود جو سوال  ۽ ان کان انڪار جو مسئلو يو –اين مان کڻي وڏين طاقتن جي بند منهن وارين ٿيلهين ۾ وڌو ويو، عرب اڳواڻن انهيءَ مڙهيل فيصلي کي قبول ڪيو، جيئن هو چئي سگهن ته وڏين طاقتن جي خواهش ۽ فيصلي کي رد ڪرڻ سندن وس جي ڳالهه نه هئي. اسرائيل کي احساس ٿيو ته چئني طاقتن جي ڳالهه ٻولهه تعصب تي ٻڌل هئي، ڇو ته هڪ ته اسرائيل کي انهن ڳالهين تي ڪوبه اختيار نه هو ٻيو ته اسرائيلين سوچيو ته کين اسرائيل جي ئي خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڇو ته ٻن طاقتن يعني سوويت يونين ۽ فرانس، اسرائيل جي پوزيشن جي باري ۾ سٺو رويو نٿي رکيو پر وچ اوڀر جي مسئلي سان لاڳاپيل سڀني پارٽين 1969ع کي عرب اسرائيل جهيڙو ختم ڪرائڻ سال ڪري ملهائڻ ٿي گهريو، فلسطينين جي ڪاوڙ دور ڪرڻ لاءِ فلسطين جو ڦوڪڻو به هوا ۾ اڏايو ويو، آمريڪا ۽ اسرائيل والاريل علائقن ۾ انهيءَ ڦوڪڻي جي ملڪيت قبول ڪرڻ واري جي ڳولا به ڪئي پر ناڪام ٿيا. جيئن جيئن مزاحمت طاقت حاصل ڪري عرب عوام ۾ ڦهلجي وئي، يو –اين ۽ وڏين طاقتن وچ ۾ ڳالهين جي رفتار تيز ٿيندي وئي، چئني طاقتن جون ڳالهيون ٻن طاقتن جون گڏيل ڳالهيون ٿي ويون ۽ پوءِ آمريڪا ۽ روس پنهنجي پنهنجي دڪانداري ۽ پنهنجي موڪل جي طرفتاري ڪرڻ لڳا، پوءِ اهو فيصلو ٿيو ته آمريڪا سوويت ۽ عرب صلاح کانپوءِ فيصلي ڪندڙ جي حيثيت سان ڪم ڪندو، انهيءَ نتيجي کي سامهون رکي 9 ڊسمبر 1969ع تي راجرز تجويزون سامهون آنديون ويون. راجرز تجويزن جو مطلب هو ته اميد ٿي ڪجي ته عرب اسرائيل جنگ جي 19 سالن جو انت، دائمي امن جي ڪوششن جي صورت ۾ ٿيندو، جو اڳ ڪڏهن اهڙي اميد ئي نه ڪئي وئي هئي، جيئن ته وچ اوڀر ڪنهن به سياسي ڇڪتاڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري آمريڪا سوچيو آهي ته جنگ جا امڪان ختم ڪرڻ شڪ شبها دور ڪرڻ ۽ سياسي حل ڳولڻ لاءِ زور ڏجي. راجرز اهو خيال به ظاهر ڪيو هو ته آمريڪا جو سڌو سنئون واسطو ۽ اميدون سوويت يونين سان هيون، راجرز ڳالهين لاءِ چئن اهم نقطن کي نظر ۾ رکڻ تي زور ٿي ڏنو.  (1) ته جيڪي قومون سڌو سنئون ڪنهن معاملي سان لاڳاپيل نه هونديون آهن سي دائمي امن جي ڪوششن ۾ ناڪام رهنديون آهن، وڏيون طاقتون لاڳاپيل پارٽين کي ڳالهين لاءِ راضي ڪري سگهن ٿيون، ٺهراءُ جو فارمولو پيش ڪري سگهن ٿيون پر ان جو سڌو سنئون لاڳاپو لاڳاپيل تي ئي منحصر آهي. (2) دائمي امن لاڳاپيل پارٽين ۽ ملڪن جو سڌو سنئون مسئلو آهي. (3) يونين جي قرارداد مڪمل، گڏيل ڳالهين کان پوءِ تيار ڪيل ۽ جنگ جي خاتمي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. (4) ته جنگ جي ڊيگهه ڪنهن لاءِ به فائدي واري نه هوندي ۽ وچ اوڀر جي گهوٽالي کي وڌائيندي. راجرز عربن کي اپيل ڪئي ته هو دائمي امن جي انهيءَ ٺهراءُ واري فارمولي کي قبول ڪن ۽ اسرائيل کي والاريل علائقا خالي ڪرڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪيائين، تنهن کانسواءِ جارحيت واري هر ڪارروائي ختم ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو. راجرز جي تقرير تي اسرائيل ۾ شڪ شبها پيدا ٿيا ۽ وزيراعظم گولڊا ميئر ان کي اسرائيل جي بچاءُ جي راهه ۾ هڪ وڏو خطرو سڏيو، آمريڪا ۾ همفري ان کي اسرائيل جي دوستي ۽ مفادن کي قربانيءَ جو عمل سڏيو، جيئن ته اسرائيل راجرز تجويزن کي عرب جي مفاد وٽان سڏيو هو تنهنڪري آمريڪا ۾ صيهونين احتجاج شروع ڪري ڏنو، آمريڪا جي 25 جماعتن 25 جنوري 1970ع تي واشنگٽن ۾ گڏجي وچ اوڀر بابت آمريڪي پاليسي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ائين نڪسن تي به ڪاوڙ ٿيڻ لڳي. آمريڪا تڪڙي رد عمل طور اسرائيل سان سڌن سنون لاڳاپن جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪي صدر نڪسن پنهنجي ذاتي دوست صيهوني صنعتڪار ميڪس فشر کي صيهونين اڳيان سنيهو پڙهڻ ۽ ڏيڻ لاءِ موڪليو، مسٽر فشر ٻڌايو ته هڪ هزار کان وڌيڪ صيهوني تنظيمن ۽ ادارن جي اڳواڻن چيو ”آمريڪا پنهنجي دوستن جو ساٿ ڏيندو آهي ۽ اسرائيل سندس دوست آهي“، هن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا اسرائيل کي فوجي سامان ڏيڻ لاءِ به تيار آهي،  تنهن کانسواءِ امن جا امڪان وڌيڪ روشن آهن، جو انهيءَ علائقي جي حڪومتن جون سرحدون محفوظ ۽ عوام پرامن آهي، البته دائمي امن عرب رياستن ۽ اسرائيل جي گڏيل رضامنديءَ کانپوءِ ٿي سگهي ٿو، ان کانپوءِ اسرائيل کي وڌيڪ 24 فنٽم جهاز ڏنا ويا. انهيءَ وچ ۾ 18 ڊسمبر 1969ع تي اسرائيل ۽ اردن ۾ ڌار ڌار امن تجويزون پيش ڪيون ويون، اهي به وڏين طاقتن جي نگرانيءَ ۾ ٿيون هيون، آمريڪي تجويزن کي سامهون رکندي ٻن حقيقتن کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته شام جنهن جا گولان وارا جبل اسرائيل جي قبضي ۾ آهن ان کي وڏين طاقتن پنهنجي بحث کان ئي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ اهو ته اردن لاءِ لازمي آهي ته تجويزن تي عمل ٿيڻ تائين مزاحمتي تحريڪ کي چيڀاٽي ڇڏي، يارنهن نڪاتي آمريڪا منصوبو هيئن هو: 1. 1967ع جي جنگ ۾ اردن جي سڀني والاريل علائقن ۾ اسرائيلي فوج مقرر شيڊيول مطابق واپسيءَ جو منصوبو مڪمل ڪندي. 2. هڪ ملڪ هر ٻن جي وچ ۾ امن جي سلامتيءَ جو تحفظ ڪندو ۽ ڪنهن به قسم جي دهشت پسنديءَ کي غير قانوني قرار ڏيندو، اردن گوريلا سرگرمين تي پابندي وجهندو.3. ٻئي ملڪ 1967ع جي جنگ کان اڳ جي سرحدن جي باري ۾ گڏيل رضامنديءَ مطابق انتظامي ۽ معاشي سهولتون پيدا ڪندا. 4. اسرائيل ۽ اردن يروشلم جي باري ۾ قطعي ڪنٽرول جو جهيڙو نبيريندا. 