ڪراچي (ڪلچرل رپورٽر) سنڌي ڊرامن جي سينيئر اداڪاره شبيران چنا جو گهر وارو محمد حسين 65 ورهين جي ڄمار ۾ فالج جي بيماري سبب ڪالهه جناح اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي مڙهه کي اڄ ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مل ايريا بلال ڪالوني جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. مرحوم پويان 2 بيواهون، 6 ڌيئرون ۽ 3 پٽ سوڳوار ڇڏيا آهن. هوڏانهن اداڪاره شبيران جي مڙس جي وفات تي ڪي ٽي اين جي پروگرام مئنيجر نور جوکيو، اسد قريشي، نسرين ناز، منان عباسي، اختر رند، مصطفيٰ ملاح، الاهي بخش چنا، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي اڳواڻن رفيق عيساڻي، عاشق هالائي، حسين قادري، اسرار لغاري ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي. مرحوم محمد حسين پوليس کاتي ۾ ملازم هو ۽ هن چار شاديون ڪيون هيون جن مان 2 گهر واريون اڳ ئي وفات ڪري ويون هيون.