اسلام آباد: وزيراعظم نواز شريف پاناما ڪيس جو فيصلو وزيراعظم هائوس ۾ ويهي ٽي وي تي ڏٺو، فيصلي اچڻ کانپوءِ پارٽي اڳواڻن وزيراعظم هائوس پهچي نواز شريف کي مبارڪباد ڏني، سندس ڀاءُ شهباز شريف به لاهور مان خصوصي طور فيصلو ٻڌڻ لاءِ اسلام آباد پهتو ۽ نواز شريف کي ڀاڪر پائي مبارڪباد ڏني، وزيراعليٰ پنجاب چيو ته عدالت وزيراعظم نواز شريف جي اصولي موقف جي تائيد ڪئي آهي، شهباز شريف چيو ته ميان نواز شريف اڄ به وزيراعظم آهي ۽ سڀاڻي به وزيراعظم رهندو.