لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته پهرين ”انا الله وانا اليه راجعون“ چيو هو، هاڻي باقاعده تدفين ٿي وئي، مهارت جي سرٽيفڪيٽ جي ڪارنهن جي آءِ ٽي جي منهن تي ملي ويندي، سينٽرل ڪور ڪاميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بئنچ جيڪي سوال ورجايا آهن، انهن جا جواب ڏيڻ لاءِ وڪيل عدالت ايندا رهيا، هن چيو ته پاناما فيصلو ان حوالي سان تاريخي آهي جو جنهن درخواست داخل ڪئي اهو به خوش آهي ۽ جنهن خلاف درخواست داخل ڪئي وئي اهي به مٺايون ورهائي رهيا آهن، هڪ سال تائين قوم کي ٽرڪ جي بتيءَ پويان لڳايو ويو، 540 صفحن جي فيصلي جي ڊگهي عرصي تائين تشريح ٿيندي رهندي.