ميرپورماٿيلو (ن ڪ) ميرپورماٿيلي ڀرسان جروار جي مين پرائمري اسڪول جي بلڊنگ تازين برساتن ۾ ناڪارا ٿي وئي اهي، اسڪول جي عمارت جي ڪمرن جا چاپڙ ڪرڻ لڳا، ڪمرن جي ڇت مڪمل ناڪارا ٿي وڃڻ سبب برساتي پاڻي ڪمرن اندر بيهجي ويو آهي، جنهن سبب تعليم متاثر ٿي رهي آهي، پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر دوست محمد بوزدار ۽ استاد غلام حيدر بوزدار ٻڌايو ته مين پرائمري اسڪول جي عمارت ڪمرن جا چاپڙ ڪري رهيا آهن ۽ برسات جو پاڻي ڪمرن اندر بيٺل آهي، هنن چيو ته استاد خوف واري ماحول ۾ ٻارن کي پڙهائي رهيا آهن، هنن وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي.