خيرپور (ن ڪ) خيرپور ضلعي جي 314 ادر ڪيڊر استادن کي 42 مهينن جون پگهارون نه مليون، استادن پاران سيشن ڪورٽ روڊ تي 224 هين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري آهي، سخت گرمي ۾ هڙتال تي ويهڻ سبب 10 کان وڌيڪ استاد بيماري جي بسترن تي ڪري پيا، هڙتالي استادن جي اڳواڻي عبدالله ڪانهر، رفيق پٺاڻ، گدا ملاح ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، اڳواڻن ٻڌايو ته شديد گرمي ۾ هڙتال تي ويهڻ سبب اسان جا 10 کان وڌيڪ استاد گرمي لڳڻ سبب بيمار ٿي پيا آهن، جيڪي علاج ڪرائڻ جي سگهه به نه ٿا رکن، هنن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه استادن سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪري کين فوري طور تي پگهارون جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر ان جي باوجود به تعليم کاتي جا ڪامورا استادن جي پگهارن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن.