ڪراچي (رپورٽ: مصطفيٰ ملاح) سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ ”سنڌ لٽريچر فيسٽيول“ ٽئين ڏهاڙي پڄاڻي تي پهتو. علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪراچي جي بيچ لگزري هوٽل ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان آيل ادب دوست فيمليز ٽئي ڏهاڙا دلچسپي سان ايندا رهيا. ڪالهه آچر ڏينهن موڪل وارو هئڻ ڪري گذريل ٻن ڏينهن کان تمام گهڻن ماڻهن ادبي ميلي ۾ شرڪت ڪئي، ڪيترائي اديب پنهنجي فيمليز سان گڏ ادبي ميلي ۾ پهتا، ان موقعي تي  ناليواري اديب ۽ دانشور امر جليل پنهنجي شارٽ اسٽوري ”هڪ پاڳل جي آتم ڪٿا“ پڙهي سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ امر جليل چيو ته هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن جو محتاج هوندو آهي، مون ”واءِ آئي ايم ناٽ مسلم“ ڪتاب لکڻ پئي چاهيو. ڇا اهڙو ڪتاب لکي هن ملڪ ۾ رهي سگهندو، هتي پاناما ليڪس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ليڪس آهن، اسان فقير ماڻهو آهيون، اهو ئي رهڻ ڏيو. مون ذوالفقار ڀٽو تي ڪتاب لکڻ چاهيو ته پوءِ ڀٽو وارو آئيڊيا ڊراپ ڪيم، هاڻي ان جو ڏوهٽو آهي يا ته هو ڀٽو ٿئي يا زرداري، ڇو ته ذات هڪڙي ٿيندي آهي، پاڪستان جو ٻيڙو ووٽ ڏيندڙن ٻوڙيو آهي، سياستدان ته ٿيندا ئي اهڙا آهن، يورپ جا ڪيترائي ملڪ جن جو لٽريسي ريٽ 90 سيڪڙو آهي، اتي اوهان ڪو به فارم ڀريو فارم ۾ سڀ ڪجهه پڇندا، اهي مذهب ناهن پڇندا. هن وقت دنيا ۾ ڪوبه مذهب پنهنجي اصلي حيثيت ۾ موجود ڪونهي، مون تي الزام هو ته تو سنڌ جي نوجوانن کي باغي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن آئون سرڪاري نوڪري ڪندو هئس هتي لک کان وڌيڪ ذاتيون آهن، هر ذات جو الڳ سردار آهي. اسان وٽ تعليم جو فقدان آهي، پيرن ۽ سردارن اسان کي ورهائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سنڌ الڳ الڳ ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي آهي. مون کي لکڻ پڙهڻ ۽ موسيقي کانسواءِ ڪنهن شيءِ سان دلچسپي ناهي. آئون پنهنجي مرضي سان هڪ سٽ نه لکي سگهندو آهيان. تخليقي ڪم نه سکي سگهجي ٿو ۽ نه وري ڪنهن کي سيکاري سگهجي ٿو. تحقيق کي ڪڏهن به تخليق نٿو چئي سگهجي. اوهان ڀلي صوفي ازم جا ڪيترا ڪتاب پڙهو پر اوهان ان سان صوفي نه ٿي سگهندا، اوهان صوفي تڏهن ٿيندا جڏهن ان جو آواز اوهان جي دل مان نڪرندو، جيستائين اسان سنڌين ۾ سجاڳي نٿي اچي تيستائين اسان ۾ سڌارو نٿو اچي سگهي. اسان جا وڏا دشمن پير، سردار، شاهه ۽ خان آهن، انهن مان جان ڇڏايو. سنڌي ٻولي ۾ سائنس ۽ لٽريچر واري ويهڪ ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته اسان سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ رڳو فيسٽيولز ۾ ڳالهايون ٿا پر عملي طور تي ڪم نٿا ڪريون. 19هين صدي کان سنڌي ٻولي ۾ سائنس لٽريچر تي ڪم شروع ٿيو، 1971ع ۾ سنڌ ۾ سنڌ سائنس سوسائٽي جو آغاز ٿيو، سائنس اسان جي زندگي ۾ اڻٽر آهي، ڊاڪٽر امجد سراج چيو ته مادري ٻولي ۾ جيڪڏهن شاگرد کي تعليم ڏجي ٿي ته اهو بهتر پرفارم ڪندو. اوهان ڀلي سائنس سنڌي ۾ رائج ڪري ڇڏيو پر اهو ماڻهو پنهنجي ملڪ کانسواءِ ٻاهر ڪم نه ڪري سگهندو، اسان کي هرو ڀرو انا جو مسئلو نه بڻائڻ گهرجي ۽ انگريزي کي اهميت ڏيڻي پوندي، ميڊيا ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. سنڌي اليڪٽرانڪس ميڊيا جا منفي ۽ مثبت اثر واري ويهڪ ۾ سهيل سانگي چيو ته سنڌي ميڊيا کي جيتري جاءِ ملي آهي ۽ اها جاءِ سنڌي ميڊيا زبردستي ورتي آهي. سنڌي اليڪٽرانڪس ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پوءِ اهو ڪنهن کي پازيٽو ۽ ڪنهن کي نيگيٽو لڳي ٿو. صحافي ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته اسان سڀ ڪنهن هڪ نقطي تي متفق ناهيون پر تنهن هوندي به سنڌي اليڪٽرانڪس ميڊيا جو ڀرپور ڪردار آهي، نظير لغاري چيو ته مجموعي طور تي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اردو ۽ انگريزي ميڊيا کان سنڌي ميڊيا گهڻو اڳتي آهي، سنڌي ميڊيا کي اشتهارن جي حوالي سان جيڪو حصو ملڻ گهرجي اهو نٿو ملي، هن چيو ته اردو ۽ انگريزي ميڊيا کان سنڌي ميڊيا جو وڌيڪ مک ڪردار آهي. ”شيخ اياز عظيم ۽ جديد شاعر“ واري ويهڪ کي ليکڪ اعجاز منگي خطاب ڪندي چيو ته شاهه لطيف شاعر کان وڌيڪ وڏو موسيقار به هو پر ظلم ٿيو آهي ته ان تي ڪنهن به ڪو نه لکيو آهي. اياز لطيف جي روح کي ڏسندو هو ۽ لطيف ۽ شيخ اياز جو وڏي ۾ وڏو ڪمال اهو آهي ته هنن پنهنجن ڪلامن ۾ عالمي معيار کي متعارف ڪرايو، اياز عالمي ادب جو وڏو نالو آهي، جيڪڏهن اياز نه هجي ها ته عالمي ادب کان اسان ڪٽجي وڃون ها، اياز کي پڙهڻ لاءِ ڊڪشنري گهرجي، ان جي ٻولي تمام مشڪل آهي. ”آرڪيالوجي ۽ ڪراچي“ جي ويهڪ کي خطاب ڪندي ليکڪ گل حسن ڪلمتي چيو ته ڪراچي پنهنجي دور کان تاريخي رهيو آهي، ريڙهي مياڻ به ڪنهن وقت ۾ ڪراچي جو بندر هو ۽ اسان ديبل کي ڪو نه ڳولي سگهيا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته ٺٽي جي ڀرسان آهي پر ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پر مون پڙهيو آهي ته ديبل سمنڊ جي ڀرسان هو پر ماڻهو چون ٿا ته ڀنڀور وارو ديبل هو پر مان سمجهان ٿو ته اهو ديبل نه آهي، ڪراچي کي ڪنهن وقت ۾ ريل ذريعي هندوستان سان ملايو ويو هو پر اصل ۾ انهن شين جي مالڪي ڪو نه ٿي رهي آهي.”ٿر جي صورتحال“ موضوع واري ويهڪ کي خطاب ڪندي صحافي سهيل سانگي چيو ته ٿر ۾ ترقي صرف روڊ ٺهڻ جي ئي آهي پر ماڻهن جي روزگار جي حوالي سان ڪا به ترقي ڪو نه ٿي آهي، خليل ڪنڀار چيو ته ٿر ڏڪارن جو ديس آهي، ڏڪار سبب اسان اتان جي وڻن کي به بچائي نه سگهيا آهيون، ڏڪار جو سبب وڻ نه هجڻ آهي.”سماج ۾ لئنگويج انجنيئرنگ جي ڪردار واري ويهڪ ۾ امر فياض ٻرڙو چيو ته لئنگويج انجنيئرنگ ۾ نه صرف هاڻي سنڌي اچي وئي آهي پر اها هاڻي ترجمو به ٿئي ٿي. ان حوالي سان سنڌي ٻولي سمارٽ فون تي اچڻ سان ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي فائدو پهچي رهيو آهي، جنهن ڪري لئنگويج انجنيئرنگ ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪري رهي آهي، شبير ڪنڀار چيو ته سنڌي ٻولي ”يونيڪوڊ“ جي ميمبر ٺاهي، ڇو جو ان جي سالياني فيس 18 لک آهي، سنڌي ٻولي جا 52 اکر يونيڪوڊ تي  ڪيئن آيا آهن؟ اها اسان کي خبر آهي، اسين جيستائين ”يونيڪوڊ“ جا ميمبر نه ٿينداسين تيستائين ٻولي ترقي نه ڪري سگهندي. ”سنڌي شارٽ اسٽوري ۾ نوان لاڙا“ واري ويهڪ ۾ ليکڪ ڊاڪٽر رسول ميمڻ چيو ته 1977ع سنڌي ادب جو يادگار دؤر  هو ۽ سنڌي ڪتاب اُن وقت تمام گهڻا ڇپيا، منهنجي ڪهاڻين ۾ علامتي ڪردار هوندا هئا، ان وقت قومپرستي تمام گهڻي هئي پر مون پنهنجي لکڻين ۾ قومپرستي نه پر ان وقت عام ماڻهن جي ڳالهه ڪئي، هوڏانهن سنڌ لٽريچر فيسٽيول جي چيف ڪوآرڊينيٽر نصير گوپانگ، بخش مهراڻوي ۽ علي آڪاش چيو ته هي هڪ گڏيل ڪوشش آهي، هن ۾ سڀني دوستن جي محنت آهي، هيءُ ميلو هاڻي هر سال منعقد ڪنداسين.