اسلام آباد: ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير چيو آهي ته فيصلو مبهم آهي، اسان کي ڳالهه سمجهه ۾ ناهي آئي، فيصلي جي شروعات ئي ”گاڊ فادر“ سان ڪئي وئي، اميد ته ايندڙ فيصلو چارلي ولين کان شروع ٿيندو، هڪ ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽن ججن جي فيصلي ۾ چيو آهي ته نواز شريف پنهنجو دفاع بهتر نموني نه ڪري سگهيو آهي، معاملي جي باقاعده جاچ ٿيڻ گهرجي.