ڪاوش نازڪ - عورتن تي تشددد- ليڊ آرٽيڪل 2

ڪئمپ ۾ صحت ۽ صفائي جو تصور ئي ناهي

ٻوڏ کي هاڻي هڪ سال پورو ٿيڻ وارو آهي پر اڃا تائين ڪئمپن ۾ سوين عورتون ۽ ٻارڙا ترسيل آهن، حڪومت ته ڪيترن ئي مهينن کان سندن کاڌو پيتو بند ڪري ڇڏيو آهي، ايستائين جو پيئڻ جو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري ڪئمپن جي صحت ۽ صفائي جي حوالي سان صورتحال انتهائي خراب آهي، ٻارڙن توڙي عورتن ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پڻ پکڙجي رهيون آهن، ٻارڙا ته مهينن جا مهينا وهنجن ئي نٿا، جنهن ڪري سندن چهري ۽ بدن تي مٽي جا تهه ڄمي ويا آهن، کاڌو پيتو پڻ انتهائي گندگي واري هنڌ تي کائن ٿا.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com