سڄيءَ دنيا ۾ عالمي شهرت رکندڙ هي ڪاٺ ڪُٺو انساني صفتون رکندڙ آهي، جنهن کي شاهه بلوط جي وڻ جو ڪاٺ ڪُٺو به سڏيو وڃي ٿو. جنهن کي والٽر لينز اينيميشن اسٽوڊيو 1940ع ۾ پيش ڪيو ۽ چيو وڃي ٿو ته 40ع واري ڏهاڪي کان هن ڪارٽون ڄڻ ٻارن ۽ وڏن جي دلين تي راڄ ڪرڻ شروع ڪيو. والٽر لينز جي پريس ايجنٽ موجب ان ڪردار ٺاهڻ جو خيال لينز کي پنهنجو هني مُون ملهائڻ دوران آيو، جڏهن هن گريسي نالي خاتون سان شادي ڪئي هئي ۽ ڪيليفورنيا جي شيروُڊ ڍنڍ ڪناري ويٺو هو.

شاهه بلوط جي وڻ تي ويٺل هڪ ڪاٺ ڪُٺي سڄي رات ٺڙڪا ڪندي سندن مٿو کاڌو ۽ جڏهن خطرناڪ مينهن شروع ٿيو ته کين خبر پئي ته ان ڪاٺ ڪُٺي وڻن ۾ سوراخ نه پئي ڪيا، بلڪ سندن ڪيبن جي ڇت ۾ سوراخ ڪري ويو هو. والٽر لينز انهي ڪاٺ ڪُٺي کي گولي هڻڻ پئي چاهي، پر سندس زال گريسي کيس روڪيو ۽ چيائين، ”تون انهي جو ڪارٽون ڇو ڪونه ٿو ٺاهي ڇڏين.“ ۽ پوءِ ڄڻ ته ڪارٽونن جي دنيا ۾ هڪ نئين ڪردار جنم وٺي ڇڏيو. هن ڪارٽون جي آواز لاءِ ۽ سندس مخصوص ٽهڪن جي لاءِ مختلف ماڻهن آواز ڏنا، جن ۾ ميل بلانڪ، بَين هارڊوَي، ڊيني ويب، ڪينٽ راجرز، گريس اسٽافورڊ، چيري ڊيوِس، بليويسٽ ۽ ايرڪ ڪيلسو شامل آهن.

هن ڪردار تي ٺهيل فلمون، وڊيو گيمز ۽ سائونڊ ٽريڪس سڄيءَ دنيا ۾ وڏو مقام ماڻي چڪا آهن. جڳ مشهور فلم انڊسٽري هالي وُڊ ’واڪ آف فيم‘ تي کيس هڪ ستارو به ڏنو ويو.