|
ٻوڏ جي ڪري انسانن تي پوندڙ نفسياتي اثر
انيسه گل ڀٽي
جيئن ته ٻوڏ جي ڪري هن وقت تمام خطرناڪ صورتحال آهي، ڪيتريون ئي حياتيون ختم ٿي
چڪيون آهن ۽ ڪيترن ئي نقصانن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، ٻوڏ جي ڪري ماڻهن جي
نفسيات تي به تمام خراب اثر پئجي رهيا آهن، ٻوڏ جي ڪري انسانن ۾ تمام گهڻو خوف
پکڙجي ويو آهي، جيڪو نه صرف انسانن ۾ بي چيني جي حالت پيدا ڪري پيو پر انهيءَ سان
گڏ انسانن ۾ ڪيتريون ئي وبائي ۽ نفسياتي بيماريون پڻ پيدا ڪري ٿو، ٻوڏ جي ڪري
انسانن ۾ ننڊ نه اچڻ، گهٻراهٽ، ساهه کي مونجهه، هٿ پيرن جو سن ٿي وڃڻ، اداسي ۽
پريشاني جهڙيون حالتون ٿي رهيون آهن، ڪجهه ماڻهن جي طبيعت تمام حساس ٿئي ٿي، جيڪي
ٿوري گهڻي خوف، پريشاني يا ايندڙ مصيبت جي خبر ٻڌي تمام پريشان ٿي ويندا آهن ۽ اڪثر
اهي مصيبت جي حالت ۾ بيهوش ٿي پوندا آهن يا انهن جا هٿ پير سن ٿي ويندا آهن، کين
ڏندڻ پئجي ويندا آهن، ساهه گهٽجڻ لڳندو آهي يا تمام تيز ساهه يا ٿڌا ساهه کڻندا آهن،
پگهر تمام گهڻو ايندو آهي، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي، دل ۾ سور
پوڻ جي شڪايت ڪندا آهن، وات جو خشڪ ٿي وڃڻ، الٽيون اچڻ ۽ اهو بار بار چوڻ ته پري
هٽي وڃو ۽ مون کي موت اچڻ وارو آهي، وغيره، اهڙي قسم جي حالت کي نفسياتي بيماري
Panic disorder
چون ٿا، اها بيماري اڪثر اهڙن موقعن ۾ زور وٺي ٿي، جڏهن ڪو صدمي ۽ خوف وارو واقعو
يا ڪا وڏي مصيبت اچڻ جو خوف انسان کي گهيري وٺي ٿو، مثال طور جيئن انسان ٻوڏ جي اچڻ
جو خوف محسوس ڪري ٿو يا جڏهن ٻوڏ جي ڪري ان جو ڪو عزيز مٽ مائٽ الڳ ٿي وڃي ٿو يا
گهر ٻار ۽ سامان لڙهي وڃي ٿو يا جڏهن ڪو زلزلو يا ٻي ڪا آفت اچي ٿي ۽ انسان انهيءَ
خوف ۾ رهي ٿو، اڪثر اهڙا ماڻهو زور زور سان روئن ٿا، دانهون ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن دل
جي سور پوڻ سبب انهن جو موت واقع ٿي وڃي ٿو، انهيءَ کانسواءِ ڪجهه ماڻهن ۾ ڪنهن
صدمي يا ڪا مصيبت اچڻ جي ڪري حالت اهڙي ٿي ويندي آهي جو هو هڪ جڳهه تي بلڪل ساڪن ٿي
ويٺا رهن ٿا، جڏهن ڪير ٻيو ماڻهو انهن کي اٿاري، اهي بلڪل اداس مايوس ٿي وڃن ٿا، نه
ته انهن کي زماني جي پرواهه يا خبر چار رهي ٿي ۽ نه پنهنجي ڀرپاسي جي ڄاڻ رهي ٿي،
اهي ماڻهو بلڪل صدمي ۾ خاموش هڪ جڳهه تي ويٺا رهن ٿا، نه اس جي خبر پوي ٿي ۽ نه
سرديءَ جي ڪا خبر پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن جي نفسياتي حالت اهڙي ٿي وڃي ٿي جو هو ذري
گهٽ دنيا کان ڪٽجي وڃن ٿا ۽ صدمي ۾ گم ٿي وڃن ٿا، ڪجهه ماڻهن ۾ نفسياتي دٻاءُ گهڻو
وڌي وڃي ٿو ته هو عجيب حرڪتون ڪن ٿا ۽ عجيب ڳالهيون ڪن ٿا ۽ اجايو سجايو ڳالهائيندا
رهن ٿا، ڪجهه ماڻهو سڄي رات خوف يا پريشاني ۾ جاڳن ٿا، جنهن سان انهن ۾ ڪاوڙ جي
بيماري به وڌيڪ ٿي وڃي ٿي ۽ ننڊ نه اچڻ جي بيماري به ٿي وڃي ٿي، ڪجهه ماڻهن جي
پريشاني يا صدمي ۾ اهڙي حالت به ٿي وڃي ٿي جو هو پنهنجو پاڻ کي به سڃاڻن کان انڪار
ڪري ڇڏين ٿا يا انهن جي ذهن تي دٻاءُ ايترو وڌي وڃي ٿو جو هو پنهنجي مٽ مائٽ کي به
سڃاڻي نه ٿا سگهن ۽ بي خبر بي چين ٿي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي گهمندا رهن ٿا ۽ انهن
کي ذهني سڪون نه ملندو آهي، اهڙن ماڻهن ۾ ڊپرشن تمام گهڻو ڏٺو ويو آهي، ٻوڏ جي
متاثرين ۾ ڊپريشن جي بيماري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اهڙي حالت ۾ انهن ماڻهن کي
نفسياتي طريقي علاج جي ضرورت ٿئي ٿي، انهيءَ حالت ۾ اهڙن متاثرن کي ڪجهه وقت وڃي
انهن جي دل جو بار گهٽ ڪرڻ لاءِ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته نفسيات جو
علم اهو سيکاري ٿو ته جنهن انسان کي گهرو صدمو رسي ٿو يا ڪا مصيبت اچي ٿي ته انهي
کي اڪيلو نه ڇڏيو، بلڪه انهي سان همدردي ڪريو، انهن جي ڳالهه ٻڌو، انهن جي نفسياتي
مسئلن کي حل ڪريو ۽ دلجاءِ ڏيو، ڪنهن انسان کي صدمي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو
صدمي ۾ نفسياتي مريض بڻجي سگهي ٿو ۽ هو نه صرف پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائي سگهي ٿو
پر ٻين کي به پريشان ڪري سگهي ٿو.
|