اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاناما ڪيس کي قوم سان دوکو قرار ڏيندي اڪثريتي فيصلي جي مذمت ڪندي وزيراعظم نواز شريف کان فوري استعيفا جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته عمران خان شهرت ۽ سياست چمڪائڻ لاءِ ڊرامو ڪيو، جنهن جو فائدو نواز شريف کي ٿيو، جيڪڏهن پاڪستان نواز شريف جي هٿ ۾ محفوظ نه آهي ته عمران خان جي هٿ ۾ به محفوظ نه هوندو، پ پ کي ڪڏهن عدالتن مان انصاف ناهي مليو، هن اهڙو اظهار پ پ چيئرمين ۽ پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اڳواڻن جي موجودگي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آهي، آصف علي زرداري چيو ته 9 مهينا جيڪو قوم سان مذاق ٿيندو رهيو، ان جي توڙي پاناما ڪيس فيصلي جي مذمت ڪريان ٿو، باقي ٻن سينيئر ججن جي نقطه نظر کي سلام پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته نواز شريف فوري طور عهدي تان استعيفا ڏئي، اسان جي جدوجهد جاري رهندي، جيتوڻيڪ مون کي خبر آهي، هو استعيفا نه ڏيندو، هن چيو ته ملڪ ۾ 12 هزار ميگاواٽ بجلي کوٽ ۽ پاڻي بحران آهي پر حڪمرانن کي ڪا به پرواهه نه آهي،  اهي پاڻ بچائڻ ۾ پوري آهي، هن چيو ته ملڪ بحران طرف وڃي پيو، هي نااهل حڪومت آهي، ڪهڙي مٺائي ورهائي پئي وڃي، ڇا ان لاءِ ٻن سينيئر ججن نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ چيو آهي، هن چيو ته عمران خان جيڪو غير بالغ سياستدان آهي، جنهن شهرت ۽ سياست چمڪائڻ لاءِ ڊرامو ڪيو، جنهن سان نواز شريف کي فائدو ٿيو، اڄ ملڪ ۽ قانون کي نقصان پهتو آهي، هن چيو ته قوم شاهد آهي ته پ پ کي عدالتن کان ڪڏهن انصاف ناهي مليو، اسان قانوني ماهرن جي فيصلي جو جائزو وٺڻ بعد پنهنجي راءِ ڏيندا رهنداسين، سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته ٽن ججن جو فيصلو غلطي تي ٻڌل آهي، جي آءِ ٽي جو قيام نواز شريف کي نااهل ڪرڻ برابر آهي، انهن ٻن سينيئر ججن جي نواز شريف کي نااهل قرار واري راءِ رد ناهي ڪيو، هن چيو ته آصف زرداري درست چيو ته ٻن ججن جو فيصلو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي، سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته شريف خاندان خلاف ڪڏهن به ڪو عدالتي فيصلو خلاف ناهي آيو، اهو اسان چوندا آيا آهيون، ان موقعي تي آصف زرداري هو ته جڏهن سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف الزام ثابت نه ڪري سگهي ته 19هين گريڊ جا آفيسر سندس خلاف ڪهڙي جاچ ڪندا، ان موقعي تي قمر زمان ڪائره ٻڌايو ته پ پ پاناما ليڪس جاچ لاءِ ڪميشن جي قيام ٽي آر او تيار ڪري پيش ڪيا پر تحريڪ انصاف الڳ ٿي وئي، آصف زرداري هڪ سوال تي چيو ته اڄ گلي گلي ۾ شور آهي، نواز شريف چور آهي، مستقبل ۾ ڪهڙي حڪمت عملي هوندي واري سوال تي آصف علي زرداري چيو ته ڏسنداسين ته ٻيون سياسي جماعتون ڇا ٿيون ڪن، عوام ڇا ٿو ڪري اسان اهو ڏسي ايندڙ حڪمت عملي تيار ڪنداسين، هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف جي هٿ ۾ پاڪستان محفوظ نه آهي، ڇا ڪير 25 هزار ماڻهو روڊن تي آڻي، ان کي ملڪ واڳون ڏئي ڇڏيان، هن چيو ته عمران خان اسان کي ڇڏي ڀڄي ويو ۽ نواز شريف کي فائدو ڏنو، ان کان مايوس آهيان، هن چيو ته بلاول  آئون انشاءُ الله ضمني چونڊن ۾ اينداسين، هن چيو ته آئون نه ججن جي شخصيت ۽ چمڪ جي ڳالهه ڪريان ٿو، باقي فيصلي جي مذمت ڪريان ٿو،  هن چيو ته پ پ اهڙو قدم کڻندي جيڪو قوم جي مفاد ۾ هوندو، نواز شريف کي محسوس ڪرائينداسين ته ملڪ هلائڻ ۾ ناڪام ٿي وئين، ان ڪري استعيفا ڏئي ملڪ جون واڳون ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري، سينيٽر اعتزاز احسن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اڪثريتي فيصلي مان نظريه ضرورت جي بوءِ اچي ٿي، وڪيل تحريڪ هلائيندڙن کي مايوسي ٿي هوندي، اڳ به مايوس ٿياسين، اڄ به مايوس ٿيا آهيون، آصف علي زرداري چيو ته اسان جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن، اسان ته مولانا فضل الرحمان سان  به توقع ڪيان ٿو ته حڪومت ڇڏي اسان وٽ اچي، هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انصاف جو نقصان ٿيو آهي، قوم سان ڌوڪو ڪيو ويو، ڇا 19هين گريڊ جا جي آءِ ٽي ميمبر نواز شريف کي بيان وٺڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرائيندا، يا وزيراعظم هائوس وڃي، بيان وٺندا؟