سيراڻي(ن ڪ)بدين جي ساحلي پٽي واري شهر سيراڻي جي يونين ڪائونسل ڪاڏي قاضيه تعلقي بدين ۾ 1951ع ۾ قائم ٿيل گورنمينٽ پرائمري اسڪول گل محمد ملاح جنهن کي 64 سال گذري چڪا آهن، بلڊنگ اڃا تائين نه ملي سگهي آهي، جڏهن ته هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ٻارڙن کي 64 سال گذري ويا آهن پر اڃا تائين هڪ ڪچي جهوپڙي ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ۽ جڏهن ته هن وقت ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو تعداد 75 کان 80 آهي، جنهن کي گذريل 11 سالن کان هڪ اين سي ايڇ ڊي پاران مقرر ٿيل استاد پڙهائي رهيو آهي، ڪو به سرڪار استاد مقرر ٿيل نه آهي، هتان جي ڳوٺاڻن حسن ملاح، غلام محمد، بابو شڪيل ۽ علي نواز ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان کي سياسي مداخلت جي بنياد تي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، هنن وزيراعليٰ سنڌ، وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسڪول کي بلڊنگ ڏئي سرڪاري استاد مقرر ڪيا وڃن.