5. انهيءَ نموني ئي اسرائيل ۽ اردن غزه جي علائقي جو فيصلو اسرائيل ۽ مصر جي برابريءَ ۽ ان جي بنياد تي ڪندا. 6. اسرائيل جي نيڪاليءَ جي حوالي سان اردني اولهائين ڪناري جي علائقي جي تحفظ جي باري ۾ ٻئي ملڪ گڏيل صلاح سان ڪم ڪندا. 7. اردن، تيران ۽ عقاب جو سمنڊ سڀني ملڪن اسرائيل سوڌو سڀني ملڪن جي جهازن لاءِ کولي ڇڏيندو. 8. ڊاڪٽر جارنگ هڪ بين الاقوامي ڪميشن ويهاريندو جنهن مطابق هر مهاجر کان اسرائيل ۾ سندس آباديءَ بابت راءِ ورتي ويندي. 9. ٻئي ملڪ معاهدي مطابق هڪ ٻئي جي خودمختياريءَ، سرحدي تحفظ، سياسي آزاديءَ ۽ امن سان زنده رهڻ جو حق تسليم ڪندا. 10.مڪمل معاهدي جي تصديق يو اين جي سلامتي ڪائونسل ۽ چارئي وڏيون طاقتون ڪنديون. 11.سڄو معاهدو صحيح ڪرڻ کانپوءِ اقوام متحده ۾ جمع ڪرايو ويندو ۽ ان جي ڪٿي به خلاف ورزي ٻئي ملڪ کي به لاڳاپيل ذميواريءَ کان آزاد ڪري ڇڏيندي. ۽ آخر ۾ آمريڪا جو خيال هو ته اسرائيل-اردن امن ٺاهه جا هڪدم ۾ پابند ٿيندا، گڏو گڏ مصر-اسرائيل ٺاهه به عمل لائق هوندو، انهن معاهدن جو مطلب عرب دنيا کي ورهائي امن جون ڪوششون ناهن (اها وضاحت آمريڪا پاڻ ڪئي). مٿيون ڳالهيون آمريڪا جي واضح مقصد کي آئينو ڏيکارڻ لاءِ ڏنيون ويون آهن، آمريڪا وچ اوڀر ۾ مضبوط اسرائيل کي ڏسڻ گهري ٿو، تنهن کانسواءِ عربن کي ذاتي دشمنيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي فوجي آمريت ۽ بادشاهتن کي پاڻ ۾ ويڙهائي پڻ آمريڪا پنهنجي مفادن  جي حفاظت ڪرڻ گهري ٿو ۽ امن منصوبي جو بنيادي مقصد غير فلسطيني اختيارن کي هٿي ڏيڻ پڻ آهي، جيئن هڪ فلسطيني صوبو ٺاهيو وڃي جيڪو يا ته اردني حڪومت جي هٿ هيٺ هجي يا اسرائيل جي نگرانيءَ ۾، عرب عوام جي راءِ کي نظر انداز ڪندي انهن تجويزن جي سلسلي ۾ الزام جوابي الزام ڪڏهن سوويت يونين طرفان ته ڪڏهن عرب رياستن پاران هنيا پئي ويا، مسئلو اهو هو ته مصر ۽ اسرائيل پنهنجي حاڪميت کي قائم رکندي انهن تجويزن تي ڪيئن عمل ڪن ته جيئن وڏيون طاقتون به ناراض نه ٿين. انهيءَ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ 1969ع ۾ خزان جي موسم ۾ ۽ 1970ع جي سياري جي موسم ۾ ناصر جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ جا سبب سمجهي سگهجن ٿا، جيتوڻيڪ وڏيون طاقتون صحيح طريقي ۽ صحيح رستي کي اختيار ڪرڻ جي حق ۾ هيون، پر اسرائيل جو سمورو زور۽ اسرار ناصر جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ هو.

ليليٰ خالد جي  آتم ڪٿا جي ڪتاب ”اسان زنده رهنداسين“ مان ورتل (ترجمو: زيب سنڌي)