اسلام آباد: عدالت ۾ عمران خان پنهنجي ساٿين جهانگير ترين ۽ ٻين سان گڏ پهتو، وفاقي وزير انوشا رحمان کي دير سان اچڻ باوجود ڪرسي ملي وئي، سندس ڀرسان مذهبي معاملن وارو مملڪتي وزير امين العسنات ڪرسي نه ملڻ سبب بيٺو رهيو، ٻئي وزير لاڳيتو دم درود پڙهندا رهيا، شيري رحمان عدالتي ڪمري مان نڪرندي ئي ماڻهن جي رش ۾ ئي فيصلي تي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو، جسٽس آصف سعيد کوسا فيصلي پڙهڻ کان اڳ ويٺلن کي چيو ته اميد آهي ته فيصلي کانپوءِ نه صرف ڪورٽ ۾ پر ٻاهر به ڊيڪورم جو خيال رکيو ويندو.