ڪاوش نازڪ

ڊائري جا ورق

جڏهن هن مون کي چيو ته مون کي روئڻ وارا ماڻهو بلڪل پسند نه آهن ۽ ان وقت منهنجي اکڙين جي ساگر ڇوليون پئي هنيون ۽ ان ساگر جي ڇولين جي هلچل انهن لفظن کي ٻڌي جوش ۾ اچڻ پئي چاهي پر خبر ناهي ڇو ۽ ڪيئن اهو ڇوليون هڻندڙ ساگر سانت ۾ اچي ويو؟ ها مون ”هن“ کي ايترو ضرور چيو ته ڪنهن به سانت شيءِ يا وجود ۾ ارتعاش تڏهن پيدا ٿيندو آهي، جڏهن ڳالهه ان جي وزن کان وڌي ويندي آهي، اهو دنياوي دستور نه بلڪه فطرتي تقاضا آهي، جڏهن گلاس ۾ پاڻي ان جي ماپ کان وڌيڪ وڌو ويندو ته يقينن پاڻي ٻاهر هارجڻ شروع ٿيندو ۽ جڏهن سمند يا درياءَ ۾ به پاڻي ان جي اندازي کان وڌي ويندو آهي ته پوءِ ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري نه ڄاڻ ڪيترو نقصان ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن جو ازالو انساني اوقات کان مٿانهون هوندو آهي ته پوءِ ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انسان کي درد ۽ پيڙائون پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀرين ته هو خاموش ڳوڙهن جي برسات سان اندر ۾ دکايل درد ۽ پيڙا کي ڌوئي ختم ڪرڻ جي به ڪوشش نه ڪري، هونئن به انسان جي وس ٻيو ڇا آهي، ڇا هو هميشه منافقت جي خول ۾ پاڻ کي قيد رکيو ويٺو آهي، بقول ”بتول“

دل ۾ درد چڻنگ جيان دکندو رهي ٿو،

چهرو دنيا وارن سان مرڪي ملندو رهي ٿو.

پوءِ ڀلا انسان ڇا ڪري....؟ دنيا وارن کان ته درد لِڪائي خوش پوشيءَ جو پوش پائي مسڪرائي ملي ٿو، پوءِ ڇو نه دل رت جا ڳوڙها روئندي هجي، هونئن به دنيا جو دستور آ ته دنيا هميشه کلڻ وارن جو ساٿ ڏيندي آهي، روئڻ وارن سان گڏ ڪير ٿو ويهي روئي. ماڻهو سڄي دنيا وارن کان ته درد لڪائي ٿو پر اڪيلائيءَ ۾ اهي ئي ساٿي بڻجي ڪڏهن پاڻ کان وڌيڪ ڏکويلن جا ڏک ياد ڪري دلاسو ڏين ٿا ته ڪڏهن وري تر جي ذري جيترا به گڏجي نيڻن جا بند ٽوڙيو ڇڏين، ها مون هن کي ايئن به چيو ته ڀلا ائين روئڻ ڪير چاهيندو، هر ڪوئي ته باغ ۾ گل جي خواهش کڻي ويندو پوءِ ڀلا جي ڪنهن جي مقدر ۾ گل جي بدران ڪنڊا هجن جنهن سان سندس نازڪ هٿڙا ڳاڙهي گلاب بدران رت سان رنگجي وڃن ته ڇا هو مقدر سان ويڙهه ڪندو يا ان تي ٽهڪ ڏيندو؟ ها ڪجهه ماڻهن جي پڇڻ تي اسان درد کي لِڪائي بهادريءَ سان مسڪرائي جواب ڏيندا آهيون ته معمولي زخم، معمولي ڳالهه آهي پر ڪجهه اهڙا به هوندا آهن، جو دل چاهيندي آهي ته انهن سان روئي دل جو حال اورجي پر نه!! اڄ ڪنهن کي ڀلا ايتري واندڪائي ڪٿي آهي جو هروڀرو پيو ٻئي جا ڏک سور سلهاڙي. ها جيڪڏهن ڪوئي آهي ته پنهنجي اندر جو انسان، پنهنجو ئي من، جنهن کي ڏک به ملي، اوريو به ان سان، آٿت به ڏيوس ته جڏهن من جي ساگر ۾ ڏکن جون ڇوليون وڌي وڃن ۽ ڪوشش جي باوجود به نيڻ ٽمڻ کان بس نه ڪن ته پوءِ به ان ساگر جي ڇولين کي ڇڏي نه ڏجو جو ٻين جي خوشين ۾ کارو لوڻ لڳي بلڪه ان ساگر جي پاڻيءَ جو رخ پنهنجي اڪيلائيءَ واري وقت ۾ من جي ويراني ۾ ڇڏي ڏجو ته جيئن اوهان کانسواءِ ٻيو ڪوبه اوهان جي درد جو سونهو ٿي نه سگهي، ها دنيا به انهن جو خير مقدم ڪندي آهي، جيڪو دردن جا دروازا بند ڪري ۽ بهار جيان مسڪرائي آجيان ڪندا آهن پر اهو منافقت جو خول هڪ ڏينهن ضرور لهندو آهي جو انسان ڪنهن پياري دل واري سان دردن جي درياءَ جا بند ڀڃي دل جو ڪتاب کولي رکندو آهي، جنهن جي زندگيءَ جي ڪتاب جا صفحا ۽ انهن تي لکيل غمن جي تحرير ڪنهن ڪتاب جي سر ورق جيان چٽي ٿي پوندي آهي ته ڪڏهن وري انسان ايترو ته ان خول ۾ مضبوط ٿي جڪڙجي ويندو آهي جو ان جي ڪتاب زندگي کي پڙهڻ ته پري پر ڪوئي ڇهي به سگهندو آهي، ايستائين جو اهو انسان اها دردن جي ڊائري کڻي هڻ فاني جهان کي ڇڏي بقا ڏي روانو ٿي ويندو آهي ۽ ان جي زندگي ڪنهن لاءِ سبق آميز، ڪنهن لاءِ ڳجهارت، ڪنهن لاءِ راز ته ڪنهن لاءِ گلن جي گلدستي جيان ٽڙندڙ بهار جي موسم ۾ باغ ۾ رنگ برنگي گلڙن جيان بڻجي ويندي آهي.

فرزانه بتول جهتيال/لاڙڪاڻو