سکر (بيورو رپورٽ) سکر سينٽرل جيل ڀرسان واقع گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول کي جيل انتظاميا خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو، زبون حال عمارت ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور، ان ڏس ۾ سکر سينٽرل جيل ڀرسان جيل ڪالوني ۾ واقع گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جي عمارت جي ڇت جا ڪجهه حصا مختلف وقتن تي ڪرڻ سبب سينٽرل جيل انتظاميا عمارت کي خطرناڪ قرار ڏيندي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ اعليٰ اختيارين کي لکيو آهي، ڄاڻايل اسڪول ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ شاگردياڻيون ۽ معصوم ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن کي پڙهائڻ لاءِ صرف 3 ماسترياڻيون مقرر ٿيل آهن، ان ڏس ۾ اسڪول جي هيڊماسترياڻي اختيار خاتون لاڙڪ ڪاوش کي ٻڌايو ته اسڪول جي حالت خراب آهي، جنهن متعلق پرائمري اسڪول جي ڊائريڪٽر کي لکت ۾ آگاهه ڪرڻ سان گڏ کيس وزٽ پڻ ڪرايو آهي، سي ايم سي فنڊ مان ڪجهه وقت اڳ مرمت پڻ ڪرائي وئي پر اسڪول زبون حال هجڻ سبب مرمت مان ڪو به فائدو ناهي ٿيو .