اسلام آباد (آن لائن) تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ جاچ جي نتيجي ۾ وزيراعظم کي 14 سال قيد جي سزا ملي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شايد نواز ليگ وارن فيصلو پڙهيو ناهي، ان ڪري مٺايون پيا ورهائين، هن چيو ته 18، 19هين ۽ 20هين گريڊ جا آفيسر فيصلو ڪندا ته وزيراعظم کي گرفتار ڪيو وڃي يا گهر موڪليو وڃي، جي آءِ ٽي ۾ الزام ثابت ٿيڻ بعد وزيراعظم 14 سال جيل وڃي سگهي ٿو.