اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت جنيوا مشن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي تهمينا جنجوعا کي اعزاز چوڌري جي جڳهه تي پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، تهمينا جنجوعا پاڪستان جي 29هين ۽ پهرين عورت پرڏيهي سيڪريٽري هوندي، خانگي ٽي وي موجب اعزاز چوڌري کي آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته آمريڪا ۾ پاڪستان جي موجوده سفير جليل عباس جيلاني جو مدو ايندڙ سال جنوري ۾ ختم ٿي ويندو، پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرر ڪيل تهمينا جنجوعا اٽلي ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پرڏيهي ترجمان پڻ رهي چڪي آهي، وزيراعظم نواز شريف پرڏيهي سيڪريٽري طور تهمينا جنجوعا جي مقرري جي منظوري ڏني، جڏهن ته فرانس ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير غالب اقبال، ڀارت ۾ پاڪستاني سفير عبدالباسط ۽ چين ۾ سفير مسعود خالد جي نالن تي پڻ غور ڪيو ويو هو، تهمينا جنجوعا جو مڙس منصور احمد پڻ سوئٽزرلينڊ ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيل آهي، نئين پرڏيهي سيڪريٽري جي مقرري سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاڪستاني سفيرن جي تبديلي پڻ متوقع آهي.