حيدرآباد(نمائندن وٽان) تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف پاران ڪالهه به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، سڪرنڊ ۾ مهانگائي الائونس، ٽائيم اسڪيل ۽ فوتي ڪوٽا سميت مطالبن جي مڃتا لاءِ تعلقي صدر گل محمد جمالي، هارون ڪيريو، ڪمال خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٺٽي ۾ انور شيخ، يعقوب سمون، جمن ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪوٽڙي ۾ ملازمن علي شير ملاڻو، خير محمد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، دادو ۾ لوئر اسٽاف ملازمن حاجن پنهور، منظور لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو، سکر ۾ ملازمن اياز مهر، يعقوب پٺاڻ، ياسين مهر ۽ ايوب جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڇهين ڏينهن به مظاهرو ڪيو، هوڏانهن لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري ۾ ملازمن زبير شاهه، الهه بخش سومرو، آصف ڪنڀر، عابد ابڙو، نظير ڪلهوڙو ۽ مختيار سيال جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي بک هڙتال ڪئي وئي.