هڪ ڪانءُ، پنهنجي حياتيءَ کان ڏاڍو مطمئن هوندو هو، پر هڪ ڏينهن هُن اوچتو هنجهه کي ڏسي ورتو ۽ سوچيائين ته هي هنجهه ڪيڏو نه اڇو آهي ۽ پڪ سان سڄيءَ دنيا ۾ سڀني کان خوش پکي آهي. هُن پنهنجو خيال هنجهه سان ويچاريو ته هُن وراڻيو، مان به ائين محسوس ڪندو هئس ته مان دنيا جو خوش ترين پکي آهيان، جيستائين مون طوطي کي نه ڏٺو هو، جنهن کي ٻه رنگ ٿين ٿا، منهنجي خيال ۾ طوطو سڄيءَ دنيا ۾ خوش پکي آهي.

ڪانءُ طوطي تائين پهتو ۽ اها ڳالهه ڪيائين ته طوطي چيو، مان به ڏاڍي خوش حياتي گذاريندو هوس، پر هڪ ڏينهن مون مور کي ڏسي ورتو. مون وٽ ته رڳو ٻه رنگ آهن، پر مور وٽ ته جام رنگَ آهن.

ڪانءُ هاڻي راڻي باغ پهتو، جتي هزارين ماڻهو مور کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. ماڻهن جي وڃڻ کان پوءِ ڪانءُ، مور وٽ پهتو ۽ چيائين، پيارا مور تون ڪيڏو نه سهڻو آهين، روز هزارين ماڻهو توکي ڏسڻ اچن ٿا. جڏهن ماڻهو مون کي ڏسندا آهن ته هُش هُش ڪندا آهن ۽ توکي ڏسندا آهن ته ٺري پوندا آهن. منهنجي خيال ۾ تون دنيا جو خوشنصيب ۽ خوش ترين پکي آهين.

مور وراڻيو، مان به سدائين اهو سوچيندو هئس، ته مان دنيا جو خوشنصيب ترين حسين پکي آهيان، پر پنهنجي سونهن جي ڪري هتي اچي قيد ٿيو آهيان. مون سڄي راڻي باغ کي غور سان ڏٺو آهي ۽ ڄاتو ٿم ته صرف ڪانءُ ئي اهو پکي آهي، جيڪو ڪنهن به پڃري ۾ ڪونهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان مان اهو پيو ٿو سوچيان ته جي مان ڪو ڪانءُ هجان ها ته آزاديءَ سان گهمي ڦري ته سگهان هان.

اهو ئي اسان جو مسئلو آهي، اسين ان شئي کي ڪا اهميت ئي ڪونه ڏيندا آهيون، جيڪا اسان کي اسان جو رب ڏئي ٿو بلڪِ اسين ٻين کي ڏسي، ارها ٿيندا آهيون ته اسين اهڙا ڇو ڪونه آهيون. ڇا نه ٿئي جو جيڪِي ڪجهه اسان وٽ آهي، اسين ان تي خوش رهڻ سکي وٺون.