|
اچو ته متاثرن جي بحالي لاءِ اڳتي وڌون
رابعه بلوچ
ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ٻوڏ جي ڪري بدحالي جي خراب ترين صورتحال سامهون آيل آهي،
جنهن ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ هن وقت وس کان ٻاهر
آهي، ان کانسواءِ نه ڄاڻ ڪيترا انسان سنڌو جي لهرن جي ور چڙهي زندگي وڃائي ويٺا آهن،
سڄي سنڌ خاص ڪري ڪچي جا علائقا ٻوڏ جي دهشت ۾ آيل آهن، ڪجهه هفتا پهرين جتي واري ئي
واري هئي، هاڻي اتي پاڻي پاڻي آهي، جهر جهنگ ۽ شهر ويران ٿيندا پيا وڃن، ڳوٺن ۽
وسندين ۾ ماٺار ڇانئجي وئي آهي، درياءَ بادشاهه به مستي ۽ موجن سان گجگوڙ ڪندو
دليون ڊپ مان ڏاري رهيو آهي، سنڌ امڙ جي سدا حيات خوشبو جا شادمانا ڄڻ ته سانجهي ۾
تبديل ٿي چڪا آهن، ٿوري گهڻي تي صبر ڪرڻ وارا اسان جا ماروئڙا ٻوڏ کانپوءِ بي
يارومددگار ويٺل آهن، هو پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي تپندڙ اس ۾ روڊ تي ويهي ڏينهن ۽
راتيون گهاري رهيا آهن، هنن کي هڪ ته پنهنجي آشيانن ڇڏڻ جو ڏک آهي ته ٻئي طرف
پنهنجن پيارن جو ڏک جيڪي سنڌوءَ جي ڇولين سان ٽڪرائي ڪوهين ڏور هليا ويا آهن پر
هاڻي اسان تي اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اسين ڪهڙي طرح پنهنجي هم وطنن جو ساٿ ٿا ڏيون
۽ انهن کي اهي خوشيون موٽائي ڏيون، جنهن جا هو منتظر آهن، هنن جون اکيون اسان جي
امداد لاءِ آتيون آهن، هنن کي ضرور اميد هوندي ته اسان جا سنڌ واسي ضرور اسان جي
مدد ڪندا، پوءِ ڇو نه پاڻ هنن جي اميد کي يقين ۾ بدلايون، انهن کي يقين ڏياريون ته
اسين توهان سان گڏ آهيون، جيڪي به هن ٻوڏ کان محفوظ آهن ۽ پنهنجي آشيانن تي خوش
زندگي گذاري رهيا آهن ته انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجي وس آهر ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن،
ڇو ته انهن جي مدد ڪرڻ پنهنجو اخلاقي ۽ قومي فرض آهي، آئون يقين سان چوان ٿي ته پاڻ
پنهنجا ڪجهه خرچ گهٽائي هنن جي مدد ڪريون ته ضرور هنن جون مشڪلاتون گهٽبيون، پاڻ
ڪجهه پنهنجي ضروري شين مان جهڙوڪ ڪپڙا، لٽا ۽ ٻيو سامان انهن کي ڏيئي انهن جي مدد
ڪري سگهون ٿا ۽ پٿون ٿيل پيرن ۾ جتي وجهي وڌيڪ زخمن کان بچائي سگهون ٿا، هڪ وقت
سادو کاڌو کائي انهن جي ڪجهه بک ختم ڪري سگهون ٿا، ڪجهه پئسا بچائي ڪنهن بيمار کي
دوا ڏئي ان جي ڪجهه تڪليف گهٽ ڪري سگهون ٿا، درد گهٽ ڪرڻ وارو ته منهنجو خدا آهي پر
پاڻ جي هنن جو هيلو ٿياسين ته وسيلو خدا ڪندو ۽ ها سنڌ واسيو ۽ احساس رکندڙ دل وارا
انسانو اچو ته پاڻ انهن جي اکين ۾ اهو درد محسوس ڪريون، جيڪو انهن کي ڏينهن رات
تڙپائي رهيو آهي، اچو ته انهن جي زخمن کي گهرو ٿيڻ کان پهريان انهن تي مرهم رکون،
هنن جي بي جان وجود ۾ ساهه ڦوڪيون ۽ انهن کي حوصلو ڏيون، پنهنجي مدد ذريعي، همت
ذريعي ۽ پياري گفتگو جي ذريعي جيڪڏهن پاڻ خاموش ويهي هنن جو تماشو ڏسنداسين ته هو
وقت کان اڳ وکري ذرا ذرا ٿي ويندا، حڪومت پنهنجي وس آهر به هنن جي ڀرپور مدد ڪري
رهي آهي، اهو حڪومت جو فرض آهي پر پاڻ به پنهنجي فرض کان غافل نه ٿيون، ڇو ته ٻوڏ
متاثر پنهنجي مدد جا منتظر آهن، انهن جون اکيون پنهنجي مدد جي اوسيئڙي ۾ آهن، ڇو ته
پنهنجي ئي مدد سان انهن جي بحالي ممڪن آهي، ها ممڪن آهي.!
|