چوھڙجمالي (ن ڪ)1992ع ۾ قائم ٿيل ڇھن ڪمرن تي مشتمل ساحلي پٽي جي ھن اسڪول جا 2 ڪمرا مڪمل زبون حال ٿيڻ سبب بند ڪيا ويا آھن جڏھن ته باقي ڪمرن جي ڇتن جا چاپڙ ڪرڻ سبب اسڪول ايندڙ استادن شاگردن ھر وقت ساھ مٺ ۾ رھي ٿو، اسڪول ۾ پاڻي توڙي بجلي جي ڪا به سھولت موجود نه آھي، ھن اسڪول ۾ سامونڊي پٽي سان تعلق رکندڙ مختلف ڳوٺن جا ڇھين ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين  روزانو چاليھ کان مٿي شاگرد پڙھڻ اچن ٿا پر اسڪول جي بلڊنگ خطرناڪ ھجڻ ۽ ٻيون بنيادي سھولتون نه ھئڻ سبب کين سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، استادن شھاب الدين ميان، حافظ احتشام کٽي، الطاف ميمڻ، ڳوٺاڻن گل محمد دل ۽ ٻين حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ڄاڻايل اسڪول جي فوري طور مرمت ڪرائي بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن.