سنڌ جو هي سداملوڪ شاعر ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. مٺيءَ سان تعلق رکندڙ سائينداد ساند، سنڌي شاعريءَ سان پنهنجي ننڍي عمر کان ئي سلهاڙيل آهي. سندس خيال جي اُڏام ۽ لهجو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ سان پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائي ٿو. جڏهن هن جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’ڳوڙهن ڳالهايو‘ پڌرو ٿيو هو ته ان کي ايڏي پذيرائي ملي جو جلد ئي اهو مجموعو بازار مان ائين ختم ٿي ويو، جو يقين نٿو آيو ته ڪو شاعريءَ جو هي ڪتاب ائين به ڪتاب گهرن تان وڪرو ٿي غائب ٿي ويندو. ساڳئي وقت هن جي شاعريءَ کي جڏهن فوزيه سومرو ۽ صادق فقير يا ٻين ڳائيندڙن جا آواز ميسر ٿيا ته به هن جي شاعري مقبوليت جون حدون سرحدون پار ڪندي وئي.