|
اکين کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ مهارت هئڻ گهرجي
اکيون
جيڪي خوبصورت آهن، سي دنيا کي به خوبصورتي سان ڏسن ٿيون ۽ عورتون به پرڪشش نظر اچڻ
لاءِ هر پروڊڪٽ استعمال ڪن ٿيون، جيئن ته اکين لاءِ مختلف مسڪارا ۽ ڪجل، چپن لاءِ
مختلف مختلف ڪلرس جون لپسٽڪ، پر جيڪڏهن اسان جي اکين جو لڪ ۽ ميڪ اپ صحيح نه هوندو
ته اکين سان گڏ ٻين حصن جو ميڪ اپ ڄڻ صحيح نه لڳندو، هونئن ته اکين کي حسين دلڪش ۽
خوبصورت بڻائڻ لاءِ بازار ۾ ڪيترائي بيوٽي ائٽمز ملي ويندا آهن، جن جي استعمال سان
اکين کي حسين بڻائي سگهجي ٿو، هر عورت جي خواهش هوندي آهي ته سندس چهري سان گڏوگڏ
سندس اکيون به پرڪشش هجن پر جيڪڏهن قدرتي طور تي اکيون سهڻيون نه هجن ته مصنوعي ميڪ
اپ ذريعي انهن کي خوبصورت ۽ دلڪش به بڻائي سگهجي ٿو، گهاٽين پنبڻين لاءِ مصنوعي آئي
ليشز استعمال ڪري سگهو ٿا پر اهي هر وقت يا هر جڳهه تي استعمال ڪرڻ نامناسب آهن، ان
ڪري توهان سٺو ۽ معياري مسڪارو به استعمال ڪري ٿيون سگهون، بازارن
۾ تمام گهڻا مختلف ورائٽي جا تيار مسڪارا ملن ٿا، عام مسڪارن ۾ بليڪ، برائون يا
گِري ڪلر جا شيڊ استعمال هيٺ هوندا آهن ۽ اهي مسڪارا ننڍن پلڪن لاءِ به مناسب آهن،
هنن جو استعمال عام طور تي ڪاليج، آفيس ويندڙ عورتون ۽ يونيورسٽي جون شاگردياڻيون
ڪن ٿيون. مسڪاري هڻڻ جو طريقو: مسڪارا لڳائڻ مهل پنبڻين کي هيٺ جهڪائي برش کي مٿئين
پاسي کان هڻو، مسڪاري جو هڪ ڪوٽ هڻو، برش جي حرڪت توهان جي پنبڻين جي جڙن کان انهن
جي ڪنڊ تائين هجي ۽ جڏهن توهان جو مسڪارو سڪي وڃي تڏهن ئي توهان اکين کي مٿي کڻو،
پوءِ مسڪارو اکين جي اندروني حصي تي برش جي ڪنڊن سان لڳايو ۽ مسڪاري کي دير تائين
رکڻ گهرو ٿيون ته ان لاءِ اوهان پائوڊر استعمال ڪريو، مسڪارو ٽن ڪوٽن کان وڌيڪ نه
لڳايو. مسڪارو صاف ڪرڻ لاءِ: مسڪارو صاف ڪرڻ لاءِ توهان ميڪ اپ ريموور کي ٽشو پيپر،
ڪپهه يا نرم ڪپڙي ۾ هڻي پنبڻين تي هڻو ۽ بعد ۾ توهان سڄي چهري کي فيس واش سان ڌوئي
ڇڏيو، پنبڻين کي صاف ڪرڻ وقت اکيون بند ڪيو، جڏهن مسڪارا لهي صاف ٿي وڃن ته پوءِ
پنبڻين ۾ پئٽروليم جيلي لڳايو، واٽر پروف وارو مسڪارو لاهڻ لاءِ توهان مسڪارا
ريموور استعمال ڪيو ۽ خشڪ مسڪاري کي ڪپهه پسائي ڪري صاف ڪريو، اهڙي طرح توهان جي
پنبڻين جا وار به نه ڇڻندا ۽ اکيون جي اندر دز يا مٽي نه ويندي. |