، ٻئي طرف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو قبول ڪرڻ جو اعلان ڪندي جي آءِ ٽي جاچ تائين ميان نواز شريف کان فوري استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پاناما ليڪس حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ بني گالا ۾ عمران خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڀ کان اڳ سپريم ڪورٽ جي ججن کي قوم پاران خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، عدالت جيڪو فيصلو ڏنو پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو فيصلو ناهي آيو، هن چيو ته 5 جج نواز شريف جي رقم منتقل، قطري خط توڙي ٻين وضاحتن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، مطلب نواز شريف ڪوڙ ڳالهايو، هن چيو ته ٻن ججن چيو ته نواز شريف قوم سان ڪوڙ ڳالهايو، انڪري کيس نااهل ڪيو وڃي، هن چيو ته مان مطالبو ٿو ڪيان ته ميان نواز شريف فوري طور استعيفا ڏئي، ان وٽ وزير اعظم رهڻ جو اخلاقي جواز ناهي رهيو، جي آءِ ٽي نواز شريف ڪرمنل جاچ ڪندي جيئن عذير بلوچ کان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ نيب کي ناڪام قرار ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ پاران اعلانيل جي آءِ ٽي ۾ ٻن ايجنسين کانسواءِ باقي ادارا نواز شريف جي ماتحت آهن ته اهي ڪيئن شفاف جاچ ڪندا، هن چيو ته نواز شريف اخلاقي طور استعيفا ڏئي، جيڪڏهن جاچ ۾ صاف ٿئي ته 60 ڏينهن کانپوءِ واپس اچي، هن چيو ته تحريڪ انصاف ڪارڪنن کي جدوجهد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اهي خوشي ملهائين، ڇو ته قطري خط رد ٿي ويو، هاڻي اسحاق ڊار جي مني لانڊرنگ واري اعتراف ۽ شريف خاندان جي ٻين غلط ڪارين جي جاچ ٿيندي، هن چيو ته مون کي سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول آهي، ايتري توهين بعد وزير اعظم جي ڪهڙي عزت بچي آهي، جو اڃا به عهدي تي رهي، هن چيو ته حڪمران جماعت ڪهڙي ڳالهه تي مٺايون پئي ورهائي ته ڇا ٻن سينيئر ججن نواز شريف کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي، اسان شڪر ادا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 60 ڏينهن انتظار ڪنداسين، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق به وزيراعظم جي برطرفي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جي آءِ ٽي پاران ڪلين چٽ ملڻ تائين وزيراعظم عهدي کان علحده ٿئي ۽ پنهنجا اختيار استعمال نه ڪري، هن چيو ته فيصلي ثابت ڪيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن آهي ۽ حڪمران ان ڪرپشن ۾ ملوث آهن، وزيراعظم جا دليل عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيا، هن چيو ته جي آءِ ٽي دهشتگردن جيان وزيراعظم کان جاچ ڪندي، ڪيس ختم نه ٿيو آهي، (ق) ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين به وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 2 ججن فيصلو ڏنو آهي ته وزيراعظم نواز شريف نااهل آهي ۽ هو آرٽيڪل 63 ۽ 52 تي پورو نه ٿو لهي، هن چيو ته جي آءِ ٽي رد ڪريون ٿا، ڪنهن به جج اهو نه چيو آهي ته وزيراعظم صادق ۽ امين آهي، ان ڪري وزيراعظم استعيفا ڏئي، جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿئي، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد به وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو ته هاڻي وڌيڪ 2 مهينا ڪم هلندو.