اسلام آباد: جسٽس شيخ عظمت سعيد به الڳ نوٽ لکيو آهي، 40 صفحن تي ٻڌل پنهنجي نوٽ ۾ هن ڪيس ۾ نواز شريف خلاف اڃا تائين  الزام ثابت نه ٿي سگهيا آهن، شڪي حالتن ۾ حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي، معاملي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جاچ ضروري آهي، جڏهن به اعليٰ هنڌن تي ويٺل ماڻهن جا معاملا هجن ته شفاف، اڻ ڌري ۽ اثرائتي جاچ ڪرڻ لاءِ خاص قدم کڻڻ جي ضرورت هوندي آهي، نيب جي ڪردار اسان کي جي آءِ ٽي ڏانهن ڌڪيو آهي، هن ڪيس ۾ جاچ ڪرڻ ضروري آهي ته ڇا وزيراعظم جو ملڪيتن سان سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت ڪو واسطو آهي؟ جن بابت هن نامزدگي فارمن ۾ ذڪر نه ڪيو هو.