ڪاچي (ڪلچرل رپورٽر) ڪي ٽي اين جي سوپ سيريل ”ڪنڊن جي سيج“ ۾ سردار شاه زمان ڌي روشني جي پسند جي پرڻي واري ضد اڳيان هار مڃي ورتي ۽ ڌيءَ کي چيائين ته روشني پٽ صرف تنهنجي خوشيءَ جي خاطر مون تنهنجو سڱ ساجد کي ڏئي ڇڏيو آهي، هوڏانهن روشني پيءُ کي چيو ته بابا هاڻ منهنجي قسمت، اوهان کي ڪابه ميار ڪونه ڏيندس.