ڪراچي (بيورو رپورٽ)  ڪراچي ۾ انٽرميڊيٽ بورڊ جي امتحان جي نتيجن ۾ جعلسازي جي شڪايتن کانپوءِ اينٽي ڪرپشن جو ناظم آباد ۾ انٽرميڊيٽ بورڊ جي آفيس تي ڇاپو، انٽرميڊيٽ بورڊ جي ڪنٽرولر سميت 50 کان وڌيڪ آفيسر ۽ اسٽاف 30 ڪلاڪن کان وڌيڪ تائين بورڊ آفيس ۾ يرغمال بڻيل رهيو، رات دير تائين اينٽي ڪرپشن جو عملو بورڊ آفيس ۾ موجود هو. تفصيل موجب اينٽي ڪرپشن کي شڪايتون مليون هيون ته انٽرميڊيٽ بورڊ جي امتحان جي نتيجن ۾ عملي هيرا ڦيري ڪئي آهي ۽ پئسا وٺي پيپرن ۾ مارڪون ۽ امتحان ۾ پاس ڪيو ويو آهي. اهڙي اطلاع تي اينٽي ڪرپشن ويسٽ زون جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فواد غفار سومرو جي اڳوڻيءَ ۾ ٽيم اڱاري ڏينهن ساڍي 6 وڳي ڌاري ناظم آباد ۾ واقع انٽرميڊيٽ بورڊ آفيس تي ڇاپو هڻي ۽ آفيس جي سموري  عملي کي آفيس کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو. اينٽي ڪرپشن ٽيم انٽرميڊيٽ بورڊ جو سڄو آءِ ٽي سسٽم چيڪ ڪيو، سمورا ڪمپيوٽر ۽ انهن جو رڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڪنٽرولر عمران چشتي سميت آفيسرن ۽ اسٽاف کي يرغمال بڻائي ڇڏيو، اينٽي ڪرپشن عملي ڊپٽي ڪنٽرولر انٽرميڊيٽ بورڊ ڊبير جي پي اي ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر عادل کي گرفتار ڪري ورتو. ذريعن ٻڌايو آهي ته اڱاري ڏينهن رات جو دير سان اينٽي ڪرپشن جي عملي آفيسرن ۽ اسٽاف کي چيو ته هڪ ڪلاڪ لاءِ گهر وڃي سگهو ٿا پوءِ واپس اچي وڃجو پر اهڙي اجازت تي ڪو به آفيسر گهرن ڏانهن نه ويو ۽ رات به بورڊ آفيس ۾ ئي گذاري ۽ اينٽي ڪرپشن عملو به سڄي رات انٽرميڊيٽ بورڊ آفيس ۾ موجود رهيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته اينٽي ڪرپشن عملي 100 شاگردن جا اُهي پيپر به هٿ ڪري ورتا آهن جن ۾ انهن شاگردن کي وڌائي مارڪون ڏنيون ويون آهن. اينٽي ڪرپشن عملي انٽرميڊيٽ آفيس جي آفيسرن ۽ سموري اسٽاف جا موبائيل فون ۽ انهن جا اي ميل به چيڪ ڪيا جن تي هو شاگردن سان رابطي ۾ هئا، اينٽي ڪرپشن ڪمپيوٽرن مان امتحانن بابت سڄو ڊيٽا پڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، بورڊ آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرميڊيٽ بورڊ جي امتحان جا نتيجا جيڪي هلندڙ هفتي متوقع هئا، انهن ۾ هاڻي تمام گهڻي دير ٿي سگهي ٿي، ڇو ته ڪمپيوٽرن جو سسٽم به مفلوج ٿيڻ جو امڪان آهي، ان جي ٺيڪ ڪرڻ دوران امتحاني پيپرن جي ڊيٽا به اُڏي سگهي ٿي. اينٽي ڪرپشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرميڊيٽ بورڊ ۾ ڪافي عرصي کان وڏي گڙٻڙ هلي پئي نه رڳو امتحانن ۾ مارڪون پئسن عيوض ڏنيون وڃن ٿيون پر بورڊ ۾ ڀرتين جو به مسئلو آهي ۽ حڪومت پاران ڀرتين تي پابندي باوجود گذريل ڪجهه عرصي دوران ساڍا 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي ڊيلي ويجز تي رکي پڪو ڪيو ويو آهي ۽ ترقين ۾ به پنهنجا نوازي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بورڊ جي ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته انٽرميڊيٽ بورڊ جي ڪنٽرولر عمران چشتيءَ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هٽايو ويو هو ڇو ته هو اصل ميرپورخاص بورڊ جو ڀرتي ٿيل آهي ۽ هتي ڊيپوٽيشن تي رکيل هو. هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته عمران چشتي واپس ميرپورخاص وڃي پر هٽائڻ کانپوءِ هو ٻيهر هفتو کن اڳ وري ڪنٽرولر جي سيٽ تي ويهي رهيو آهي.  هوڏانهن 30 ڪلاڪ گذري وڃڻ کانپوءِ به اينٽي ڪرپشن پاران بورڊ آفيس ۾ جاچ جاري هئي ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو پئي ويو، جڏهن ته آفيسرن ۽ اسٽاف کي به دير تائين گهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي.