گهوٽڪي (ن ڪ) گهوٽڪي ويجهو سرحد جي هڪ خانگي اسڪول انتظاميا سخت گرمين ۾ شاگردن کي سرڪاري اعلان موجب موڪل ڪرائڻ بدران سندن ڊريس ئي تبديل ڪري ڇڏي، شاگرد سخت گرميءَ ۾ بنا شرٽ جي پڙهڻ تي مجبور، خبر موجب گهوٽڪي ويجهو سرحد جي هڪ خانگي اسڪول انتظاميا طرفان سخت گرمين دوران سنڌ سرڪار طرفان ڪيل عام موڪل واري اعلان تي عمل ڪرڻ بدران اسڪول ۾ تدريسي عمل جو سلسلو جاري رکيو، جڏهن ته اسڪول انتظاميا طرفان اسڪول جي سوڙهن ڪمرن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي دوران معصوم شاگردن کي شرٽون لاهي بغير شرٽن جي بئنچن تي ويهي پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.