سکر( بيورو رپورٽ) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ  جي چيئرمين سيد ذاڪر علي شاھه چيو آهي ته بائيو ميٽرڪ نظام سبب تعليم جي شعبي ۾99 سيڪڙو بهتري آئي آهي، ڪالهه هتي اجلاس ۾ شريڪ آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته اسڪولن ۾ داخل ٻارڙن جي انرولمينٽ موجب صحيح ڊيٽا جمع ڪرائي وڃي ته جيئن ٻارن کي سندن تعداد موجب ڪتاب فراهم ڪري سگهجن، هن ٻڌايو ۽ سنڌ جي ناليوارن اديبن جون تجويزون وٺي سندن مضمون ۽ تصويرون ڪتابن ۾ شامل ڪيون ويون آهن، اسان وس آهر ڪوشش ڪئي آهي ته ڪتابن ۾  غلطي جي ڪا گنجائش نه رهي، اسان پنهنجي قومي ۽ جمهوري هيروز جي ڪردارن کي مضمونن ۾ شامل ڪيو آهي ته جيئن اسان جي نئين نسل کي انهن متعلق آگاهي حاصل رهي، هن ٻڌايو ته سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ غير قانوني ڀرتين متعلق 2500 ڪيس مختلف ڪورٽن ۾ داخل آهن ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ڊي اي اوز کي پابند ڪيو آهي ته اهي غير قانوني ڀرتين جي سلسلي ۾ ڪورٽن ۾ داخل پٽيشن جي جواب ۾ پيراوائيز ڪمينٽس  منظوري کانسواءِ جمع نه ڪرائين، هن وڌيڪ ٻڌايو ته آفيسرن جا پروموشن سندن ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيا ويندا، جڏهن ته سپروائيزر پنهنجي اصل پوسٽ تان پگهار کڻي سگهندا. هن سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي واٽس ايپ گروپ ٺاهين ته جيئن سندن ڪارڪردگي کي مانيٽر ڪندي تعليم کي بهتر ڪري سگهجي. هن ڊي اي اوز کي هدايت ڪندي چيو ته ڪتابن جي گُهرج وقت سر جمع ڪرائي وڃي، جڏهن ته ويئر هائوسز مان پنهنجي ڊمانڊ مطابق ڪتاب وصول ڪيا وڃن، هن چيو ته ويئر هائوس ۾ موجود پراڻن ڪتابن متعلق تفصيل فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهڙن ڪتابن کي نيلام ڪري سگهجي.