ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) ناليوارو ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ڊراما رائيٽر امر جليل اڄ 80هين سالگرهه ملهائيندو، 8 نومبر 1936ع تي روهڙي ۾ جنم وٺندڙ امر جليل ادب ۾ وڏو نانءُ ڪمايو آهي،شاندار ۽ بيباڪ لکڻين سبب کيس تمام گهڻي شهرت حاصل ٿي آهي، ادبي حلقن توڙي عام ماڻهن ۾ کيس وڏي مڃتا ملي آهي،  امر جليل جي ماءُ سندس نالو عبدالحسين رکيو هو، امر جليل نوابشاهه ۾ رهڻ دوران اديب قمر شهباز جي سنگت ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي لاءِ تخلص امر لکرائڻ ۽ سڏرائڻ پسند ڪيو، امر جليل پهرين ڪهاڻي 18 سالن جي عمر ۾ ”انڌرا“ لکي،  امرجليل جا 25 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ دل جي دنيا، جڏهن مان نه هوندس، رني ڪوٽ جو خزانو، ٽيون وجود، نيٺ گونگي ڳالهايو، اروڙ جو مست، سنڌو منهنجي ساهه ۾، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو، تاريخ جو ڪفن، جيجل منهنجي ماءُ، ادب ۽ سياست، سرد لاش جو سفر، سنڌ نامو، سنڌو بقا ۽ مان فنا آهيان ۽ ٻيا شامل آهن،  اڻ ڇپيل مواد به وڏي تعداد ۾ موجود آهي جڏهن ته هن 8 فلمون به لکيون آهن. هن پهريون اسٽيج اردو ڊرامو انسان لکيو، جيڪو نيشنل ٿيٽرس ڪراچي ۾ 1960ع ۾ اسٽيج ٿيو هو، امر جليل ريڊيو پاڪستان لاءِ ڊرامو درياءَ توتي دانهن به لکيو، جيڪو 1967ع ۾ حيدر  آباد ريڊيو اسٽيشن تان نشر ٿيو، پي ٽي وي لاءِ هن پهريون ڊرامو ”ماءُ“ لکيو، جڏهن ته هن پهرئين فلم نوري ڄام تماچي لاءِ ڊائلاگ لکيا، جيڪا 1968ع ۾ رليز ٿي، هن جو پهريون سنڌي ڪالم ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“هلال پاڪستان ۾ 2 مئي 1972ع تي شايع ٿيو ، هن جو پهريون اردو ڪالم ”ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ“ جي نالي سان هفتيوار الفتح ۾ شايع ٿيو. امر جليل جو چوڻ آهي ته سنڌ جو برو حال سياست ڪيو آهي ۽ اديب جو سياست سان ڪو به واسطو نه آهي، سياست اسان کي نيست نابود ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ کي اجاڙي ڇڏيو آهي.