لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت جسمم اڳواڻ حفيظ پيرزادو کي پوليس مقابلي، ٻن سپاهين کي زخمي ڪرڻ، ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ٻين ڪيسن ۾ مجموعي طور ساڍا 37 سال قيد ۽ 2 لک 53 هزار 32 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، رپورٽ موجب جسمم اڳواڻ حفيظ پيرزادو کي فتح پور سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس ٻلهڙيجي مان پهرين ڊسمبر 2015ع تي گرفتار ڪري پوليس مقابلو، دهشتگردي ايڪٽ، غير قانوني هٿيار رکڻ، ٻن پوليس اهلڪارن سليم پتافي ۽ منظور سولنگي کي زخمي ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ حفيظ پيرزادو کي لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ چالان ڪيو ويو هو، جيڪو هن وقت سينٽرل جيل لاڙڪاڻي ۾ قيد آهي. ڪالهه حفيظ پيرزادو کي سينٽرل جيل مان دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، خاص عدالت حفيظ پيرزادو تي پوليس مقابلو، ڊيوٽي اٽڪاءُ، ٻن پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ ۽ ٻين قلمن جا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور ساڍا 37 سال قيد، 2 لک 53 هزار 32 رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ جي گهڻي رقم زخمي پوليس اهلڪارن کي ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سمورن قلمن هيٺ آيل سزا گڏ ئي هلندي، ٻئي طرف جيئي سنڌ متحده محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته انصاف واري عالمي عدالت سان رابطو ڪيو ويندو.