سنڌيءَ مان سِنتي بڻجي ويل جپسي ٻولي!

           دنيا مان ڪيتريون ٻوليون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترين ٻولين لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن جي ختم ٿيڻ جو خطرو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ به خطرن جو اظهار ٿيندو رهيو آهي. حقيقت اها آهي ته اسان جي ٻوليءَ کي اهڙو ڪو خطرو ناهي، پر ضرورت فقط انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي ٻوليءَ کي سلامت رکڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي لازمي سبجيڪٽ جي طور تي پڙهائڻ کي يقيني بڻايون. جن ٻولين جا ڳالهائيندڙ وڏي تعداد ۾ موجود هوندا آهن ۽ جن ٻولين جو تعليمي نظام موجود هوندو آهي، انهن ٻولين ۾ وقت سان گڏ تبديلي ته ايندي آهي، پر اهي ڪڏهن به ختم ناهن ٿينديون. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪن مخصوص حالتن جي ڪري ڪنهن هڪ ٻوليءَ منجهان ٻي ٻولي به جنم وٺندي آهي. اهڙو ئي هڪ مثال سِنتي (Sinti) ٻولي به آهي، جنهن کي روماني (Romani) ۽ روما(Roma)  به چيو وڃِي ٿو، جنهن جو جنم اسان جي سنڌي ٻوليءَ منجهان ٿيو آهي. لڳ ڀڳ سڄي يورپ ۽ آمريڪا سميت دنيا جي پنجن ئي کنڊن ۾ هڪ هزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان خانه بدوشيءَ واري، توڙي ٿانيڪي زندگي (Settled Life) گذاريندڙ سِنتين کي عام طور تي جپسي چيو وڃي ٿو. تاريخي طور تي انهن سِنتين جو تعلق سنڌ سان ئي آهي.

تاريخ  ( History)، قديم  آثارن  جو علم  (Archaeology) ۽ علم الانسان  (Anthropology)جا علم، هڪ ئي زنجير جون ڪڙيون آهن. قديم دور کان وٺي سنڌ مان ۽ سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي. تاريخ جي مختلف وقتن ۾ ڪيترائي ڌاريا سنڌ ۾ آيا،  انهن سنڌ جي مٽيءَ سان رشتو جوڙيو ۽ سنڌي ٿي ويا. سنڌ مان مختلف سببن ڪارڻ، مختلف وقتن تي ننڍن وڏن گروهن جي صورت ۾ ڪيترائي ماڻهو لڏو کڻي هليا ويا، انهن مان اڪثر ڪري اهي جنهن به ڌرتيءَ تي ويا، اتان جي خمير ۾ شامل ٿي اتان جا ئي ٿي ويا. انهن مان ڪيترن ماڻهن اتان جي مٽيءَ سان ناتو جوڙڻ باوجود پنهنجي تاريخي تشخص کي ياد رکيو. اهو ئي سبب آهي ته عرب دنيا جي ڪيترن عالمن جي نالي سان ”السندي“ (سنڌي) لکيل نظر اچي ٿو. ساڳئي طرح سان يارهين صدي عيسويءَ ۾ ايران جي رستي سنڌ / هند مان لڏ پلاڻ (Migration) ڪندڙ ۽ آمريڪا توڙي يورپ جي مختلف ملڪن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندڙ جپسي پاڻ کي سِنتي (Sinti) سڏائين ٿا. چيو وڃي ٿو ته سِنتي، سنڌي لفظ جي بگڙيل يا تبديل ٿيل صورت آهي.

آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ موجود خانه بدوش جپسين جي پاڻ ۾ ميل ملاقات جو مرڪز رومانيا آهي، جتي هر سال دنيا ۾ موجود جپسين جو هڪ وڏو ميڙاڪو به ٿئي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندڙ سنتي / جپسي  انهن ملڪن جون مقامي ٻوليون ته ڄاڻن ٿا، پر ڌار ڌار ملڪن ۾ موجود هوندي به انهن سڀني جپسين جي مادري زبان هڪڙي ئي آهي، جنهن کي روما  (Roma)۽ روماني (Romany) چون ٿا. جپسين جي انهي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي سنڌي لفظ موجود آهن. انهن لفظن مان ڪيترن لفظن جي صورت ڪجهه تبديل به ٿي آهي، پر ڪيترا ئي لفظ اڄ به ائين ساڳي صورت ۾ موجود آهن ۽ ڳالهايا وڃن ٿا.

لڳ ڀڳ يارهن سئو سالن جي دربدريءَ ۽ خانه بدوشيءُ دوران جپسي لوڪن تي مختلف ملڪن ۾ ڏاڍ، جبر ۽ ظلم جا ڪيترائي پهاڙ ڪيرايا ويا ۽ کين تعليم جهڙي بنيادي انساني حق کان به هر ممڪن حد تائين محروم رکيو ويو. انهن ملڪن جي مقامي ماڻهن جون نفرتون خانه بدوش جپسين جو هر هنڌ پيڇو ڪنديون رهيون ۽ هنن لاڏائن جتي به وڃي خيما کوڙيا، اتي ڌڪار ئي انهن جي آجيان ڪئي. هر هنڌ انهن سان غير انساني سلوڪ اختيار ڪيو ويو. جرمنيءَ جي نازي حڪمران، ڊڪٽيٽر هٽلر جي دور ۾ ته سندس فوج انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي، حيوانيت کان به اڳتي وڌي لکين جپسين کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گئس چيمبرس ۾ وجهي ٻوساٽي ماري ڇڏيو. نازين اها ساڳئي ڪار يهودين سان به ڪئي هئي، جو هٽلر جو خيال هو ته يهودين ۽ جپسين کي جيئڻ جو ڪوبه حق ناهي، جنهن ڪري دنيا مان انهن جو وجود مڪمل طور تي ختم ٿيڻ گهرجي! ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ حيوانيت جي اهڙين انتهائن جي باوجود ، دنيا ۾ در در جاڌڪا کائيندڙ جپسين نه فقط پنهنجي وجود کي برقرار رکيو، پر پنهنجي جپسي سڃاڻپ کي به قائم رکيو آهي. جپسين ۾ گهڻا ٻار ڄڻڻ جي لاڙي سبب سندن انگ ۾ واڌ به ٿيندي رهي آهي. ويجهي ماضيءَ کان جپسين کي مختلف ملڪن ۾ بنيادي انساني حق ملڻ لڳا آهن. اسپين ۽ ويلس ۾ سندن حالتون ڪجهه وڌيڪ بهتر آهن. خانه بدوشيءَ سان گڏ هاڻي ڪيترا جپسي ٿانيڪي زندگي (Settled Life) گذارن ٿا، پر تنهن هوندي به اڪثر ملڪن ۾  سندن حالت اڄ به گهڻي حد تائين رحم جوڳي آهي. سماجي سطح تي اڄ به انهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ۽ ڪمتر سمجهيو وڃي ٿو ۽ کين ڌڪاريو وڃي ٿو. خانه بدوشيءَ واري زندگي گهاريندڙ ڪِن جپسين جي هلندڙ ڦِرندڙ گهرن (ٽريلرس) تي رنگن سان سِرَن جي ڊزائين واري چترڪاري به ٿيل آهي ته ڪِن جي ٽريلرس مٿان عام شهري گهرن جهڙيون بالڪونيون به ٺهيل آهن، جن مان انهن لاڏائن جي ٿانيڪي زندگيءَ لاءِ حسرت جو اندازو ٿئي ٿو.

نامناسب حالتن ۾ پلجندڙ جپسي ٻار وڏا ٿي کيسا ڪٽڻ، چوريون ڪرڻ ۽ اهڙين ئي ٻين سماجي براين ۾ به مبتلا ٿي وڃن ٿا، پر ڪيترن جپسين انتهائي مشڪل حالتن ۾ به تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ ڪن هنڌن تي اهي انتظامي عهدن تي به ڪم ڪن ٿا. ڪجهه جپسين علم، ادب ۽ صحافت ۾ به پاڻ مڃايو آهي، پر جپسي لوڪن وڌ ۾ وڌ شهرت راڳ، ناچ، شاعري ۽ موسيقيءَ وسيلي حاصل ڪئي آهي. راڳ، ناچ ۽ موسيقي ته ڄڻ سندن اَڍ (Heredity) ۾ شامل آهي. بيشمار جپسي فائين آرٽس جي انهن شعبن سان لاڳاپيل آهن ۽ انهن پنهنجي فن وسيلي نالو به ڪمايو آهي ته ناڻو به. راڳ، ناچ  ۽ موسيقي صدين کان وٺي، هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين منتقل ٿيندڙ سندن ورثو رهيو آهي. انهيءَ حوالي سان سادن لفظن ۾ جيڪڏهن کين ميراثي به چئجي ته شايد غلط نه ٿئي. جپسي مرد ۽ عورتون آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جي گهٽين، شاهراهن ۽ ميدانن کان وٺي نائيٽ ڪلبس ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نچندي ۽ ڳائيندي وڄائيندي نظر اچن ٿا. جپسي ڪنگس(Gypsy Kings)  نالي راڳين جي هڪ گروپ ته دنيا ۾ وڏي شهرت ماڻي آهي. اسان جي نامياري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي مطابق، ”سندن  ڪلامن ۾ جيڪو آلاپ آهي، اهو آلاپ مهراڻي (سنڌ) جي ڪيترن ئي لوڪ گيتن جي آلاپ سان ملي ٿو.“ هي فقير، عبدالقادر جوڻيجي جي انهيءَ راءِ سان متفق آهي، جو حقيقت به اها آهي ته جپسي موسيقيءَ جو بنياد سنڌي موسيقيءَ تي ئي رکيل آهي. مون انهن سنڌين (سِنتين) بابت ڪجهه وڌيڪ تحقيق ڪئي آهي، جيڪا وري ڪنهن ٻئي ڀيري توهان سان ونڊبي.

zaibsindhi@hotmail.com